اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪرڪ مندربابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي، سپريم ڪورٽ ڪرڪ مندر جو تعميراتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري يقيني بڻائي ته تعميراتي ڪم دير جو شڪار نه ٿيندو، عدالت هندو ڪميونٽي کي  تعميراتي ڪم ۾ مداخلت  کان روڪي ڇڏيو   آهي، عدالت جو چوڻ هو ته مندر جو تعميراتي ڪم 6مهينن اندر مڪمل ڪيو وڃي.