حيدرآباد جو قيدي!

تيز ميوزڪ سان ڏينهن جي شروعات ڪجي ٿي، علي غلام مستوئي ۽ آئون پاڻي واريءَ بوتلن سان بائسپس جي ورزش ڪريون ٿا، جيل جو اصل ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ فيصل لغاري مون سان ملڻ ٿو اچي، ملڻ ۽ سلام دعا بعد هو چوي ٿو ته خيرپور جي رونق ماشاءُالله سان اسان ڏي آئي آهي، ان کي مُرڪي چوانس ٿو ته خيرپور جي ناهي رونق، هيءَ هميشه کان ئي حيدرآباد جي آهي ۽ هئي، ڊپٽي صاحب پيار ڀري مُسڪان چهري تي سجائي چوي ٿو ته پوءِ بلڪل ايزي ٿي وڃو ڇلگري صاحب! سچ ته فيصل لغاري هن جيل جو هڪ سٺو، ايماندار آفيسر ۽ هڪ خانداني ماڻهو آهي. جنيد اسپتال مان چڪر هڻڻ وڃي ٿو ته جيئن آچر جي ڪاري ڏينهن ۾ هو پسار ڪري اچي، هو واپسي ۾ ٻڌائي ٿو ته ڀائو بدر موٽي آيو آهي ۽ هينئر هو ڪرڪيٽ ميچ ۾ هيو، مون پرچي لکي جوابدار ڪريم مير جت کي ڏني ته هيءَ بدر ڀائي کي ڏئي اچ. جنهن ۾ ساڻس هيئن مخاطب ٿيان ٿو، “ڊيئر بدر ڀائي! اُميد ته توهان جو سفر سٺو گذريو هوندو، هاڻ هينئر جو هينئر ديدار ڪرائيندا. فقط، توهان جو ڀاءُ آصف غلام رسول ڇلگري.” ڪجھ ئي دير ۾ ڀائو بدر منير جٽ پنهنجي پوري ٽيم سان گڏ اچي اسان واري کوليءَ تي سلام ورايو، جنهن کي ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي. رسمي سلام دعا کان پوءِ چيومانس ته مون کي توهان جو نياپو سخيءَ ڏنو هو ته رڳو ٻه ڏينهن ماٺ ڪري ويهه، تنهن کان پوءِ آئون پاڻ اچي تو وارن مسئلن کي حل ڪندس. اهو ٻڌي ڀائو بدر چيو ته مون ته تو لاءِ ڪو به پيغام نه ڇڏيو هو، ها بس انهن توکي بک هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ اها اٽڪل استعمال ڪئي هوندي. عارف جيلر ته اڄ به مون لاءِ پيغام ڇڏي ويو هو ته توکي آصف ڇلگريءَ سان ڪا به ڊيل ناهي ڪرڻي، مون جواب ڏنومانس ته پوءِ ٺيڪ آهي، هاڻ آئون ڄاڻان ۽ جيل وارا ڄاڻن، بس توهان وچ ۾ بلڪل به نه ايندا. آئون انهن جيل وارن کي ۽ هو مون کي سهڻي نموني ڄاڻندا آهيون. هينئر آئون ڪو سزا يافته ڏوهاري ناهيان بلڪه ڪورٽ جي امانت ۽  هڪ ڪچو قيدي ٽرائل هيٺ آهيان، مون چيو جنهن کي هيءَ ڪورٽ به نٿا موڪلي سگهن پنهنجي مرضيءَ سان، بدر ڀائوءَ چيو ته هاڻ تون رڳو هڪڙو ڏينهن صبر ڪر، ان کان پوءِ تنهنجي مرضي آهي، آئون رڳو صبح ايس ايس پي صاحب سان هڪڙي ڪچهري ڪري وٺان. مون ڀائوءَ کي چيو ته اهو رڳو تنهنجو سِرُ آهي نه ته آئون انهن سڀن کي انهن جي اوقات ڏيکاري ڇڏيان. مون منير حوالدار کي به گھڻو گھٽ وڌ ڳالهايو ۽ مون وارين گارين تي منهنجا هانڊيوال دير تائين تبصرا ڪندا رهيا. حوالدار منير مون کي گھڻي صفائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون هن کي بزدل ۽ منافق قرار ڏئي ڇڏيو. رات جو دير تائين جنيد ۽ علي غلام سان گڏ انجواءِ ڪندي رهاڻ ڪريان ٿو. (21 جنوري 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

