ايران اسرائيل ڇڪتاڻ: اڳتي ڇا ٿيندو؟

0
25
ايران اسرائيل ڇڪتاڻ: اڳتي ڇا ٿيندو؟

 ايران اسرائيل ڇڪتاڻ جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ اڳتي ڇا ٿيندو؟ ان سوال تي ميڊيا، سفارتي ۽ سياسي حلقن ۾ غور ۽ بحث ٿي رھيو آھي. دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيل جو حملو، تنھن جي جواب ۾ آپريشن “سچو واعدو” ھيٺ ايران جو اسرائيل تي جوابي حملو. ايران جي اسرائيل تي حملي جو اسرائيل طرفان ھر حال ۾ جواب ڏيڻ جو اعلان. مغربي ملڪن ۽ آمريڪا طرفان ڪي اعلان، جن ۾ ھنن خطي ۾ لڙائي ٿيڻ جي صورت ۾ اسرائيل جي تحفظ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ کيس تحمل کان ڪم وٺڻ جي صلاح به ڏني آھي. اسرائيل کي اھا به پڪ ھوندي آھي ته ڪنھن ارھ زورائي جي نتيجي ۾ مٿس ڪنھن حملي جي صورت ۾ مغرب سندس سرپرستي ڪونه ڇڏيندو. اسرائيل جيڪو ھن خطي ۾ پاڻ کي ناقابل تسخير سمجھڻ لڳو ھو، سو پنھنجي ان پوزيشن کي ڪيئن بچائي. ھو جي مڙي ويو ته  سندس ارڏي ھئڻ واري تصور کي ڇيھو رسندو ۽ مسلم ملڪن جي وچ ۾ رھندڙ اسرائيلي عوام ۾ عدم تحفظ جي سوچ وڌندي.

                 ڪجهه وقت اڳ روس جو يوڪرين تي حملو ۽ تازو ايران طرفان اسرائيل تي جوابي حملو قومي خودداري جي ضرورت ھيٺ نظر اچي ٿو. روس کي سڌ ھئي ته يوڪرين جي پاسي ناٽو سان لاڳاپيل يورپي ملڪ ۽ آمريڪا آھي، جيڪي شاھوڪار صنعتي ملڪ ھئڻ سان گڏ وڏي فوجي قوت رکن ٿا. اھي پنھنجي ساٿي ملڪ يوڪرين تي روس جي چڙھائي جي صورت ۾ يوڪرين جي مدد لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪندا، جنھن سان روس کي خوني ويڙھ ۽ معاشي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو. روس جو تيل، گئس، يوريا ۽ ٻين اسمن جو وڏو خريدار يورپ جيڪڏھن واپار بند ڪري ته روس جون معاشي حالتون ابتر ٿيڻ جو پڪو امڪان ھو. پر ناٽو ۽ آمريڪا جي روس کي گھيرڻ وارين لاڳيتين ڪوششن سبب روس وٽ ٻه آپشن ھئا: لڙائي ۽ تباھي جي خوف ۾ ھو ھٽي نيم غلامي قبول ڪري يا قومي آزادي ۽ خودمختياري برقرار رکندي پاڻ کان به وڏي قوت واري اتحاد سان مھاڏو اٽڪائي.

ائين معاشي پابندين ۾ جڪڙيل ايران پنھنجي محدود فوجي قوت سان اڪيلو بيٺو آھي. ٻئي طرف سندس مخالف اسرائيل کي  آمريڪا ۽ يورپ جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آھي. ايران کي خبر ھئي ته اسرائيل سان لڙائي ڪرڻ ڄڻ ته آمريڪا ۽ يورپ سان وڙھڻ جي برابر آھي، سو ان قوت کان ڊڄي ڪو بھانو ڪري، احتجاج ڪري چپ ٿي وڃي ھا يا پنھنجي قومي غيرت ھيٺ جوابي حملو ڪري. ايراني قوم ڊگھي عرصي کان آزاد قوم رھي آھي، تنھن جي خودداري واري سوچ جي تقاضا ھئي ته ھو بدلي ۾ اسرائيل تي حملو ڪري. ايئن ايران به پوئين آپشن جي چوند ڪئي.

