جر ۾ ڦوٽو جيئن……!!

0
210
صحيح موقف: غلط ماڻھو

“کير وارن ڏندن سان

جبل ٽڪڻ ھليو آن

اي احمق! ڇا خواب ڏسڻ لاءِ

رات ڪافي ناھي؟”

 اوڀر يورپ جي حسين شاعر جا ذھين ٻول ان مھل ذھن ۾ ٻري اٿيا، جڏھن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پنھنجي منٿن ميارن واري تقرير کان پوءِ اھو اعلان ڪيو تھ“ھاڻي ڪارڪن جيل ڀريو تحريڪ جي تياري ڪن”

                 عمران خان جيڪڏھن پنھنجا غبارن جھڙا ڀريل جلسا ڏسي سمجھي ٿو تھ ھن جي سڏ تي زنجيرن جا ڇڻڪاٽ ٿيندا ۽ قيدخانن مان پي ٽي آءِ جا ترانا گونجندا محسوس ٿيندا تھ اھو ھن جي دماغ جو دوکو آھي.

                 عمران خان کي سمجھڻ گھرجي تھ جلسو جسلو آھي ۽ جيل جيل آھي. جلسي ۾ وڃڻ. جھنڊو جھولائڻ. ٺينگ ٽپا ڏيڻ. ميڊيا تي اچڻ. سيلفيون ٺاھڻ ۽ ھوڪارا ڪرڻ کان پوءِ موٽي گھر اچڻ ۽ سوشل ميڊيا جي ڪوپ ۾ طوفان پيدا ڪرڻ الڳ آھي. جڏھن ورديءَ وارن جي ھٿن ۾ پنھنجا ھٿ ڏيڻ. نازڪ ويڻن ۾ ھٿڪڙيون وجھرائڻ. گھلجي قيدين واري گاڏيءَ جي سخت سيٽ تي ويھڻ. جيل جي ماڙيءَ مان گذرڻ. جيل جي فرش تي ويھڻ. سامھون سيخون ڏسڻ ۽ پوليس جي مخصوص مھمانيءَ کان ڊڄڻ ۽ رات دير تائين عجيب غريب آواز ٻڌڻ ۽ صبح تائين ننڊ نھ اچڻ. ھڪ مھيني جيان ھڪ ڏينھن جو گذرڻ. وري ساڳيا منحوس پاڇا ڏسڻ ۽ ساڳيون ورديون. ساڳيون شيخون ۽ بدبودار باٿ روم ۽ ٿڌا پاڻي! ان ڪيفيت ۾ گھر جا سک ياد اچڻ. بار بار پنھنجي موبائل فون کي مس ڪرڻ ۽ ڪنھن ڪنھن کي ياد ڪري روئڻ!!

۽ ان کان بھ گھڻو ڪجھھ وڌيڪ ھوندو آھي، جيل! جيل جلسو ناھي. جيل جيل آھي. جيل ويل آھي. جيل جو تصور الڳ آھي. جيل جي حقيقت ٻي شيءَ ھوندي آھي. جيلن ۾ صرف سخت جان انسان ئي جالي سگھن ٿا. جيل فقط ھڪ جاءِ نھ ھوندو آھي. جيل ھڪ حالت ھوندي آھي. جيل ھڪ ڪيفيت ھوندو آھي. جيلن ۾ يا تھ تمام ڪٺور ڪرمنل سڪون سان سمھي سگھندا يا انتھائي ڪميٽيڊ ۽ بيحد نظرياتي سياسي دماغ ۽ اھي دليون جيڪي تاريخ جي ردم تي پنھنجي عوام جي دلين سان گڏ ڌڙڪنديون آھن.

جيلن ۾ لکيل ڊائرين يا جيلن جي حوالي سان تحرير ٿيل ڪتابن کي پڙھندي اھا پروڙ پوي ٿي تھ جيل ۽ قيديءَ جي وچ ۾ ھڪ عجيب رشتو ھوندو آھي. جيل پنھنجي سموري وحشت ۽ دھشت سان قيديءَ کي قابو ڪري ھن جي اندر ۾ موجود انسان کي فتح ڪري، ھن کي مغلوب بڻائي، ھن کي پنھنجو غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ قيدي جيل کي پنھنجي جذبي سان شڪست ڏيڻ جي داخلي جدوجھد ڪندو آھي.

