سوال/سروي … سنڌ جي اڪثر آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم، عوام پاران جر کارو، واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ آر او پلانٽ به ناڪارا هجڻ جون دانهون

0
30

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوھان کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي؟ واٽر سپلاءِ يا آر او پلانٽ جي سھولت ميسر آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ميسر ناهي، آر او پلانٽ يا واٽر سپلاءِ اسڪيم ڪنهن ڪم جون ناهن رهيون، جر به کارو ٿي چڪو آهي، پئسن تي پاڻي ڀرائيندا آهيون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بابر وساڻ لکيو ته دوڙ تعلقي جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ اهڙي سهولت ناهي کارو پاڻي واپرائڻ سبب اڪثر ڳوٺن ۾ مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن، راجا ريحان لاشاري لکيو ته نصيرآباد تعلقي کي 2006 ۾مٺي پاڻي جي اسڪيم ڏني وئي هئي ٿورو ٽائيم شهرين ان پاڻي کي پيئڻ لاءِ استعمال ڪيو بعد ۾ اهو پاڻي پيئڻ جي لائق نه رهيو 40 رپيا گيلن پاڻي وٺي واپرايو ويندو آهي، شاهد جمالي لکيو ته اهڙي سهولت ناهي، راجا حيدر لکيو ته منظور آباد تعلقي مانجهند جا ماڻهو اڄ به درياءَ جي ڪپ تي پاڻي ڀرين ٿا، عبدالرحمان چانگ لکيو ته فيض گنج تعلقي جي اڪثر علائقن جون واٽر سپلاءِ اسڪيمون ناڪارا بڻيل آهن، گلاب خاصخيلي لکيو ته ٽنڊو جان محمد جو ڳوٺ گھيلپور ٽائون ۾ ھئڻ باوجود ھن ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪابه سھولت موجود ناھي، عبدالجبار چانگ لکيو ته ھنڱورجا ۽ ان جي آس پاس جي پاڻي ۾ سينکيو اچي ويو آهي، آر او پلانٽ ناهي، موهن لال لکيو ته يوسي ڊينگاڻ ڀرڳڙي آرو پلانٽ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي. شفقت جروار لکيو ته اسان وٽ شاخن جو پاڻي آهي، گل حسن خاصخيلي لکيو ته بکرجمالي جا ڪيترائي ڳوٺ جن ۾ بکرجمالي ،شھداد جمالي ،ڌڱاڻو جمالي عليمراد جمالي نبي بخش خاصخيلي سميت ڪيترائي ٻيا به ڳوٺ آھن جتي جي جر جو بلڪل زھريلو ۽ کارو بنجي چڪو آھي، نهچل ڊي پرمار لکيو ته تعلقي ننگرپارڪر ۾ پاڻي انتھائي حد تائين خراب ٿي چڪو آھي. آر او پلانٽ ڪيترن ئي سالن کان بند پي آهن، وحيد مگسي لکيو ته شهدادڪوٽ يوسي گل محمد چچو جا رهواسي اسان پنج ڪلو ميٽر پنڌ ڪري وڃي پيئڻ جو پاڻي ڀري ايندا آھيون، زاهد بروهي لکيو ته تعلقو سجاول جوڻيجو يو سي ڌگاڻو مھسير ڳوٺ لقمان بروهي ۾ جر جو پاڻي کارو آھي، عمران شر لکيو ته اسانجي ضعلي گھوٽڪي تعلقي ڏھرڪي علائقي کيروھي ۾ ماڙي پيٽروليم جا 80 جي لڳ ڀڳ گئس جا ويل آهن پر ماڙي پيٽروليم طرفان وڏيرن کي آرو پلانٽ ڏنا ويا آهن عام ماڻهو لاءِ سهولت ناهي، عادل الاهي بخش لکيو ته جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آھي ۽ صاف پاڻي لاءِ آر او پلانٽ جي سخت ضرورت