اڄ آئون واڪ ڪرڻ لاءِ کوليءَ کان ٻاهر نڪتس ته کوليءَ جي دروازي تي جيل جي لائبريريءَ وارو دوست شبير ٻرڙو مليو، ان مهل جيئي سنڌ سان تعلق رکندڙ منهنجو پراڻو کولي ميٽ ۽ دوست حيدر کوسو کوليءَ اندر ٽي وي تي خبرون ڏسي رهيو هو، شبير جي ڪري مون واڪ ڪرڻ جو ارادو ڪينسل ڪري ساڻس ڪچهري تي ويهي رهيس. شبير ۽ آئون ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته حيدر جو هڪ دوست به اچي ويو، جنهن حيدر کي ڏسندي ئي چيو ته ڪامريڊ مبارڪون هجن! ڪنڌڪوٽ جي هڪ مولوي درويش سيف هڪ زبردست تقرير ڪئي آهي جنهن ۾ هن کلئي نموني سان اهو چيو آهي ته حيدر کوسو تي جيڪو ڪيس هنيو ويو آهي سو اسلامي نقطه نظر سان ڪنهن به قسم جي توهين جي دائري ۾ نٿو اچي. سندس مٿان اهو ڪيس ٺهي ئي نٿو، ان دوست جي اها ڳالهه ٻڌي حيدر پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ته “ٺهي نه ٺهي هنن کي ته…. هئي.” سو حيدر جي ڳالهه ٻڌي اسين سڀ کِل ۾ ويڙهجي وياسين، ان بعد حيدر فورن سنجيده ٿيندي چيو ته اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، مٿان ڀانيو مئا مور سارا. جيستائين سنڌ ۾ درويش سيف جھڙا مولوي ۽ عالم موجود آهن تيستائين ڪو به خبيثن جو ٽولو ڪامياب ڪونه ٿيندو. بقول حيدر جي اسلام امن ۽ سلامتيءَ وارو دين آهي. محمود الحسن، عبدالله سنڌي ۽ مولوي سيف جھڙا ٻيا ڪيترائي عالم دين موجود آهن، جيڪي اسلام جي سونهن آهن. ڪچهري هلي پئي ته اصغر چانهه جو ٿرماس کڻي آيو، اسان سڀني گڏجي چانهه پيتي، جڏهن سڀ دوست ڪَک پن ٿي هليا ويا ته آئون دل ئي دل ۾ چوڻ لڳس ته اسلام ته اصل ۾ دينِ هدايت آهي، ان هدايت واري دين تي هلڻ لاءِ مسلمانن کي قرآن پاڪ نه رڳو پڙهڻ پر پڙهڻ سان گڏ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ به لازمي آهي پر مون کي ان مهل افسوس ٿئي ٿو جڏهن ماڻهو قرآن پاڪ کي سمجھڻ جي ڪوشش بجاءِ پنهنجي ناقص علم جي ڪري ٻين مسلمانن تي فتوائون جاري ڪندي دير ئي نٿا ڪن، ڪالهه ڪنهن دوست اها به خوشخبري ٻڌائي هئي ته پروفيسر نوتن لال آزاد ٿي ويو آهي. اها خوشخبري ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. يقين ڪريو سندس سان بي انتها محبت ڪندڙ پياري دوست حيدر کوسو تي لڳل الزام ڪي نوان ناهن، حيدر کان پهريان به قومپرستن تي اهي ۽ اهڙا الزام لڳندا رهيا آهن جن جو ڪو به حقيقي بُڻ بنياد ڪونهي، آئون سمجھان ٿو ته اهو رويو ۽ اهو طريقو ڪنهن به لحاظ کان درست ۽ صحيح ڪونهي. سنڌ صوفين ۽ امن جي ڌرتي آهي، اتي اهڙن الزامن اهڙن روين ۽ اهڙي سوچ جي ڪا به جاءِ نه هئي نه آهي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

