سياسي چالبازين جي بدلجندڙ بازي

0
379
سياسي چالبازين جي بدلجندڙ بازي

 گهڻي گهلاڙي  کان پوءِ خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جون صوبائي اسيمبليون عمران خان جي ارادي مطابق تحليل ٿي ويون. قومي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون استعيفائون پڻ بنا دير جي قبول ڪيون ويون. جيڪي استعيفائون اهو چئي ڪري قبول نه پئي ڪيون ويون ته ميمبر پاڻ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آڏو اچي پنهنجي استعيفا جي تصديق ڪرائين انهن جي پيش ٿيڻ کان بغير باقي رهيل ميمبرن کي ايوان کان ٻاهر ڪرڻ جو رستو وٺرايو ويو. گهڻي وقت تائين اهو ممڪن نظر نه پئي آيو ته ڪو پنجاب جي صوبائي اسيمبلي تحليل ٿي سگهندي جنهن ڪري ڪي پي جي به اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ جو امڪان گهٽ پئي لڳو ڇاڪاڻ ته اها پنجاب جي اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ سان مشروط ٿي چڪي هئي. پنجاب جي سياسي چالن جي هيراڦيرين بعد چوڌرين جي نه چاهڻ جي باوجود پنجاب جي اسيمبلي پٽ پئجي وئي پر انهي جي پٽ پوڻ شرط پاڪستان جي سياست ۾ نيون چالبازيون تيزي سان نمودار ٿيڻ لڳيون. مريم نواز لنڊن مان نئين ذميوارين سان واپس وطن پهتي ته سندس نشاني تي پنج بابن جو ذڪر شروع ٿي ويو. عمران خان جنهن پنهنجي دورِ اقتدار ۾ اهو اعلان ڪيو هو ته سندس بندوق جي نشاني تي آصف علي زرداري آهي هينئر اهو خانصاحب چئي رهيو آهي ته هو آصف علي جي بندوق جي نشاني تي آهي سندس جان کي خطرو آهي. شهباز گل جي گرفتاري واري ٽيلر بعد وڏي عرصي کان پوءِ فواد چوڌري جي گرفتاري عمل ۾ آئي اڃان اهو آزاد مس ٿيو ته وري مٿان شيخ رشيد، جنهن کي ناز هو ته هن جي گرفتاري ماضي جي وفادارين سبب شايد ممڪن نه هجي، سو گرفتار ٿي ويو. ايتري تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾  پنجاب ۽ ڪي پي  جي صوبائي اسيمبلين ۽ پي ٽي آءِ جي مستعفي ٿيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي سيٽن تي وچين مدي واريون چونڊون ٿيڻ جو امڪان گهٽ نظر پيو اچي.

پنجاب ۽ ڪي پي  جي صوبائي اسيمبلين جون جيڪڏهن هن وقت چونڊون ڪرايون وڃن ته آيا اهي اسيمبليون ايندڙ پنجن سالن جي لاءِ هونديون يا موجوده تحليل ٿيل واري بقايا مدي لاءِ؟ جيڪڏهن اهي اسيمبليون چند مهينن جي لاءِ هونديون ته پوءِ ملڪي معاشي صورتحال کي ڏسندي ڪهڙي ضرورت آهي جو ڇهن مهينن جي اندر وري وري انهن اسيمبلين جي ميمبرن جون چونڊون ڪرايون وڃن؟ هڪ ئي وقت مقرر وقت تي سموري ملڪ جي اسيمبلين جون چونڊون ڇو نه ڪرايون وڃن؟ جيڪڏهن هن وقت انهن اسيمبلين جون چونڊون پنجن سالن جي مدي جي لاءِ هونديون ته پوءِ ملڪ جي ٻن صوبائي اسيمبلين جو دورانيو الڳ ۽ ٻن جو الڳ اهو ڪيئن قبول ڪيو ويندو؟ انهن سڀني مونجهارن جي هوندي مٿان وري ملڪ جي اندر تيزي سان وڌندڙ دهشتگردي جي لهر ۽ انهي بعد ڪي پي جي گورنر جو اهو اعلان ڪرڻ ته چونڊن جي تاريخ مخصوص ادارن ۽ ايجنسين جي رضامندي سان ڏنيون وينديون هڪ قسم جو اشارو آهن ته ملڪ، ڪي پي  ۽ پنجاب ۾ چونڊون ڪونه پيون ٿين.

