جنگشاهي (ن پ ا) جنگشاهي شھر جي واحد رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي ۾ ڊاڪٽرن سميت دوائن جي کوٽ برقرار آهي، ڪجھ ڏينھن اڳ جنگشاهي ڪوھستان واسين رورل ھيلٿ سينٽر جنگشاهي ۾ ڊاڪٽرن سميت دوائن جي کوٽ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو،جنھن جي برعڪس ڊي ايچ او ٺٽو بجاءِ کوٽ پوري ڪرڻ جي ڊاڪٽر جنيد اصغر کي رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي کان مڪلي سول اسپتال بدلي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ علائقي واسين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي، سياسي سماجي اڳواڻن پير غلام حسين شاھ، حسن علي ڀورو جوکيو، منير بروھي، ڪامريڊ شفيق جوکيو، شاھنواز جوکيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو. هنن مطالبو تہ جبري بدلي ڪيل ڊاڪٽر جنيد اصغر واپس جنگشاھي موڪليو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.