ڳڙھي حسن جي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايو؟

ڳڙھي حسن جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آھن جيڪي هن سائنسي دور ۽ آرٽيفشل انٽيليجنس واري دور ۾ انهن ڳوٺن کي بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون آھن، ڳوٺ احمد آباد کوسو، ڳوٺ ولي محمد کوسو، ڳوٺ لياقت آباد کوسو، ڳوٺ عبدلقادر بروهي، ڳوٺ حاجي محمد يوسف خان کوسو، ڳوٺ اشفاق خان کوسو، ڳوٺ دوست محمد خان ڀنگر، ڳوٺ مير ظفر خان مرهٽا، ڳوٺ محمد خان کوسو، ڳوٺ بدلو کوسو ۽ ڳوٺ پارو کوسو شامل آھن جيڪي بجلي، روڊ ۽ مٺي پاڻيءَ جھڙين بنيادي سهولتن کان به محروم بڻيل آھن. ڳوٺ بدلو کوسو ۽ ڳوٺ پارو کوسو ۾ سيلاب جي دوران ڳوٺاڻن کي انتهائي گھڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو ٿو پوي، روڊ نه هُجڻ جي ڪري ڳوٺ وارا سيلاب ۽ برسات دوران گهرن کان نڪري به نٿا سگهن، علي جان مزاري ۽ سهراب خان سرڪي جو اتحادي هجڻ باوجود هنن ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا آهن، جڏھن به اليڪشن ويجهو ايندي آھي ته هتان جا سياسي نمائندا مٿي ڄاڻايل ڳوٺن جو رخ ڪندا آھن ۽ ھاڻي انھن کي هي ڳوٺ ياد به ناهن. چند مفاد پرست وڏيرن جي ڪري هي ڳوٺ کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيا آھن، جيڪي نٿا چاهين ته هنن ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ملن، صرف چمچاگير ڪرڻ ۾ پورا آھن، ڳوٺاڻن سي ايم سنڌ سيد علي مراد شاھ ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو کان مطالبو ڪيو آھي ته خدارا اسان جي ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن جيئن اسان کي بنيادي سهولتون ملن ۽ تڪليفن کي منھن ڏيڻو نه پوي.

محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن

هڪ نظر پاڙيسري ڳوٺ جي تعليمي نظام تي!‎

تعلقي ڏيپلو جي يوسي تلو ڄام جي اندر ڳوٺ سگار راھمان ۾ لڳ ڀڳ 100 کان مٿي معصوم ٻارن جو انگ اکر تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آھي، هتي نه ڪو اسڪول موجود آھي نه وري ڪنھن هنن ڳوٺن جي سار لڌي آهي، هتان جي نسلن جا نسل تباھ ٿي چڪا آهن، ھر وقت علم جي روشني کان محروم رھيا آھن. چونڊيل نمائندا MPA توڙي MNA صرف ڪوڙا دلاسا ڏئي ووٽ وٺي ويندا آهن. گڏوگڏ يوسي تلو ڄام جا نمائندا به سڀ ڪجھ ڄاڻندي به اُتي جي ماڻهن کي ان حال ۾ رکڻ ٿا گهرن، خدارا اکيون کوليو نه ته تاريخ توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، هتان جا ٻارڙا سنڌ جو مستقبل آهن، سنڌ جي مستقبل کي اونداهو نه بڻايو.

شاهين سومار نهڙيو/ ٿرپارڪر

ٺري ميرواھه جي شاگردن جي تعليم بچايو!

سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار مليو آھي ۽ چيو پيو وڃي ته سنڌ ۾ عوام جي مقبول پارٽي هجڻ ڪري سنڌ جا ماڻھو هر ڀيري پيپلز پارٽيءَ کي سرڪار ٺاهڻ جو موقعو ڏين ٿا، سنڌ سرڪار پاران هاڻي يا گذريل دورن ۾ تعليم ۾ سڌارو يا بهتري آڻڻ جون وڏيون دعوائون ڪيون وينديون هيون اهو ڌار موضوع آھي ته سنڌ جا چاليھ لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن، سنڌ جي موجوده اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون به ميسير يا موجود ناهن، سنڌ جي اڪثريت اسڪول چوديوارين ۽ پيئڻ جي صاف ءَپاڻي کان به محروم بڻيل آھن، هن وقت جتي دنيا جا تعليمي ادارا جديد ڪمپيوٽر سائنس، جديد ٽيڪنالوجيءَ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس طرف وڌي رهيا آھن، هر ڪم ۽ خريداري پئسن جون ٽرانزيڪشن آن لائين ٿي رهيون آھن پر افسوس جو سنڌ جي اسڪول انتظاميا جي نااهليءَ سبب ٺري ميرواھ جي قديمي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ۾ 50 ڪمپيوٽرن جي ليب هڪ سال کان بند پيل آھي، ليب ۾ جديد ڪمپيوٽر بيٽري بيڪ اپ سسٽم ۽ ڪمپيوٽر جو ڄاڻو استاد به اسڪول ۾ مقرر آھي پر اسڪول انتظاميا جي نااهليءَ جي ڪري هڪ سال کان 1500 کان وڌيڪ شاگرد ڪمپيوٽر جي سکيا کان محروم بڻيل آھن. اهڙي صورتحال ڏسي اسان کي سمجھ ۾ اچي ٿو ته سنڌ سرڪار جو تعليم وارو کاتو ۽ هاءِ اسڪول جو هيڊماسٽر صاحب تعليم بهتر ڪرڻ يا بچائڻ جي حوالي سان ڪيترا سنجيده آھن. اسان والدين جي حيثيت سان سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي وزير سميت وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ٺري ميرواھ هاءِ اسڪول انتظاميا جي نااهليءَ سبب هڪ سال کان بند پيل ڪمپيوٽر ليب کولرائي وڃي ته جيئن شاگرد جديد ڪمپيوٽر جي سکيا حاصل ڪري دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ لائق ٿين.

فرحاد علي/ ٺري ميرواھه

منشيات ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪريو!

سنڌ ۾ هن وقت ڪو به اهڙو علائقو، وستي واهڻ، شهر موجود ناهي جتي منشيات جو وڪرو عام وکر جيان نه وڪامجي رهيو هجي، جنهن ۾ شراب، چرس، آفيم، ڀنگ، زيڊ 21 سوپاريون سنڌ جي نوجوان نسل جي زندگين لاءِ ناسور بڻجي ويون آهن پر افسوس جوڳي ڳالھ اها آهي ته پاڻ پوليس اهلڪار منشيات واپرائڻ ۾ مصروف آهن ته پوءِ هن موذي مرض مان سنڌ جي نوجوانن جي جند آجي ڪيئن ٿيندي؟ منشيات جو مرض هڪ اهڙي وبائي بيماريءَ جيان ماڻھن کي لڳي ويو آهي جنهن مان جان ڇڏائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جنهن ۾ خود قانون جي رکوالن ۽ پوليس جي وڏن وڏن آفيسرن جو هٿ هوندو اهو ڪاروبار بند ٿيڻ ناممڪن ٿو لڳي. پوري سنڌ ۾ منشيات جي ماڻھن تائين ترسيل ۾ پوليس جو وڏو هٿ آهي، جيڪا صرف ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ حصي پَتيءَ خاطر سنڌ جي نوجوان نسل جون زندگيون داءُ تي لڳائي رهي آهي. سنڌ ۾ منشيات هڪ اهڙو منافعي بخش ڪاروبار بڻجي چُڪو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسو پوليس ۽ حد جي ٿاڻن کي ملي رهيو آهي پر اعليٰ اختياريون اڃا به اُن ڪُڌي ڪاروبار ۾ ملوث پوليس عملدارن کي هٽائڻ بجاءِ عام ماڻھن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي ۽ اهو نٿو سوچيو وڃي ته هي قاتل زهر هڪ عام ماڻھوءَ جي هٿن ۾ ڪيئن ٿو پهچي ۽ ڪير پهچائي ٿو؟ انهن هٿن کي اڄ تائين ڪير به وائکو نه ڪري سگهيو آهي. منشيات واپرائڻ سان هزارين زندگيون اُجڙي رهيون آهن پر قانون ۽ اسان جي سنڌ پوليس ڪُجھ به ناهي ڪري سگهي، بهتر اهو آهي ته عام ماڻھن خلاف ڪارروايون ڪرڻ بجاءِ پهرين ڪرپٽ پوليس عملدارن خلاف اثرائتو ڪارروايون شروع ڪيون وڃن جيڪي قانون جي وردي ڍڪي سنڌ جي ماڻھن ۾ منشيات جهڙو زهر پکيڙڻ ۾ ملوث آهن ته ان جي روڪٿام تي شايد ڪُجھ اثر پئجي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ هن قاتل زهر منشيات کي عام ماڻھن تائين سولائيءَ سان ٿيندڙ پهچ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.