سن 1967 ع ۾ اسرائيل جي اوچتي حملي ۽ ڇھن ڏينھن جي لڙائي ۾ جتي ٻين پاڙيسري ملڪن پنھنجا ڪي سرحدي علائقا وڃايا، اتي مصر جو صحراءِ سينا پڻ اسرائيل جي قبضي ۾ اچي ويو ھو. ان لڙائي ۾ شڪست جو بدلو وٺڻ ۽ علائقو واپس وٺڻ لاءِ مصر سن 1973ع ۾  پوري قوت سان اسرائيل تي حملو ڪيو ھو. ان ويڙھ دوران مصر جون فوجون ڪافي اڳتي وڌي ويون ھيون، جنھن جي نتيجي ۾ اسرائيل جي فوج شڪست جي ويجھو ھئي. اسرائيل جي لڙائي جي ميدان ۾ پسپائي تي آمريڪا کيس وڏي تعداد ۾ پنھنجا جديد ھٿيار ڏيڻ شروع ڪيا، جنھن تي مصر جي پيش قدمي رڪجي ويئي ۽ اسرائيلي فوج پنھنجي پوزيشن مضبوط ڪئي ھئي. اھا صورتحال ڏسي ان وقت جي مصري صدر انور السادات اھو چئي لڙائي بند ڪئي ھئي ته، “مان اسرائيل سان ته وڙھي سگھان ٿو پر آمريڪا سان وڙھي ڪونه ٿو سگھان”. اسرائيل جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ان کي اھڙي مدد حاصل آھي، جيڪا اڄ به جاري آھي. جنھن جي خبر ايران ۽  خطي جي ٻين عرب ملڪن کي آھي.

دمشق ۾ ايران جي سفارتخاني تي حملي جي رد عمل ۾ ايران جي سپريم روحاني اڳواڻ آيت الله خامنه اي اھو اعلان ڪيو ھو ته اسرائيل کي ان جي سزا ضرور ملندي. ساڳئي وقت ايراني صدر ابراھيم رئيسي پڻ ساڳي ڳالھ ورجائي ھئي. ايران جي حڪومت پوءِ آپريشن “سچو واعدو” ھيٺ جلد جوابي حملي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. ايراني حڪومت جي پاليسين ۽ خودداري کي ڏسندي ھر ڪنھن کي يقين ھو ته ايران جوابي حملو ضرور ڪندو، پر ڪن جو اھو به تجزيو ھو ته سامھون واري قوت ۽ سندس سرپرستن جي طاقت ۽ پٺڀرائي کي ڏسندي پنھنجي وڏي نقصان جو سوچي ايران شايد مڙي وڃي.

ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ اڻ سڌي لڙائي ڪافي وقت کان جاري ھئي، جنھن ۾  ايران جي ڪن اھم ماڻھن کي حملن ذريعي ماريو ويو ته سندس ڪن تنصيبات تي سائبر حملا به ڪيا ويا ھئا. سن 2020ع ۾ ايران جي ائٽمي پروگرام جو سربراھ محسن فخريزادو ھڪ حملي ۾ مارجي ويو ھو. جنھن لاءِ ايران جو چوڻ ھو ته ان کي اسرائيل جي جاسوسي اداري موساد ڪمپيوٽرائزڊ مشين گن ذريعي پري کان ڪنٽرول ڪندي ماريو ھو. ٻئي طرف ايران جي حامي تنظمين حزب الله اسرائيل تي حملا ڪندي رھي آھي. تازو غزه جي ويڙھ دوران يمن جي حوثين طرفان به اسرائيل سان لاڳاپيل ماڻھن ۽ ڪمپنين جي  بحري جھازن تي حملا ڪيا ھئا. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ھلندڙ اھا اڻ سڌي ويڙھ دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي کانپوءِ سڌي لڙائي ۾ بدلجي ويئي آھي.