عمران خان جي پارٽي نھ تھ ڪميونسٽ پارٽي آھي ۽ نھ وري انڊين نيشنل ڪانگريس آھي. اھا تھ ذوالفقار علي ڀٽو جي حياتيءَ واري پيپلز پارٽي بھ ناھي، جنھن ۾ جيالا جيلن سان جھيڙا ڪندا رھندا ھئا. ھڪ اڌ ھفتي يا ٻن چئن ڏينھن جو سرڪاري مھمان ٿي پاڻ کي نيلسن منڊيلا سڏائڻ ايئن آھي، جيئن شيخ اياز لکيو آھي تھ “جڏھن ماڪوڙو پنھنجي راھه تي ويندو آھي تھ ھو پاڻ کي سڪندر کان وڏو فاتح سمجھندو آھي”

عمران خان، عمران خان آھي. ھو ڪو پاڪستاني گانڌي ناھي. ھو پاڻ ئي جيلن ۾ جالي نھ ٿو سگھي تھ ھن جا ڪارڪن قيدخانن جا فاتح ڪيئن ٿا ٿي سگھن. عمران خان جي حوالي سان ھن جا جذباتي پرستار ڪجھھ بھ سوچي سگھن ٿا. ڇو تھ سوچڻ جي سلسلي ۾ ڪنھن کي بھ حقيقت جو پابند بڻائي نھ ٿو سگھجي. ڪنھن جا ڪھڙا بھ سپنا ٿي سگھن ٿا ۽ ڪوئي ڪھڙيون بھ فينٽسيز (Fantasies) جي مھڪيل ماحول ۾ رھي سگھي ٿو. پر عمران خان ھڪ عملي ماڻھو آھي. ھن کي معلوم آھي تھ ھن جا ڪارڪن پٽ جا گڏا آھن. اھي ريشمي راحتن جا پاليل ماڻھو آھن. ھو انگريزيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف وڏا بيان ڏئي سگھن ٿا. ھو پشتو ۾ عمران خان جا گيت ڳائي سگھن ٿا. ھو نچي سگھن ٿا. ھو ڪڏي سگھن ٿا. ھو پوري رات جاڳي ۽ جاڳائي سگھن ٿا. پر ھو جيلن ۾ جالي نھ ٿا سگھن. جيل ھڪ ڪٺور ۽ سخت سچائيءَ جو نالو آھي. جيلن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪرڻ ۽ جيلن ۾ ڪجھھ پل گذارڻ ٻھ الڳ تجربا آھن. اھو ئي سبب آھي تھ باھه ۽ طوفان ڀري تقرير ڪندڙ ۽ خون جو نديون وھائڻ جون ھامون ھڻندڙ شيخ رشيد جڏھن ٻه ڏينھن سرڪاري مھمان رھيو تھ ھو ميل جي ٻانگي مان برسات ۾ ڀڳل جھرڪي بڻجي ويو. ساڳيو حال اسان کي فواد چوڌريءَ جو بھ نظر آيو ۽ شھباز گل تھ گھوڙا گھوڙا ڪري پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ڊرامن تي ڊراما ڪندو رھيو. جڏھن عمران خان جا ڪنڌار ڪرڙين وانگر لڇندا ھجن تھ انھن ڪارڪنن جو ڇا ٿيندو؟ جيڪي ڪڏھن ڪنھن دوست ۽ مٽ مائٽ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ بھ جيل نھ ويا آھن. جن جيلن کي صرف نيٽ فلڪس (Netflix) جي شوز ۾ ڏٺو آھي. انھن کي ڇا معلوم تھ جيل جھنم کان وڌيڪ ھوندو آھي. انھن کي ڪھڙي ڪل تھ زنجير صرف جسمن کي نھ وقت جي وجود کي بھ ويڙھي ويندا آھن. جيلن ۾ وقت بيھجي ويندو آھي. وقت جو بيھجي وڃڻ ھڪ ذھني اذيت جو نالو آھي.