محمد اسماعيل لانگاھه/ ڊرگھ بالا، ڪاڇو

پنوعاقل ۾ بدامنيءَ تي ضابطو نه آيو!

جيئن ته 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 8 کان 28 موجب ملڪ جي ھر شھريءَ کي باوقار زندگي گذارڻ جو مڪمل آئيني ۽ قانوني حق حاصل آھي، آئين ھر شھريءَ جي جان و مال سان گڏوگڏ عزت و آبرو جي حفاظت ڪري ٿو پر پنوعاقل جي موجودہ صورتحال کي ڏسندي ايئن پيو ٿو لڳي ته قانون صرف ڪتابن تائين محدود بڻجي چڪو آھي. جيئن ته پنوعاقل شھر سنڌ جي تعليمي لحاظ کان اڀرندڙ شھرن مان ھڪ آھي پر آخر خبر نٿي پوي ته تعليم سان لاڳاپيل ماڻھن جي ھن شھر کي ڪنھن جي نظر لڳي وئي آهي جو پنوعاقل ۾ ڌاڙيل راڄ ڪرُ کڻڻ لڳو آھي. روزاني جي بنياد تي ھتي ھڪ کان ٻه ماڻھو اغوا ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي. ھڪ ھفتي اندر ڌاڙيلن ھٿان چار ماڻھو اغوا ٿيڻ جي صورت ۾ شھرين ۾ خوف و حراس جي فضا پکڙجي وئي آھي، پوليس ڏوھارين جي اڳيان مڪمل طور تي بيوس ۽ لاچار بڻيل آھي، اھو سڀ ڪجھ ڏسندي ايئن پيو معلوم ٿئي ڄڻ ته هتي جنگل جو قانون ھجي يا وري قانون جي نالي ڪا شيءِ نه ھجي. اھڙي معاشري ۾ زندگي گذارڻ ڪنھن عذاب کان گھٽ ڪونھي، جتي رات ته ڇا پر ڏينھن جو به اغوا، ڦُر ۽ چوريءَ جون وارداتون سرعام ٿينديون ھجن. ھن سموري صورتحال کي سامھون رکندي پنوعاقل جي انتظاميه، اعليٰ عملدارن، سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن، پنوعاقل جي سماج سڌارڪ تنظيمن، نيوز رپورٽرز ۽ خاص طور تي پوليس کي ھڪ پيج تي اچي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪوشش تيز ڪرڻ گھرجي ۽ ڏوھارين خلاف شھرين ۾ آگاھي مھم ھلائي وڃي ته جيئن شھرين کي وڌيڪ اھڙين وارداتن کان محفوظ رکي سگهجي.

اصغر علي ڪورائي وڪيل/ پنوعاقل

پبلڪ هيلٿ کان لوڪل گورنمنٽ ۾ موڪليل ڪچن ملازم کي ريگيولر ڪريو!

