اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان قافلن جي صورت ۾ پهتو، جنهن بعد اسلام آباد جي عدالت ٻاهران ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون، عمران جو قافلو جوڊيشل ڪمپليڪس جي مرڪزي در تي پهچي ويو پر پوليس گاڏي اندر نه ڇڏي، جنهن تي ڪارڪنن زبردستي ڪئي ته پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون شروع ٿي ويون، پوليس پاران لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي ، پوليس جي لٺبازي ۾ شبلي فراز، مراد سعيد ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا ، جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جڏهن ته پوليس مٿان به پٿراءُ ڪيو ويو، شيل فائر ڪيا ويا، پوليس شبلي فراز سوڌو ٻين اڳواڻن کي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، پي ٽي آءِ جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته شبلي فراز کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، عدالت پاران ايس پي کي طلب ڪرڻ تي ڪجهه دير بعد شبلي فراز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته شبلي فراز جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي جنهن بعد کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ڇڪتاڻ دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن 25 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلن ۽ ٻين گاڏين کي باهيون ڏئي ڇڏيون، چڪرين ۾ 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ترجمان پمز اسپتال موجب  35 اهلڪار ۽5 عام شهرين کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ اهلڪارن ۾ ڇڪتاڻ دوران 33 ڄڻا زخمي ٿيا، جن ۾ 3 پوليس آفيسرن سميت 30 اهلڪار زخمي ٿيا آهن.  آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر چيو آھي ته بنا جواز پوليس مٿان پي ٽي آءِ ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو، پوليس مٿان شيلنگ ڪئي وئي آهي ۽ اها نئين ڳالهه آهي ته پوليس مٿان شيل اڇلايا ويا آهن، ڪارڪنن پيٽرول بمن سان به حملا ڪيا، هن چيو ته  پوليس صبر کان ڪم وٺي رهي آهي، پوليس وٽ هٿيار نه آهن. آءِ جي اسلام آباد چيو ته پوليس مٿان آنسو گيس جي شيلنگ ڪئي وئي ان معاملي جي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته شبلي فراز ذريعي سموري ڪوآرڊينيشن ٿي وئي هئي پر پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران پوليس تي پٿراءُ بعد پوليس آنسو گيس جي شيلنگ ڪئي.