عمران خان ڪجھھ نھ مان گھڻو ڪجھھ حاصل ڪندڙ پاڪستان جو غيرمعمولي سياسي اڳواڻ ثابت ٿيو آھي. ھڪ اھڙو شخص جنھن جو سياست سان ڪو رشتو ناتو نھ ھجي. جنھن جو ڪنھن بھ سياسي پارٽيءَ سان ڪو تعلق نھ ھجي. جنھن زندگيءَ ۾ ڪا تقرير تھ ڇا پر ڪو سياسي نعرو بھ نھ ھنيو ھجي. اھو شخص ھڪ سياسي پارٽي ٺاھي ۽ اھا سياسي پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي بڻجي وڃي. اھو ڪم نھ پر اھو ڪارنامو آھي. عمران خان جي ان حاصلات نھ مڃڻ حقيقت کان منھن ڦيرائڻ جي مترداف ھوندو. عمران خان جيڪا نئين قسم جي رونشي ڪڏي سياست متعارف ڪرائي، ھاڻي ھر پارٽي ھن جي سياسي ڪلچر کي عملي طور تي قبول ڪري ٿي. ان حد تائين جو جماعت اسلامي بھ عمران خان جي رونشائي سياست جا گر استعمال ڪرڻ ۾ عيب نھ ٿي سمجھي. عمران خان جو صرف اھو ڪارنامو ناھي تھ ھن سياسي جلسن ۾ پنھنجي تعريف وارا گيت متعارف ڪرايا ۽ ھن ڊي جي بٽ کي ھڪ ڪامياب روزگار سان لڳايو. ھن جو اھو ڪارنامو بھ وڏو ناھي تھ ھن سياسي جلسن جي ميوزڪ ڪنسرٽس جو روپ ڏنو پر ھن جو اھو وڏو ڪارنامو آھي تھ پاڪستان جي تمام گھڻين عورتن کي سياست ۾ سرگرم ڪيو. عمران خان کان اڳ ۾ ڪنھن بھ پارٽيءَ ايتري تعداد ۾ عورتن کي سياسي طور تي سرگرم نھ ڪيو. خاص طور تي اھي عورتون جن جو سياست سان ڪو رشتو ناتو نھ ھجي. اھي عورتون جيڪي مڊل ڪلاس جي بھ بنھھ پيٽي بورجوا طبقي سان تعلق رکنديون ھيون. انھن ۾ سياسي سرت پيدا ڪرڻ ۽ انھن ۾ سياسي اظھار جو آرٽ اڀارڻ بنھھ انوکو ڪم ھو ۽ ھن جو ٻيو ڪارنامو اھو آھي تھ ھن برگر ڪلاس جي نوجوانن تي پاڪستان جي سياست جو بار رکيو ۽ ھو کڻي بھ ويا. اھڙن نازڪ ۽ نخريلن ماڻھن مان سياسي سگھھ ٺاھڻ تي عمران خان کي عالمي انعام سان تھ نوازي سگھجي ٿو پر ھن جي ان دعويٰ کي قبول ڪري نھ ٿو سگھجي تھ ھو پنھنجي پارٽيءَ کان “جيل ڀريو تحريڪ” ھلرائيندو ۽ ھن ملڪ جي جيلن جو اھو حشر ٿيندو، جھڙو حشر آمر ضياءَ جي دور ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران ٿيو ھو.