جنهن طريقي سان پي ڊي ايم اچانڪ اقتدار ۾ اچي وئي انهي جو ڪو به امڪان نظر نه پئي آيو پر جڏهن پي ڊي ايم اقتدار ماڻي ورتو ته انهي بعد اهو مشڪل پئي نظر آيو ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي انهي اقتدار مان جلدي هٿ ڪڍندي. هن وقت موجوده حڪومت جنهن طرح جي سياسي چال هلي رهي آهي انهي مان لڳي پيو ته مخالف ۽ مخالفت کي هر طرح سان خاموش ڪرائي موجوده اقتدار کي ڊيگهه وٺرائي ويندي. جيڪڏهن ٿوري وقت ۾ چونڊن جي ٿيڻ جو يقين نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي هجي ها ته اهي ڪنهن به طرح اهڙا ڏکيا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪونه ٿين ها. لڳي ٿو ته آءِ ايم ايف جا ڏکيا فيصلا قبول ڪرڻ جو معاملو هجي يا مخالف جماعت جي قيادت کي ديوار سان لڳائڻ جي رٿا انهي جي پٺيان انهن کي مليل اهو اعتماد آهي جنهن تحت کين يقين آهي ته ايندڙ ڊگهي وقت تائين ملڪ جي اندر اقتدار پيپلزپارٽي  ۽ نواز ليگ جي هٿن ۾ رهندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن چونڊن جي ٿيڻ ۽ انهي جي شفاف هجڻ جو انهن جماعتن کي يقين هجي ها ته هو هر ممڪن اها ڪوشش ڪن ها ته سڀ پاپولر فيصلا ڪن جن سان عوام ۾ سندن مقبوليت وڌي سگهي ۽ مخالف ڌر جي آهستي آهستي شهرت ختم ٿيڻ لڳي. هن وقت جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي انهي ۾ ملڪ جي خراب معيشت جي وڌيڪ بدتر ٿيڻ ۽ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ سميت مخالف ڌر جي مقبوليت ۾ واڌ بعد يقين سان چئي سگهجي تو ته جيڪڏهن ويجهي مستقبل ۾  شفاف چونڊون ٿين ته انهن ٻنهي جماعتن، پي پي ۽ نون ليگ کي شڪست فاش ايندي.

موجوده حالتن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته وڌندڙ دهشتگردي ۽ خراب معيشت جو بهانو بڻائي ڪنهن به طرح چونڊن جي نه ڪرائڻ جا هزارين ڪارڻ بيان ڪيا ويندا، پر اصل ۾ انهي بهانن جي پٺيان اهو معاهدو آهي جنهن تحت پي ڊي ايم اقتدار ۾ انٽري ڪئي آهي. انهن جي اقتدار ۾ واپسي جا مکيه ڪارڻ ٻاهرين قوتن جي مفادن جي ويڙهه آهي. هن خطي ۾ هڪ نئين صفبندي جا جيڪا نقشا چٽيا پيا وڃن انهن ۾ پاڪستان جي اهميت وڌڻ لڳي آهي. آمريڪا 2030ع تائين چين خلاف جنگي رٿابندي جي تياري ڪري رهيو آهي. چين جي وڌندڙ معاشي ۽ عسڪري طاقت جي پيش نظر آمريڪا کي اهو نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن چين انهي طرح سان دنيا جي اندر پنهنجي طاقت وڌائيندو رهيو ته پوءِ هر حال ۾ چين کي ڪٿي روڪڻو پوندو. چين جي هن خطي ۾ وڌندڙ سگھه جو هڪ اهم اتحادي پاڪستان آهي. انهي ڪري اهو لازمي آهي ته پاڪستان پنهنجي مستقبل جي سياسي صفبندي جو ڪهڙو رستو اختيار ڪندو انهي جا اثرات عالمي قوتن جي مستقبل جي رٿابندي تي پوندا. هن وقت پاڪستان جي خراب معيشت کي سهاري جي لاءِ ڊالرن جي ضرورت آهي پاڪستان وٽ ڊالرن جي آمد جو وسيلو يا ته ڪا عالمي امداد بنجي سگهي ٿي يا عالمي بئنڪ جو قرض. باقي ڪاروباري ۽ صنعتي آمدني جي رستي ڊالر جي آمد بنهه ناممڪن بڻجي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي هن وقت برآمدي پيداوار جي شرح مڪمل طور هيٺ ڪري پئي آهي. هن سال ڪپهه جي فصل جي پيداوار جي واضح کوٽ بعد ڪپڙي جي صنعت مان ايندڙ ڊالر جي اميد گهٽجڻ سان گڏوگڏ ٻاهران ڪپهه گهرائي ملڪي صنعت کي جاري رکڻ لاءِ واڌو ڊالر جي ٻاهر وڃڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. جن ملڪن جي معيشت ۽ سياست ۾ استحڪام نه هوندو آهي انهن ملڪن جي جاگرافيائي سرحدن جي اهميت کي عالمي قوتون پنهنجي قومي مفادن جي لاءِ آساني سان استعمال ڪري سگهنديون آهن. هن وقت پاڪستان ۾ به ايئن لڳي پيو ته جيڪا معاشي ۽ سياسي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي انهي جي پٺيان انهن عالمي قوتن جي پنهنجي قومي مفادن جي صفبندي جي لاءِ راهه هموار ڪرڻ جو هڪ رستو آهي. ايندڙ وقت ۾ يقينن صورتحال اڃان وڌيڪ واضح ٿي ويندي جڏهن پاڪستان جي اندر چونڊن جي  ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جي خبر پوندي.