اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي لاءِ 4 هزارن کان وڌيڪ اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي، پوليس مختلف رستن کي ڪنٽينر رکي بند ڪيو، جڏهن ته جوڊيشل ڪمپليڪس جي علائقي ۾ لاڳاپيل ماڻهن ۽ صحافين کانسواءِ باقي شهرين جي آمد تي پابندي لڳائي وئي، اسلام آباد ۾ ڪالھه انٽرنيٽ جي رفتار سست رهي، اسلام آباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.