متان نه مڃين 2022ع ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي ؟

0
172
متان نه مڃين 2022ع ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي ؟

بابا ونگا هڪڙي انڌي عورت جو نالو آهي جيڪا بلغاريا جي شهر ورجينيا ۾ 31 جنوري 1911ع ۾ ڄائي هئي بابا ونگا روحاني علم سان ڏاڍو چاھ رکندي هئي بابا ونگا دنيا ۾ اڳڪٿين ۾ تمام گهڻي مشهور آهي ۽ هن دنيا ۾ ايندڙ تبديلين تباهي جون ڪيتريون ئي اڳڪٿيون ڪيون جيڪي سچ ثابت ٿيون ۽ ڪيتريون ئي غلط ٿيون،

بابا ونگا جون مشهور اڳڪٿيون

 بابا ونگا سويت يونين ٽٽڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي ته سويت يونين ٽٽي ويندو ۽ دنيا ڏٺو ته سويت يونين ٽٽي ويو، ورلڊ ٽرينڊ سينٽر تي ڪيل اڳڪٿي ۾ چيو هيائين ته ان کي لوهي پرن وارو پکي تباھ ڪندو اها به سچي ثابت ٿي، اهڙيون کوڙ اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن هن 2018ع کان 2023ع تائين چين جي لاءِ چيو ته دنيا جي سپر بڻجي ويندو، پاڻ 2023ع کي ڇڏي ڪري 2022ع جي ڪيل اڳڪٿين بابت ٿا پڙهون ته هن ڇا چيو ۽ ڇا واقعي ۾ اهو ممڪن آهي ؟

2022ع ۾ ڇا ٿيندو ؟

(1) 2022ع جي اڳڪٿي ۾ هن چيو آهي ته پاڻي جو بحران پيدا ٿيندو وڏن شهرن مان پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ پيدا ٿيندي ماڻهون لڏپلاڻ ڪري پاڻي وارن علائقن ڏانهن وڌندا درياءِ سمنڊ تمام گهڻا زهريلا ٿي ويندا

(2) 2020ع جي اڳڪٿي ۾ هن چيو آهي ته دنيا جا ماڻهون موبائل ڪمپيوٽر تي تمام گهڻا مصروف ٿي ويندا ذهني نفسياتي بيماريون پيدا ٿينديون

(3) 2022ع جي اڳڪٿي ۾ هن چيو آهي ته دنيا ۾ گلوبل وارمنگ جا تمام گهڻا اثر پوندا روس ۾ تمام گهڻي برف پوندي ۽ دنيا ۾ هڪڙي اهڙي بيماري ٿيندي جيڪا ڪروڙين ماڻهن کي موت جو کاڄ بڻائيندي ۽ دنيا جا سائنسدان ان کي روڪي نه سگهندا

(4)2022ع جي اڳڪٿي ۾ هن چيو آهي گلوبل وارمنگ جي اثر جي ڪري انڊيا ۾گرمي پد 50 سينٽي گريڊ کان مٿي هليو ويندو ۽ ان کان پوءِ ماڪڙ حملو ڪندي جيڪا ڪروڙين ايڪڙن تي بيٺل فصلن کي کائي ناس ڪري ڇڏيندي

(5)2022ع جي اڳڪٿي ۾ هن چيو آهي ته زلزلا ايندا سامونڊي طوفان ايندا تباهي ٿيندي

ٿورو سوچيون، جيڪڏهن گلوبل وارمنگ جا اثر انڊيا تي پوندا ته يقينن پاڪستان تي پڻ اثر پوندا ۽ زلزلا يا مينهن سامونڊي طوفان لازمي ٿوري آهي فطري طور ايندا ممڪن آهي مخالف ملڪن کي ختم يا تباھ ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي ذريعي پڻ  ٿي سگهن ٿا، چين آمريڪا وٽ هارپ ٽيڪنالاجي ايتري ته وڏي آهي جو انڊيا جا ٽي ملڪ گڏجي پون تڏهن به انهن تي چين مينهن وسائي سگهي ٿو هارپ ٽيڪنالاجي هاڻي عام ٿي وئي آهي لاهور ۾ پڻ ان جو تجربو ڪيو ويو آهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)