سوال/سروي عمران خان جي ڪارڪردگي خراب قرار، ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ٿي سگهي ٿو: عوام

0
200
سوال/سروي عمران خان جي ڪارڪردگي خراب قرار، ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ٿي سگهي ٿو: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جي واپسي لاءِ رستا ڪڍيا پيا وڃن، سندس سزا ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن: وزيراعظم عمران خان جي اھڙي بيان کي اوھان ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران حڪومت مٿان شفقت جو هٿ گهٽجي ويو آهي، پنھنجي ڪارڪردگي سان پنھنجو پاڻ خوف ٿيو اٿس، تڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو، عمران حڪومت جي ڪارڪردگي به ٺيڪ ناهي، ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ئي ٿي سگهي ٿو،

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شنڪر باغي لکيو ته هتي عوام جي مرضي سان ڪوبه حڪومت ۾ نه آيو آھي ۽نه ئي اچڻ جا امڪان آھن پوءِ اهي پ پ وارا هجن يا نواز ليگ وارا، عوام صرف سستائي ۽ قانون جي حڪمراني چاهي ٿو اهو ڪير به ڪري، محمد حنيف لکيو ته ڊيل ٿي هوندي تڏهن ڪيس ختم ۽ واپسي جون ڳالهيون هلن پيون،  لڳي پيو سياسي مـنظرنامو تبديل ٿيڻ وارو آهي، طارق راڄپر لکيو ته پاڪستان کي صرف نواز شريف ئي سنڀالي سگهي ٿو ڇو ته نواز شريف ئي غريب عوام جو درد سمجهي ٿو عمران خان کي هاڻي جيڏانهن ڪيڏانهن نواز شريف ئي سامهون ايندو، نياز ڪلوئي لکيو ته بلڪل اھا ڳالهه حقيقت ھوندي، سمير احمد لکيو ته عمران خان جو چوڻ صحيح آهي. نواز شريف به پاڪستان جو ليڊر آهي. ڀلي اچي اليڪشن ۾ حصو وٺي.

احمد رند لکيو ته هاڻي ڪجهه نه ڪجهه خواب ڏسي پيو، اسلم گوپانگ لکيو ته عمران خان کي خبر آهي ته ملڪي معيشت تباهه ٿي چڪي آھي ھاڻي ڀڄڻ واري ڪندو، خادم گهراڻو لکيو ته نواز شريف جي وزير اعظم سزا معاف ڪندو سندس سزا ختم ڪرڻ لاءِ اهڙو طريقو ڪڍندو جو سڀ ڪيس ختم ٿيندا، مسرور کهڙو لکيو ته عمران خان جي بيانن مان لڳي ٿو ته ھاڻي مٿس شفقت جو ھٿ ناهي رهيو، گل حسن شر لکيو ته لڳي ٿو فيصلو ٿي چڪو آھي جيڪو کيس ٻڌايو ويو آھي ھاڻي کيس شايد نو لفٽ آھي تڏھن ڳالھائڻ شروع ڪيو اٿس ڪي پي ڪي واري بلدياتي چونڊن جا نتيجا ته رڳو ٽيزر ھئا اڃا پوري فلم باقي آھي، سارنگ منير سومرو لکيو ته نواز شريف جي واپسي جا رستا ان ڳالهه جو ثبوت آھن ته وزير اعظم نا اھل ۽ نواز شريف اھل آھي جنهن جي ملڪ کي ضرورت آھي، اياز چانڊيو لکيو ته لڳي ٿو ته هاڻي وري ميان نواز شريف جو مستقبل بهتري جي طرف پيو وڃي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي،

لال محمد رند لکيو ته تبديلي سرڪار جو هاڻ ملڪ مان خاتمو ٿي چڪو آھي نواز شريف بلڪل وطن واپس اچي پيو ۽ ٻيهر وزيراعظم پڻ ٿيندو، شرف الدين ڪيريو لکيو ته نواز شريف ملڪ ۾ ايندو ۽ عمران حڪومت کان پوءِ سندس مستقبل بھتر آهي حڪومت ڪرڻ کان ڪجهه مھينا اڳ ئي سزائون معاف ٿي وينديون، وري شايد حڪومت ۾ به اچي، عزيزالله شر لکيو ته ڪيس ڪير معاف پيو ڪري،  جنيد جمالي لکيو ته الله ڪري ائين ئي ٿئي، نواز شريف بهترين ليڊر آھي، گڊگورننس ۽ امن امان جو سهرو نواز شريف تي آھي، محمد حنيف لکيو ته لاڙڪاڻي ۽لاهور جو فرق نظر اچي پيو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ائين ٿيڻو آھي پي ٽي آئي جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ عمران کي ڪوئي چنگچي به ڊائيوري ۾ نه ڏيندو جيڪا ھن ملڪ جي عوام سان حالت ڪئي آھي، مظفر بوزداري لکيو ته تبديلي اچي پئي وزيراعظم ناڪام ٿي چڪو آهي،  جاويد احمد لکيو ته وزيراعظم خبردار ڪيو آهي ته هاڻ ايئن نه ٿيندو جيئن ماضي ۾ ٿيندو آهي،

