سيتا روڊ (ن پ ا) سيتاروڊ شھر ۽ آسپاس واري علائقن ۾ چوپائي مال ۾ مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن، جنهن سبب ڪيترائي  ڍور مري ويا آهن. مالوند ماڻهن جا اجها خالي ٿيڻ لڳا آهن،  ڪيترن ئي علائقن ۾ چوپايو مال مرڻ لڳو آهي پر لائيو اسٽاڪ کاتي جا عملدار بيخبر بڻيل آهن. علائقي واسين وس وارن کان گهرڪندي چيو آهي ته هڪ اسان برسات ۽ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيا آهيون ٻيو وري اسان جو چوپايو مال به بيماري سبب مرڻ لڳو آهي پر هن وقت تائين لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان ڪو  به نوٽيس ناهي ورتو مالوندو ماڻهن اعليٰ عملدارن کان گهرڪندي چيو آهي ته وٽنري ڊاڪٽرن جون ٽيمون ڳوٺن ڏانهن  موڪليون وڃن ۽ جانورن کي ويڪسينيشن ڪئي وڃي ته جئين وڌيڪ جانور مرڻ کان بچي سگهن.