آھي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته شهر بوزدار وڏا ۾ ڪٿي ڪٿي کارو پاڻي اڪثر جر جو پاڻي استعمال ڪيو وڃي ٿو، لطيف بلوچ لکيو ته ڪلوئي شھر جي 40 ھزار ماڻھن کي گذريل 22 سالن کان مٺي پاڻي جي ڪا به سھولت ميسر ناھي،  عاشق حسين لکيو ته ٺل ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، 16 ڪلو وارو دٻو پاڻي جو 50 رپين ۾ ملندو آهي، صفيان بلوچ لکيو ته ڦل شهر ۾ جر کارو ٿي چڪو آهي، حماد الله لکيو ته اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي خراب ۽ ڪوڙو آهي وليج محمد امين شر تعلقه ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي، وقار حسين لکيو ته خانواهڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي سينکيو ٿي ويو آهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته ٺل ڳوٺ الهيار سهندڙو کي سهولت ناهي، نصير حيدر لکيو ته نصيرآباد ۾ صاف پاڻي ميسر نه هجڻ ڪري مختلف بيماريون ڪر کڻن ٿيون، احسان لغاري لکيو ته سنڌ ۾ اڪثر ھن موسم ۾ شديد کوٽ حڪومت جي ناھلي ڪري ھوندي آھي، آصف علي لکيو ته سهولت ميسر ناهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته نصيرآباد ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا بڻيل آهي، ساجد علي بروهي لکيو ته ڳوٺ نهال بروهي جيڪب آباد ۾ سهولت ناهي، محمد حسين لکيو ته سرهاري ۾ به پاڻي جي ڪابه سهولت نه آهي، حامد گبول لکيو ته ڪمپني پاران ڪيميڪل وارو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب جر کارو ٿي ويو آهي، محبتي مڪيش جيپال لکيو ته اسان کي ته صاف ڇا خراب پاڻي به نٿو ملي، ذوالفقار علي نهڙي لکيو ته ٿر ۾ اهڙيون سهولتون ناهن، ڪٿي ڪٿي آر او پلانٽ آهن، اهي به غيرفعال آهن، محمد فياض وساڻ لکيو ته ديھه اڀپور ۾ پري کان پاڻي ڀري ايندا آهيون، آر او پلانٽ ناهي، عالم پالاري لکيو ته تعلقي ٿاڻو بولاخان جي ڪوهستان واري علائقي جي رهواسين ۽ ڳوٺن ۾ پيئڻ پاڻي جي سنڌ حڪومت پاران ڪابه سهولت ميسر ناهي، پاڻي ٽينڪرن وسيلي في چڪر 5هزار رپيا خرچ اچي ٿو، هرسنگهه ڪمار ڪولهي لکيو ته ناٿو ڳوٺ ۾ پاڻي جي ضرورت آهي، شاهه محمد چانگ، لياقت جهتيال، رفيق مڱريو لکيو ته سهولت ناهي، رياض سولنگي لکيو ته پڪا چانگ آر او خراب آهي، امجد برهماڻي لکيو ته ڳوٺ فوٽو کان برهماڻي لڳ ڀان سيد آباد تعلقو سيوهڻ جيڪو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي گهر جي بلڪل سامهون هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي هجڻ باوجود هن ڳوٺ ۾ واٽرسپلا آرو پلانٽ يا ٻيو ڪو گورنمينٽ طرفان ڪابه پئيڻ جي پاڻي جي سهولت آهي، نبي بخش لکيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ پيئڻ جي پاڻي تي ٽينڪر مافيا سرگرم آھي. جيڪي روزانو لکين رپين جو پاڻي وڪرو ڪن ٿا. جي آر چانڊيو لکيو ته مھرباني ڪري آبادگارن جي حقن لاءِ به سروي ڪيو ته ھن وقت آبادگارن سان ڪھڙا ڪھڙا مسئلا آھن انهن کي باردانو مليو آھي يا نه؟ اياز کهاوڙ لکيو ته الله جي مهرباني سان اسان وٽ پاڻي بلڪل صاف آهي. گيان راءِ لکيو ته ڳوٺ ڀڳت سورتارام ۾ ڪجهه مھينا اڳ فلٽر پلانٽ لڳايو ويو، ممتاز سميجو لکيو ته اسان وٽ سُڃ لڳي پئي آهي نمائيندن جي پنهنجي پوري ڪونهي، عرفان جروار لکيو ته آر او پلانٽ لڳو ھو پر پر ٻن مھينن اندر خراب ٿي ويو، راجا رميش لکيو ته ڪلوئي ۾ پاڻي جي سهولت ناهي، شاهين سومار لکيو ته سڌوئي ڳوٺ ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم جو پاڻي هڪ ڏينهن به ناهي آيو، جڳتدان ديول لکيو ته نيوڇور ضلع عمرڪوٽ جو تاريخي شھر آهي جر جو پاڻي کارو هجڻ ڪري شهري پريشان رهندا آهن، امتياز لغاري لکيو ته چمبڙ يوسي جي ڳوٺ جيوڻ لغاري ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ناهي، اسد زرداري لکيو ته سرھاڙي شھر ۾ جر جو پاڻي پيئڻ جي لائق ناھي جر جو پاڻي صفا کارو ٿي ويو آھي، سينگار علي لکيو ته ڪاڇي جا سوين ڳوٺ فريدآباد ڇٽوميرواڻي ڀنڀا ڏيرا عاليوال سيدپور بيتل ڳاڙهي موجهڙ شاھ گودڙيو سميت سوين ڳوٺ هن جديد دور ۾ به پيئڻ جي صاف پاڻي کان مرحوم آهن، عنايت الله جمالي لکيو ته يوسي 78 ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو فضل تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي ۾ صاف پاڻي جي سهولت ناهي، ايم عثمان فهيم پنهور لکيو ته ضلع قمبر شهداد ڪوٽ يوسي ياروديرو جو پاڻي مڪمل کارو آهي سڀ ماڻهو ڳوٺ جي ٻاهران شاخ تان پاڻي ڀريندا آهن، واٽر سپلاءِ اسڪيم ناهي، مراد علي لکيو ته يوسي سيري ۾ واقع اسانجي ڳوٺ حاجي الله ڏتوجمالي گاجاموري ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو آهي، درخواستن باوجود مسئلو حل ناهي ٿيو، محمد رمضان لکيو ته اسان وٽ سهولت ناهي، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته شهر مقصودو رند ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ تمام جر جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي جنهن ۾ خاص طور ٻهراڙي جي ڳوٺن جي عوام کي مٺي پاڻي پيئڻ لاءِ مشڪلاتو پيش اچن ٿيون، مير لياقت ٽالپر به سروي ۾ حصو ورتو، هريش ميگهواڙ به راءِ جو اظهار ڪيو، اشفاق چانڊيو لکيو ته نصيرآباد تعلقي ۾ واٽر سپلاءِ ناڪارا ٿي ويو آهي، شريف ڪنڀر لکيو ته پاڻي جي ڏاڍي تڪليف ۾ آھيون واٽر سپلاءِ وارو سسٽم ناڪارا ٿي چڪو آهي، سڪندر علي لکيو ته ٽالهي شهر ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ناهي، عبدالباسط جلباڻي لکيو ته اسان جي ڳوٺ عبدالخالق جلباڻي سٺ ميل ۾ پاڻي جي سھولت نه آھي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ لڳل وٽرڪورس بند ۽ خراب پيو آهي شھري 3 ڪلو ميٽر پري کان ڀري اچن ٿا، پرويز احمد مهر لکيو ته اسان وٽ پھرين پاڻي مٺو ھيو ھاڻي سال کن ٿيو آهي پاڻي ۾ فرق اچي ويو آهي، خادم ايچ سومرو  لکيو ته