مون کي جنوري 2020ع ۾ پبلڪ هيلٿ ۾ پمپ آپريٽر جي نوڪري ملي هئي، مون 3 سال پبلڪ هيلٿ ڊسپوزل مشين تي ڊيوٽي ڪئي، اسان کي هر ٽن مهينن بعد ايم سي بي بئنڪ مان پگھار ملندي هئي، آخر سنڌ حڪومت پبلڪ هيلٿ جون ڊسپوزل مشينون جيڪي گٽرن جي کوهه تي لڳرايل هيون، ماتلي شهر جون مشينون بلڪه پوري سنڌ ۾ پبلڪ هيلٿ گٽرن تي لڳل مشينون ۽ مشينن تي ڪم ڪندڙ سڀ جو سڀ ملازمن کي لوڪل گورنمنيٽ کاتي ٽائون ڪاميٽيءَ حوالي ڪري ڇڏيو، مون کي به ٽائون ڪاميٽي ۾ رکيو ويو ۽ ان کان پوءِ ساڳين مشين تي ڪم ڪري رهيو آهيان، 3 سال پبلڪ هيلٿ ۾ ڪم ڪيو پگھار به ملندي رهي. سنڌ حڪومت جنوري 2023ع ۾ لوڪل گورنمنٽ ۾ ڊسپوزل مشينون ۽ ملازم ٽائون ڪاميٽي ماتلي حوالي ڪيا. ٽائون ڪاميٽي ماتلي وارا اسان کي 20 هزار مهينون پگھار ڏين پيا پر افسوس جو اڄ تائين اسان کي پڪو ناهي ڪيو ويو. منهنجي پنهنجي اخبار جي پنهنجن جون چٺيون وسيلي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سائين سيد مراد علي شاهه ۽ لوڪل گورنمنيٽ جي صوبائي وزير صاحب ۽ ايم پي اي ماتلي ۽ تعلقي چيئرمين صاحب کان مطالبو آهي ته اسان پبلڪ هيلٿ ماتليءَ جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري اسان ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

عبدالغفار لغاري/ماتلي

ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ ڦاهي ۽ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ!

(حصو اٺون)

