آدمخور ڪتن جو کاڄ بڻجندڙ معصوم ٻارڙا

0
24
سنڌ ۾ تعليم جي ڳنڀير صورتحال
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ رولو ڪتا معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ پيرسن ماڻهن جي لاءِ شديد خطرو بڻجندا وڃن. انهن جو تعداد گهٽجڻ جي بدران ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. نه صرف تعداد وڌندو وڃي پر انهن جي خونخواري ۾ پڻ اضافو ٿيندو وڃي. ڪتن جي ڇِتي ٿيڻ واري موسم ۾ ته هونئن ئي ڪتن جو آزار وڌي ويندو آهي پر عام ڏهاڙن ۾ به رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا وڌڻ لڳا آهن. رولو ڪتن جو نشانو گهڻي ڀاڱي اسڪولي معصوم ٻارڙا، فجر مهل نماز تي ويندڙ بزرگ يا گهٽين ۾ ڪم ڪار سان نڪرندڙ عورتون بڻجن ٿيون. اهي آدمخور ڪتا هاڻي ته معصوم ٻارڙن کي ڏاڙهي کائي ماري ٿا ڇڏين پر انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ ڪوبه ادارو پاڻ کي ذميوار نٿو سمجهي. ڪالهوڪي پنهنجي اخبار ۾ رپورٽ ٿيل واقعي موجب، پني عاقل ويجهو رولو ڪتن جي لوڌ حملو ڪري معصوم نينگر کي ڏاڙهي ماري ڇڏيو. زخمي نينگر کي تعلقي اسپتال پني عاقل ۾ داخل ڪيو ويو پر حالت خراب هجڻ جي ڪري سول اسپتال سکر نيو ويو پر هن جي زندگي بچي نه سگهي. ساڳئي ڏينهن تي نئين ديري مان پڻ ڪتي جي ڏاڙهيل نينگر جي فوت ٿيڻ جي خبر رپورٽ ٿي آهي. نينگر جي وارثن ڊاڪٽرن تي مدي خارج وئڪسين لڳائڻ جو الزام هنيو آهي.

سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ رولو ڪتن سان گهٽيون آباد آهن. خونخوار ڪتن جي خوف جي ڪري معصوم ٻارڙا گهرن مان نڪري به نٿا سگهن. رولو ڪتن کان نه شهر محفوظ آهن ۽ نه ئي وري ٻهراڙيون. اڳي ميونسپل ادارن جي ذميواري هوندي هئي، جيڪي ڪتن جي “آبادي” گهٽائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ۽ فرض پورا ڪندا هئا پر هاڻي ڪوبه ادارو عملي طور تي اها ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اها ذميواري مڪاني ادارن، صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي وچ ۾ فوٽبال بڻيل آهي. اڳي ميونسپل ادارا رولو ڪتن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ “پڙيءَ” وارو قديم نسخو استعمال ڪندا هئا پر پوءِ جانورن جي حقن ۽ تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ان انداز کي ظالماڻو قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ انتظاميا جو ذهن نون طريقن جي ڳولها لاءِ جاکوڙ ڪرڻ لڳو ۽ نيٺ هنن رولو ڪتن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ ڪتن کي خصي ڪرڻ جو مجرب ۽ ناياب نسخو هٿ ڪري ورتو ۽ ان جي لاءِ فنڊ به رکيا ويا هئا پر اهو پراجيڪٽ ڪٿي پهتو؟ ڪيترا ڪتا خصي ڪيا ويا، اها ته ڪنهن کي خبر ڪانهي پر جيڪا خبر آهي، سا اها ته رولو ڪتن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ۽ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيس به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ صفائي ۽ سٿرائي جو انتظام بنهه خراب آهي ۽ ميونسپل ادارا ان حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. گندگي وڌڻ جي ڪري شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ اروڙين جنم ورتو آهي، جيڪي ڪتن جي پالنا ۽ نسلي واڌ جو اهم ذريعو بڻيل آهن. جيڪڏهن وقت سر عوام کي ميونسپل سهولتون بهتر انداز ۾ مهيا ٿين، صفائي ۽ سٿرائي جو جوڳو انتظام هجي ته نه اروڙيون ٺهن ۽ نه ئي ڪتن جي تعداد ۾ واڌ اچي. رولو ڪتن جي تعداد ۾ واڌ جو ٻيو سبب شهرن ۾ غير قانوني ذبيح خانا ۽ ڪوس گهر آهن، جتي جانورن جي باقيات تي رولو ڪتا پلجن ٿا. ان کانسواءِ شهرن جي ڀرپاسي ۾ جيڪي پولٽري فارم آهن، جتي مئل ڪڪڙيون اڇلايون وينديون آهن، جيڪا ڪرت پڻ رولو ڪتن جي پالنا ۽ انهن جي نسلي واڌ جو سبب بڻجي رهي آهي. ظاهر آهي ته جڏهن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾، گهٽين ۽ اروڙين تي رولو ڪتن جي لاءِ “طعام ۽ قيام جو اعليٰ انتظام” هوندو، اتي ڪتن جي تعداد ۾ گهٽتائي جو امڪان ڪيئن ٿو ٿي سگهي!

جڏهن ماڻهو آدمخور رولو ڪتن جو نشانو بڻجن ٿا ته انهن متاثر ماڻهن کي سرڪاري اسپتالن مان وئڪسين به نٿي ملي ۽ ماڻهن کي رلايو وڃي ٿو ته اها خانگي ميڊيڪل اسٽورن تان وٺي اچن. وئڪسين مهانگي هجڻ جي ڪري غريب ماڻهو اها خريد ڪري نٿا سگهن يا خريد ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ٿي، جنهنڪري پڻ ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻهن کي، خاص طور تي معصوم ٻارڙن جي حياتين کي هاڃو رسي ٿو. توڙي جو نانگ جي ڏنگڻ ۽ ڪتي جي ڏاڙهڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ بيمارين جي وئڪسين ٺاهڻ لاءِ قائم ڪيل سنڌ اينٽي سنيڪ وينم اينڊ اينٽي ريبيز سيرولاجي ليبارٽري سڪرنڊ موجود آهي، پر فنڊن جي کوٽ سبب اها گهربل نتيجا نه پئي ڏيئي سگهي. سڪرنڊ واري ليبارٽري کي جيڪڏهن فنڊ ۽ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته اتي ايتري مقدار ۾ وئڪسين ٺهي سگهي ٿي، جو سڄي ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کان پوءِ اها اسان اها ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمائي سگهون ٿا. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز اسلام آباد ۾ ايتري وئڪسين نٿي ٺهي، جيڪا ملڪي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهي. حڪومت کي رولو ڪتن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ انهن جي پلجڻ وارا هنڌ، ذريعا ۽ سبب ختم ڪرڻا پوندا. ان سوال جو جواب ڀلا ڪير ڏيندو ته ڇا خصي ڪتا ڪونه ڏاڙهيندا؟