سکر (بيورو رپورٽ) چونڊيل نمائندن مٿان ڪتن جي ڏاڙهڻ جي ذميواري ناهي ته پوءِ اُهي علائقن ۾ به نه وڃن، هاڻي ڪنهن به ماڻهو کي ڪُتي ڏاڙهيو ته نقصان ڀرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جو ڪتن جي ڏاڙهڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران حڪم، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته هاڻي ڪوبه ماڻهو ڪتي ڏاڙهڻ سبب مري ويو ته سر جي قيمت ادا ڪئي ويندي، ڪنهن جي اک ضايع ٿي يا ڪو ماڻهو زخمي ٿيو ته اُن جو به نقصان سنڌ سرڪار ادا ڪندي، عدالت ڪُتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن تي حڪومتي رپورٽس کي رد ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته ڪُتن جي ڏاڙهڻ وارا واقعا روڪڻ ايم اين اي يا ايم پي اي جي ذميواري نه آهي، اهو ڪم لوڪل گورنمينٽ جو آهي، عدالت بلديات کاتي جي سيڪريٽري کي ذميواري کڻڻ بابت لکت ۾ بيان جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.