ايم آر ڊيءَ جو نئون جنم نھ صرف مشڪل آھي پر عمران خان جي صورت ۾ تھ اھو بنھھ ناممڪن آھي. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ صرف ھڪ تحريڪ اھڙي ھئي، جن ۾ جيل کٽي ويا ھئا ۽ قيدي وڌي ويا ھئا. اھا تحريڪ ايم آر ڊيءَ واري ھئي ۽ اھو بھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ صرف پيپلز پارٽيءَ جي مرھون منت نھ ھئي. پيپلز پارٽي ايم آر ڊيءَ جي مھڙ واري جماعت ضرور ھئي پر ان تحريڪ ۾ اصل روح کاٻي ڌر جي انھن پارٽين جو ھو، جيڪي پيپلز پارٽيءَ کي ھڪ طرح سان سياسي عمل ۾کنڀي کڻي ويا ھئا. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت تھ ايم آر ڊي جي تحريڪ جو اعلان ڪري واپسيءَ جي واٽ وٺڻ جا جتن ڪري رھي ھئي. اھا ٻي ڳالھھ ھئي تھ ايم آر ڊي ۾ جنرل ضياءَ جو جيڪو بدبودار آمر وارو وجود ھو، ان جي جبر خلاف ماڻھن ۾ جيڪا ڪاوڙ ھئي، اھا بي قابو بڻجي وئي. ايم آر ڊي عوامي طوفان جو نالو ھئي. اھا ايم آر ڊي ھئي، جنھن ۾ جيل نظرياتي ۽ علمي سياست جا ادارا بڻجي ويا ھئا.

انگريزيءَ ۾ چوندا آھن تھ“اڪيلو ھنج بسنت جي رت پيدا ڪري نھ ٿو سگھي” عمران خان تھ سياست جي چڙيا گھر جو ھنس بھ ناھي. ھو تھ ھٿ جي پاليل اھا بلبل آھي، جنھن کي ريشمي ڏوري ۽ چھنب ۾ مٺو مائو گھرجي. عمران خان ۽ ھن جي پارٽي جيل ڀريو تحريڪ جي ھڪ سٽ بھ سھي نھ ٿي سگھي. ڇو تھ ھن ۾ اھا سگھھ ئي ناھي. ھيءَ پارٽي ان مٽيءَ مان جڙي ئي ناھي، جنھن ۾ اھڙي مڻيا ھجي.

تاريخ ۾ ڪڏھن ڪڏھن اھو بھ ٿيو آھي تھ جيڪو ڪردار ڪوئي ادا نھ ڪرڻ چاھيندو آھي، تڏھن بھ تاريخ جون سرڪش حالتون ھن کي ان ڪردار ادا ڪرڻ جي راھھ تي وٺي اينديون آھن. صرف ان ھڪ امڪان کي اک ۾ رکي جيڪڏھن ھڪ پل جي لاءِ سوچجي تھ عمران خان جيل ڀريو تحريڪ ھلائڻ جو ايڊوينچر (Adventure) ڪري ٿو تھ ھن کي اھا غلطيءَ سان اھو صحيح ڪم ضرور ڪرڻ کپي. ان سان ھڪ تھ ملڪي سياست ۾ ڪجھھ عملي سنجيدگيءَ جا آثار پيدا ٿيندا ۽ ٻيو تھ بار بار پنھنجي پارٽيءَ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي چوندڙ عمران خان جي مٿان اھا حقيقت بھ عيان ٿئي تھ “معيار” ۽ “مقدار” جي وچ ۾ ڪھڙو فرق ھوندو آھي. عمران خان وٽ مقدار جي حوالي سان سياسي سگھه آھي پر ان مقدر ۾ اھو معيار ناھي، جيڪو سياست جي راھھ جون سختيون سھي سگھي.

عمران خان ھن مھل تائين ھڪ مخصوص جرڦوٽي ۾ جاليو آھي. ان پاڻيءَ جي ڦوٽي ۾ رھي ڪوئي ڪھڙي بھ فينٽسي سوچي سگھي ٿو. عمران خان جو جيل ڀريو تحريڪ وارو اعلان ھن جي ھڪ اھڙي فينٽسي آھي، جيڪا جرڦوٽي ۾ رھندڙ شخص ايئن سوچي سگھي ٿو، جيئن آفيم واپريندڙ انگريزي ٻوليءَ جي عظيم شاعر ڪالرج پنھنجي جڳ مشھور نظم “ڪرسٽابيل” ۾ سوچيو ھو.