صولت رضا برگيڊيئر رٽائرڊ ٿيو ته ان هڪ ڪالم لکيو ته اهو ميت کي غسل ڏيڻ کان پهريان جو منظر هو ان ڪالم ۾ برگيڊيئر (ر) صولت رضا لکيو ته الله شاهد آهي ته ڦاهي ڏيڻ جا شارٽس ان فلم ۾ نه هئا! خير اها ڳالهه ته سڀني لاءِ ظاهر ٿي چڪي آهي ته ڀٽو جي ڦاهي هڪ سياسي قتل هو پر ان وقت حالتون ڪجهه ٻيون هيون، ڀٽي کي ڦاهي ڏيارڻ لاءِ جماعت اسلامي جي باري ۾ به گهڻي ڳالهه ٿيندي آهي، جنهن لاءِ ان ڪم ۾ جماعت اسلامي ڪيئن استعمال ٿي ۽ ڀٽو خلاف جوابدارن کان اعترافي بيان ڪيئن ڏياريو ويو، ان لاءِ جبار مفتي جي ڪتاب “صحافي ڪي قلم گزشت” مان ڪجهه ڄاڻ پيش ڪجي ٿي ته جنرل ضياءَ حڪومت قصوري قتل ڪيس جي ايف آءِ آر کي ڇنڊي ڦوڪي ڀٽو صاحب کي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو، جنهن ڪيس ۾ گوليون هلائڻ واري ايف ايس ايف جي اهلڪار ۽ حڪم ڏيڻ واري اعليٰ آفيسر کي به گرفتار ڪيو ويو جن ۾ انسپيڪٽر ارشد اقبال، انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ ۽ انهن جو بگ باس مسعود محمود به شامل هو، مسعود محمود ته سلطاني شاهد بڻجي ويو هو پر باقي جوابدار انڪاري هئا، ڪيس کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اقراري بيان ضروري سمجهيا ويا ۽ ان موقعي تي جماعت اسلامي کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان جو سبب اهو هو ته ارشد اقبال جو گهراڻو جماعت اسلامي سان تعلق رکندو هو، چون ٿا ته ان وقت جي امير جماعت اسلامي مرحوم ميان طفيل محمد کي حڪومت طرفان يقين ڏياريو ويو ته جي ارشد اقبال اعترافي بيان ڏئي ته ان ڀٽو جي هدايت تي مسعود محمود نواب قصوري کي فائرنگ ڪري ماري وڌو هو ته مسئلو حل ٿي ويندو، ان لاءِ حراست هيٺ انسپيڪٽر ارشد اقبال جي وڏي ڀاءُ محمد اسلم جيڪو جماعت اسلامي جي مدرسي اسڪول ۾ استاد هو، ان سان رابطو ڪيو ويو ته ان سلسلي ۾ جنهن پنهنجي والده کي راضي ڪيو ۽ انهن ٻنهن کي راولپنڊي آندو ويو جتي صدر پاڪسان جنرل ضياءَ جو سڄو هٿ ان وقت جو وفاقي وزير ليفٽنينٽ جنرل ايف ڪي چشتي سان کين ملاقات ڪرائي وئي، جنهن ماءَ پٽ کي پڪ ڏياري وئي ته جي ارشد ۽ ان جو هڪ اڌ ساٿي اقراري بيان ڏين ته ڀٽو کي سزا ٿي ويندي ۽ بيان ڏيڻ وارن کي صدر مملڪت معافي ڏئي ڇڏيندو، جنهن ڳالهه جي ضياءَ طرفان ضمانت آهي، جنهن بعد ماءَ ۽ پٽ ٻئي گڏجي واپس لاهور پهچي جيل ۾ ارشد اقبال سان اچي مليا ۽ کيس راضي ڪيو ته هو شاهدي ڏئي جنهن ساٿي انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ کي راضي ڪيو، جنهن جا خانداني ذريعا ٻڌائين ٿا ته ارشد چيو ته ڏسجو متان مارائي نه وجهو، اسان جي اقراري بيان تي ڀٽو کي ڦاهي لڳي ويندي، جنهن تي ارشد اقبال چيو ته منهنجي ماءَ مون وٽ هلي آئي آهي ۽ صدر ضياءَ يقين ڏياريو آهي ته اسان کي ڪجهه به نه ٿيندو. ماءُ چيس ته پٽ توهان جي بيان سان قوم جي جان ڀٽو مان ڇٽي پوندي ۽ توهان کي ڪجهه به نه ٿيندو. (جاري)

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

مانجهند انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثا معمول بڻيل!‎

ضلعي ڄامشوري کان ويندي سيوهڻ تائين مانجهند انڊس هاءِ وي ايڏو ته خطرناڪ آهي جتي روز روڊ حادثا معمول بڻيل آهن، ڪيتريون ئي انسانن جون جانيون ضايع ٿين ٿيون پيون پر هن سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومتن کي انسان تي ڪو رحم نٿو اچي. مانجهند انڊس هاءِ وي تي روز روڊ حادثا معمول بڻيل آهن، سيوهڻ کان ويندي ڄامشوري جي وچ ۾ هڪ تعلقي اسپتال مانجهند واقع آهي جتي ڪنهن به ايمرجنسيءَ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا به سهولت موجود ۽ ميسر نه آهي، اکين آڏو اسپتال جي پٽ تي ڏسندي زخمي تڙپندا رهيا، معصوم ٻارن سان گڏوگڏ ساھ جي تند ٽٽندي وئي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان انهن ووٽن جي ذريعي چونڊجي ايندا آهيون ڪرسي تي ويهي دعوائون ڪندا آهيو حڪومت ڪندا آهيو ڇا اوهان کي ڪڏهن انسانن تي رحم پوندو؟ هن مانجهند انڊس هاءِ وي تي روز روڊ حادثن ۾ الائجي ڪيتريون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هتان جي چونڊيل نمائندن کي انسانن تي ڪو رحم نه ايندو آهي. اسين سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته خدار تعلقي مانجهند جي انڊس هاءِ وي جو ڪم تيز رفتاري سان هلايو وڃي، ان سان گڏوگڏ تعلقي اسپتال مانجهند ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن جيئن انساني جانيون بچي سگهن.

محرم خاصخيلي/ مانجهند