سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اٽي جا اگهه گهٽجي ويندا: شوڪت ترين

0
494

ڪراچي(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ڪورونا سبب عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، مهانگائي رڳو پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ وڌي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ڪورونا وبا سبب شين جي پهچ جو نظام متاثر ٿيو، هارين کان ريٽيلر تائين قيمتون مقرر ڪري رهيا آهيون، احساد پروگرام جو ڊيٽا اچي ويو، کنڊ لاءِ ڪيش ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏينداسين ۽  هِن سال مهانگائي جي شرح 8 سيڪڙو تائين هوندي.

هن چيو آهي هت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اٽي جا اگهه گهٽجي ويندا،  ماضي ۾ زراعت جي شعبي تي ڌيان نه ڏنو ويو، اٽو، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي ڪيش سبسڊي ڏينداسين ۽ هن کان اڳ گيس ۽ بجلي تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيندا هئاسين.

شوڪت ترين چيو آهي ته کنڊ في ٽن 430 ڊالر تائين پهچي ويو، غريبن کي وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هلندڙ مهيني ڪامياب پاڪستان پروگرام جو آغاز ڪيو آهي، ماڻهن جي آمدني وڌائڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيون پيا، پوري دنيا ۾ ڪجهه سالن جي دوران قيمتون وڌيون آهن، آءِ ايم ايف ۾ وڃڻ سان روپيي جي قدر گهٽ ٿي.