ايران سڌو ۽ پنھنجي حمايتين حوثين ۽ حزب الله جي مدد سان اسرائيل تي 300 ڪروز، بيلسٽڪ ميزائيل ۽ ڊرون فائر ڪيا. اسرائيلي ۽ مغربي پريس موجب انھن مان نوي سيڪڙو اسرائيلي ميزائيل ٽوڙ نظام آئرن ڊوم ۽ آمريڪي نظام ذريعي روڪيا ويا، جنھنڪري نالي ماتر نقصان ٿيو ھو. ايراني فوج موجب، انھن اسرائيل جي نقب صحرا ۾ فوجي ھوائي اڏي کي نشانو بڻايو ھو، جيڪو اھڙن حملن جي منصوبابندي جو مرڪز آھي. پر ھڪ اسرائيلي اخباري ذريعي موجب 84 سيڪڙو حملا روڪيا ويا پر ڪي راڪيٽ فوجي اڏي تي ڪريا ھئا، جنھن سان ڪجھ نقصان به ٿيو.

اسرائيل اھڙو حملو برداشت ڪري رھڻ لاءِ تيار ڪونھي، ان ڪري اسرائيل جي جنگ متعلق وزراتي ڪاميٽي ان حملي جو جواب ھر حال ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. پر ڪڏھن ۽ ڪيئن؟ تنھن جو فيصلو اسرائيلي پاڻ ڪندا. ايران کي اھي به اطلاع مليا آھن ته اسرائيل جو امڪاني حملو ايران جي ائٽمي تنصيبات تي ٿي سگھي ٿو. ان تي ايران جي قيادت اھو بيان جاري ڪيو آھي ته جيڪڏھن اسرائيل اھڙي ڪا ڪوشش ڪئي ته ايران پنھنجي پرامن ائٽمي پروگرام واري پاليسي تي نظرثاني ڪندو، يعني ٻين لفظن ۾ ائٽمي ھٿيار ٺاھيندو. ٻئي طرف ‘جي- 7’ تنظيم جي ملڪن ھن معاملي ۾ ورچوئل ميٽنگ ڪرڻ  کان پوءِ  پڌرو ڪيو آھي ته ھن خطي ۾ اسرائيل سان ويڙھ جي صورت ۾ ھي ملڪ اسرائيل جو تحفظ ڪندا. ان کان اڳ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاليسي بيان ۾ اسرائيل کي مڪمل حمايت جو يقين ڏيارو ھو. ھن ئي موقعي تي يوڪرين، ويٽنام ۽ اسرائيل کي آمريڪي امداد ڏيڻ لاءِ جيڪو بل پڌرو ڪيو ويو آھي، تنھن ۾ اسرائيل کي 28 ارب ڊالر امداد ڏيڻ جي تجويز آھي. ان مان صاف ظاھر آھي ته اسرائيل جو جھيڙي ۾ ٿيندڙ نقصان، ھٿيارن جي کوٽ ۽ مالي مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ مدد ڪئي پئي وڃي.

ماضيءَ جي قبائلي سماج وارو رواج، جنھن ۾ پنھنجي جو پاسو وٺڻو آھي، پوءِ ڀلي ھن جو ئي ڏوھ ھجي، سو رواج اڄ جي جديد چورائيندڙ دنيا ۾ به موجود آھي. اڄڪلھ لابي سان تعلق رکندڙ ملڪ جي پٺڀرائي ڪرڻي آھي، ڀلي اھو جارح ھجي يا ڪنھن سان ڪا ڏاڍائي ڪري. ان حمايت کي جائز ڪرڻ لاءِ بھانا ۽ دليل کوڙ آھن.