لاهور(شوبز نيوز) داڪارا ماهرا خان چيو آهي ته بارهوان کلاڙي بعد بائيوپڪ ۾ اداڪاري ڪنديس. هڪ انٽرويو دوران ماهرا خان چيو ته منهنجي پروڊڪشن هيٺ ٺهندڙ اڳئين فلم بائيو پڪ هوندي. جنهن ۾ آئون پاڻ اداڪاري ڪنديس. هن چيو ته فلم لاءِ سموري تياري مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ جلد ئي ان تي ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته فلم جي ڪاسٽ بابت في الحال ڪجهه نٿي ٻڌائي سگهان.