اٽي لپ لاءِ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور

0
201
موجوده حڪمرانن جو ‘طريقهء واردات’ به ساڳيو ئي آهي

حالت اتي اچي پهتي آهي جو اٽي لپ وٺڻ جيترا پئسا نه هئڻ ڪري ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن،روزگار نه لڳڻ ڪري ماڻهو پنهنجي حياتي تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ٿو وڃي.اڃا به حالتون انسان کي ڪيڏانهن وٺي وڃن ان جو ڪو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ڇاڪاڻ ته ويجهڙ ۾ ڪي معاشي بهتري جا آثار نظر اچن ان جو پري پري تائين ڪو امڪان ڪونهي، اڃا به حالتون خرابي طرف ويندي نظر اچي رهيون آهن جن لاءِ حڪومت پاڻ بنياد مهيا ڪري رهي آهي ۽ آءِ ايم ايف جا شرط مڃي وڌيڪ مهانگائي ڪرڻ، عوام تي ٽيڪسن جو بار وجهڻ جي حامي ڀري رهي آهي.انهي کانپوءِ عام ماڻهو جو گذارو ڪيئن ٿيندو اهو سوچي ئي هنيانءُ ۾ هٿ ٿا پون. ڇاڪاڻ ته هنن حالتن ۾ ئي جڏهن بک،بيروزگاري سبب خودڪشي جون خبرون عام آهن ته وڌيڪ مهانگائي ۽ بيروزگاري کانپوءِ ڇا ٿيندو ؟

روزاني “پنهنجي اخبار” ۾ پهرين صفحي تي ٻه خبرون گڏ ڇپيل آهن، هڪڙي خبر راڄوخاناڻي جي آهي ته ٻي خبر  ڪڙيو گهنور جي آهي ٻئي خودڪشي جون خبرون آهن پر انهن جو بنياد اها مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي جنهن مان مايوس ٿي انهن ٻن پورهيتن خودڪش ڪئي.ڪڙيو گهنور جي خبر آهي ته وارڊ نمبر 5 جي رھواسي 45 ورهين جي احمد عرف ڪانڊو پهنور مبينا طور بک بدحالي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي وڻ ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو. آپگهات ڪندڙ ڦٽو رڪشا ھلائيندڙهو. بيروزگاري ۽ قرضين کان تنگ هو. جڏهن ته سندس ڀاءُ اڪبر جو چوڻ آهي ته ڀاءُ ڪافي وقت کان پريشان ھو. ھن کي قرضين  ڏاڍو تنگ ڪري ڇڏيو هو، هن قرضين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي، انهي خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته علائقي ۾ هڪ هفتي دوران، 3 ڄڻن بک ۽ بيروزگاري سبب خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. جن مان 2 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا ، ۽ هڪ ڄڻي جي زندگي بچائي ويئي، سڀني جو ڪارڻ بک ۽ بيروزگاري ٻڌايو ويو. هوڏانهن راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ چترو ڪولھي جي 35 سالن جي پورھيت ٻن ٻارن جي پي لوجي بجاڻو پٽ ڏيوو بجاڻو پنهنجي گھرن ڀرسان ڪمند جي فصل ۾ بيٺل وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاسي کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. سندس مائٽن لاش ٽنگيل ڏسي راڄوخاناڻي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن پھچي لاش راجوخاناڻي اسپتال پهچايو، وارثن اسپتال ٻاھران ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گھر ۾ اٽو ڪونه ھو سڄو ڏينهن مزدوري ڪرڻ کانپوءِ به ٻه ٽي سئو مس ملندا ھئا سندس زال ۽ ماءُ کيس گھر جو وکر وٺي اچڻ لاءِ چيو پر  پئسا نه هئڻ ڪري هن آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. هي ٻه خودڪشين جا واقعا ۽ انهي کان اڳ ۾ ٿيل اهڙا واقعا اسان جي حالتن جو اولڙو آهن جن کي اڄڪلهه پورهيت ۽ مزدور منهن ڏئي رهيا آهن ته مهانگائي ،بيروزگاري ۽ بک ماڻهن کي ڪهڙين حالتن ۾ پهچايو آهي جتي هو  پنهنجي ٻچن ۽ خاندان جي بک واري تڪليف   ڏسي  نه ٿا سگهن ۽ پنهنجي حياتي تان هٿ کڻڻ سولو ٿو لڳي.جڏهن ته حڪومت انهن حالتن کي سڌارڻ بدران وڌيڪ عالمي ادارن جي شرط تي اهڙن ماڻهن تي وڌيڪ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪي بک جو بار ئي برداشت نه ٿا ڪري سگهن.حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي وڌيڪ 300 ارب رپين جو ٽيڪس اوڳاڙڻ لاءِ مني بجيٽ آڻڻ جي تياري ۾ آهي جنهن سان مهانگائي جو اهڙو طوفان ايندو جيڪو اهڙين خودڪشين ۾ واڌ جو سبب بڻبو.

اسان سمجهون ٿا ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن جي جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪري رهي آهي ۽ حڪومت وري عوام جو ڀرجهلو ٿيڻ بدران انهن جي راهن ۾ وڌيڪ ڪنڊا پوکي رهي آهي.عوام ته هاڻي انهن حالتن تي اچي پهتي آهي جو انهي حڪومت مان ڪنهن چڱائي يا بهتري جي اميد رکڻ ئي ڇڏي ڏني آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي ماڻهو ٻيو سڀ ڪجهه سهائي ويٺا آهن بس چاهين ٿا ته کين ۽ انهن جي ٻچن لاءِ ٻن ويلن تي رکي ماني جا ٻه گرهه ملن ته به اها غنيمت ڀائيندا. ڇاڪاڻ ته مٿيان ٻه واقعا ٻڌائي رهيا آهن ته ماڻهن لاءِ اٽي لپ وٺڻ به ڪيڏو مشڪل ٿي ويو آهي نه ته حياتي جهڙي شيءَ قربان ڪرڻ ايڏي سولي ناهي.