دبئي (اسپورٽس نيوز) انڊر-19 ايشيا ڪپ جي گروپ ميچ ۾ پاڪستان ڀارت کي دلچسپ مقابلي بعد 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. انڊين ٽيم 49هين اوور ۾ 237 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. جواب ۾ پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن بهترين راند پيش ڪندي آخري اوور جي آخري بال تي هدف حاصل ڪيو. ڀارت طرفان اراڌيا ياديو 50، هارنور سنگهه 46، راج ورڌن هنگر گيڪر 33 ۽ ڪوشل 32 رنز ٺاهيون. پاڪستان طرفان ذيشان ضمير 60 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته اويس علي جي حصي ۾ 2 ۽ قاسم اڪرام ۽ معاذ صداقت هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. انڊر19 ايشيا ڪپ جي گروپ اي ۾ پاڪستان ٽيم 4 پوائنٽس سان نه رڳو پهرين نمبر تي آهي پر سيمي فائنل لاءِ به ڪواليفاءِ ڪيو آهي.