اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، گهرو مامرن جي وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي جائزي لاءِ نيڪٽا هيڊ ڪوارٽر ۾  اجلاس ۾ ٿيو، جنهن ۾  گهرو وزرات جي ترجمان مطابق وفاقي گهرو وزارت جي سيڪريٽري، نيڪٽا جي سربراهه، ڊي جي ايف آءِ اي، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا، بلوچستان، آزاد ڪشمير ، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽرين سوڌو نيڪٽا جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ، نيشنل ايڪشن پلان ۽ انٽيليجنس ادارن جي ٽيمن، چيف ڪمشنر اسلام آباد  شرڪت ڪئي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾ ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اجلاس ۾  سڄي  پاڪستان اندر پوليس کي نئين ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ بابت بريفنگ  ڏني وئي ۽  پوليس کي نئين ٽيڪنالاجي فراهمي لاءِ تفصيلي مشاورت به ڪئي وئي، اجلاس ۾ آجيز  پوليس  چيني شهرين جي سڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته واضع ڪيل ايس اوپيز تي عملدرآمد نه ڪندڙن جي چرپر کي محدود ڪيو ويندو . اجلاس ۾ ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ،ڪراچي ۽ لاهور ۾ فل پروف سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان  قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو مامرن جي وفاقي وزير محسن نقوي چيو آھي ته پوليس سميت سمورا سڪيورٽي ادارا چيني شهرين جي حفاظت بابت ايس او پيز تي سو سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻائن، ان حوالي سان ڪنهن قسم جي ڪوتاهي برداشت  نه ڪئي ويندي ،پرڏيهي شهرين جي حفاظت جي ايس اوپيز تي عملدرآمد ۾ غفلت تي سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان کي پنهنجي ادارن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻو پوندو، وفاق ان حوالي سان صوبن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو، گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ڪچي جي علائقن ۾ شرپسند عنصرن جو گڏيل آپريشن ذريعي مستقل خاتمو ڪيو ويندو، ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ويندو ، هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ گذريل ڪجھه مهينن ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي جنهن ڪري اسمگلنگ ۾ گهٽتائي آئي آھي، سمورا ادارا گڏيل حڪمت عملي سان اسمگنلرن خلاف قانوني ڪاروائي کي يقيني بنائن .