باڊهه شهر ۾ ڪروڙن جي لاڳت سان واٽر سپلا جي اسڪيم مڪمل طور ناڪارا ٿي چڪي آهي اڌ آبادي پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ پريشان آهي، سمير احمد لکيو ته اسان جي ڳوٺ پريو جمالي مولانا عبدالڪريم جمالي پاڙو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، سيد عباس بخاري لکيو ته خيرپور شھر ۾ واٽر سپلاءِ جو پاڻي اچي ٿو پر اُھو پيئڻ جي لائق بلڪل به ناھي، مور علي جت لکيو ته ڳوٺ بهاول جت لکيو ته ڏوڪري ۾ پاڻي جي سهولت ميسر  ناهي، محمد هاسم لکيو ته سانگهڙ ۾ سهولت ناهي، سڪندر گلاب لکيو ته خيرپور ناٿن شاهه ۾ پئسن تي پاڻي وٺندا آهيون، الهڏنو راهمون لکيو ته سجاول سٽي جا ڪجھه علائقا اھڙا آھن جتي پاڻي سپلاءِ جو نظام ناهي، عبدالحفيظ پلهه لکيو ته دريا خان مري شھر جي اڌ کان وڌيڪ آبادي کارو پاڻي ھجڻ سبب سخت پريشان آھي، ارشاد علي سومرو لکيو ته ميھڙ شھر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي تمام وڏي تڪليف آھي ڪروڙين روپين جي واٽر سپلاءِ واري اسڪيم ناڪارا بڻيل آھي، جاويد ترڪ لکيو ته پنگريو ۾ ڪا ب سھولت ميسر ناهي، جابد مهيسر لکيو ته سجاول جوڻيجو ۾ ته واٽر سپلاءِ ۽ آر او پلانٽ لڳل آهن جيڪي ڪيتري عرصي کان غير فعال آهن، نديم نياز ميمڻ لکيو ته ڏوڪري جي ڀرسان ڳوٺ بهاول خان جت ۾ پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي جو مسئلو  آهي، ڳوٺ اندر آر او پلانٽ لڳل آهي پر ڪنهن ڪم جو ناهي رهيو، عبدالرئوف سومرو لکيو ته درياخان مري ۾ ڪافي سالن کان فلٽر پلانٽ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري ڪچري وارو پاڻي ايندو آهي، يوسف ابراهيم سومرو لکيو ته اسان وٽ واٽر سپلاءِ اسيڪم جي نالي تي رڳو پئسا خرچ ڏيکاريا ويندا آهن، سهولت ناهي، آر بي سنڌي ۽ سرور ميمڻ به لکيو ته سهولت ناهي، جمشيد مشوري لکيو ته ضلعو نوشھرو فيروز يوسي ڦل ۾ پاڻي صاف آھي باقي سٽي نوشھرو فيروز وارن سان وڏو ظلم آھي، حافظ جاويد علي لکيو ته توهان کي ڪڏهن ٽائيم ملي ته اسان جي ايم سي ٻولھاڙي جو چڪر ضرور لڳائجو توهان صاف پاڻي ٿا لکو اسان وٽ گٽر وارو ڪنو پاڻي به پئسن عيوض ملي ٿو، پرديپ چوهاڻ لکيو ته چيلهار ۾ آر او پلانٽ بند پيل آهي، ميمڻ واجد علي لکيو ته ٽائون ڪاميٽي ڪنڌرا تعلقو روھڙي ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم انڊر پروسيس آھي ۽ آراو پلانٽ بند آھن ، مرمت جي ضرورت آھي. عبدالستار لوهر لکيو ته اسان جي ايم سي ٻولھاڙي جا رهواسي ٽينڪر مافيا جي ور چڙھيل آھيون، گلاب رخ علي لکيو ته ڳوٺ محمد رمضان خاصخيلي يوسي ڦلهڏيون ۾ رڳو نلڪا آهن جنهن جو پاڻي به کارو ٿي ويندو آهي،محمد حسن لغاري لکيو ته صاف پاڻي جي سهولت ناهي، ثناءُالله راڄپر لکيو ته سهولت ناهي، حضور بخش ويسر، اختر علي ٿهيم، شاهد حسين جمالي، جمشيد علي ۽ ٻين به سروي ۾ چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ميسر ناهي.