اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيض آباد ڌرڻو ڪميشن ۾ پنجاب جي تڏهوڪي وڏي وزير جو بيان سامهون اچي ويو، شهباز شريف ڪميشن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اندازو نه هو ته فيض آباد ڌرڻو اهڙي صورتحال اختيار ڪندو، طاقت جي استعمال سان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو هو، هن چيو ته اُن وقت ٽي ايل پي اڳواڻن سان سياسي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ٽي ايل پي ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ معاهدو ٿيو ته ٽي ايل پي اڳواڻن خلاف ڪيس قانوني طور واپس ورتا ويندا، آفيسرز کي هدايت ڪئي ته اسلام آباد انتظاميا کي هر ممڪن سهڪار مهيا ڪيو وڃي. هن چيو ته پنجاب ۾ امن امان جي معاملن تي ڪابينا جي ماتحت امن ڪاميٽي جوڙي وئي هئي جيڪا صوبائي قانون واري وزير ۽ ڪجهه ٻين اهم صوبائي وزيرن تي ٻڌل هئي، ٽي ايل پي بابت انٽيليجنس جي ڪا به رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي هئي، شهباز شريف اهو به چيو ته ڪنهن تنظيم تي پابندي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ ڏنل سخت معيار تحت لڳندي آهي، پابندي گهرو وزارت پنهنجي مينڊيٽ موجب لاڳو ڪري سگهي پئي، ٽي ايل پي ۽ وفاقي حڪومت ۾ معاهدي ۾ اتفاق ٿيو هو.