ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اسپيشن فٽبال ليگ لاليگا ۾ ايٽليٽڪو ميڊرڊ اسپي نيول کي دلچسپ ميچ ۾ 2 هڪ جي اسڪور تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ جي شروعات ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن دلچسپ مقابلو ڪيو پر ايٽليٽڪو ميڊرڊ جي رانديگرن لاڳيتو 2 گول ڪري مخالف ٽيم کي شڪست ڏني. هڪ ٻي ميچ ۾ ويلنشيا اوسوسونا کي آئوٽ ڪلاس ڪندي چار هڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪڊيذ خلاف ريال سوسائيڊيڊ کي 2 گول تان شڪست ڏني.