واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مئي ۾ آءِ ايم ايف سان پروگرام ٿيڻ لاءِ پر اميد آهي، قرض واپس ڪرڻ لاءِ ريٽنگ ايجنسين سان رابطو ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرو يو ڏيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته معاشي سڌارن واري ايجنڊا برقرار رکڻ لاءِ ڊگهو ۽ وڏو قرض ضروري آهي. ايم ڊي آءِ ايم ايف سان گذريل ڏينهن بورڊ آف گورنرز جي ميٽنگ ۾ ملاقات ٿي،  پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان گھٽ ۾ گھٽ 6 ارب ڊالرز قرض جي اميد آهي. هن چيو ته ان قرض جي معاهدي کان پوءِ اضافي فنانسنگ جي درخواست ڪئي ويندي.  ٻئي پاسي عالمي مالياتي ادارن پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي. واشنگٽن ۾ پاڪستان جي معاشي ٽيم عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن جي معاشي اختيارين سان غير رسمي مشاورت ڪئي، حڪومتي ذريعن موجب مشاورت نئين آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان ڪئي وئي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي ادارن جي اختيارين پاڪستان جي معاشي ٽيم کي آءِ ايم ايف کان وڏي عرصي بجاءِ ٿورڙي وقت وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح ڏني، ادارن ٽيڪس نظام کي ڊجيٽلائز ۽ هر قسم جي رليف کي ختم ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو. ان کانسواءِ عالمي مالياتي ادارن مالي خسارو ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪمپنين جي تيز رفتار نجڪاري لاءِ به چيو.