اويس سونو خان راڄپر لکيو ته حڪومت نواز شريف کي ملندي،  مجاهد رند لکيو ته پنھنجي ڪارڪردگي سان پنھنجو پاڻ خوف ٿيو اٿس. غلام نبي بلوچ لکيو ته ايترو جلدي معافي وارو مسئلو نه ٿيندو مڪيش ڀوراڻي لکيو ته ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ٿيندو، عثمان پنهور لکيو ته خبر پئجي وئي اٿس ڪم تمام ٿي ويو آھي، شوڪت علي درس لکيو ته ڪجهه به نه ٿيندو، حاجي محمد جھاڳورو لکيو ته آساني سان نواز شريف جي جان ڪون ڇٽندي، حميد تنيو لکيو ته عمران خان کي هلائيندڙ ڀرپور ڪوشش ڪندا ته نواز شريف کي گڏ کڻي هلجي ۽ ان کي راضي ڪجي پر نواز شريف في الحال ته اينٽي اسٽيبلشمينٽ ٿي بيٺو آهي اڳتي ڏسجي ڇا پيو ٿئي. حماد ڪنڀر لکيو ته نواز شريف کي پاڪستان واپس آڻڻ لاءِ راھه هموار ڪئِي پئِي وڃي ۽ نواز کي اچڻ به کپي ڇو ته هِن وقت ملڪ کي سندس جهڙي تجربيڪار ۽ ذهين سياستدان جي ضرورت آھي.نواز پاڪستان ايندو ۽ وري وزيراعظم ٿيندو، واحد بخش لکيو ته نواز شريف عوام جي خدمت ڪئي آهي. ڊاڪٽر خليق الزمان لکيو ته انهي جو مطلب آهي ته عمران حڪومت مٿان شفقت جو هٿ گهٽجي ويو آهي، راشد الطاف لکيو ته عمران خان کي هاڻ ڀئو ٿئي ٿو ته متان لاهي ڇڏن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ائين ٿيڻ کپي،

نجف بلوچ لکيو ته سڀ ڪم اسٽبلشمينٽ جا آهن، غلام نبي جاڙو لکيو ته ويلڪم نواز شريف، اياز صالح پليجو لکيو ته ڪي پي ڪي جي بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي اي جي بدترين شڪست مان عمران خان سمجهي ويو آھي ته ھاڻ اصل مالڪن جو رخ نواز شريف جي حمايت طرف وڃي رھيو آھي، مسڪين شاهاڻي لکيو ته نواز شريف عوام جي خدمت ڪئي آهي، نثار لغاري لکيو ته لڳي ٿو ته تمام اهم تبديليون اچڻ واريون آھن ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻڏي چڪو آھي هاڻ ڪا قومي حڪومت ٺاهيندا نوازشريف راضي نه پيو ٿئي، محمد سعيد چانڊيو لکيو ته پاڪستان کي صرف نواز شريف ئي سنڀالي سگهي ٿو، وزير پنهور لکيو ته نواز شريف ملڪ ۾ ايندو ۽ عمران حڪومت کان پوءِ سندس مستقبل بھتر آهي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته انهي جو مطلب ته هاڻي هنن جا هنڌ بسترا ٻڌڻ جو وارو اچي ويو آهي، بجار خان جعفري لکيو ته بلڪل نواز شريف اھل آھي انهي جي ضرورت آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته عمران خان جي ڳالهه ۾ وزن آهي، الطاف حسين لکيو ته ڪم ڪري ويو نواز،  عابد شر لکيو ته گڏ اهو به چيو اٿائين نواز شريف کي ڇڏڻو آھي ته ملڪ جا سمورا جيل کوليا وڃن، عبدالواجد لکيو ته نواز شريف وزيراعظم ٿيندو،زاهد چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو.