سوال/سروي حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌڻ جي ذميوار آهي پي ٽي آءِ جا ووٽر ۽ سپورٽر گيس استعمال نه ڪن، بحران سبب عمران جي بدنامي ٿيندي: عوام

0
157

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان دنيا مان ايل اين جي خريدڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن ڪري سياري ۾ بدترين گيس بحران جو خطرو آهي، گهرن ۽ صنعتن کي صرف 9 ڪلاڪ گيس فراهم ٿيندي، ذميوار ڪير آهي؟ ان سموري صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌڻ جي ذميوار آهي، گيس بحران سبب صنعتون بند ٿي وينديون، گهرن ۾ رڌ پچاءَ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون، اهو به چيو ويو ته پي ٽي آءِ جا ووٽر ۽ سپورٽر گيس استعمال نه ڪن، گيس بحران سبب عمران خان جي بدنامي ٿيندي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ثناءُالله چنا لکيو ته وفاقي حڪومت کان ڪنٽرول نٿو ٿئي ته هٿ ڪڍي باقي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اٿن آ ايم ايف جي اشارن تي حڪومت هلي رهي آهي، شبير حسين ڀوت لکيو ته هتي روز شين جون قيمتون وڌن ٿيون، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته مهانگائي جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي، انتظار حسين ڦل لکيو ته وفاقي حڪومت ذميوار آهي، بشير ميراڻي لکيو ته سڄي بحران جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي، آءِ ايم ايف وٽ پاڪستان کي گروي ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ مهانگائي ۽ شين جي قيمتن ۾ واڌ عوام کي تباهه ڪري ڇڏيندي، موهن لال لکيو ته وفاقي حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جاويد احمد به سروي ۾ حصو ورتو، نياز سومرو لکيو ته جيستائين هي حڪومت نه ويندي عوام لاءِ ڪا چڱي خبر نه ايندي، محمد حسن بلوچ لکيو ته وفاقي سرڪار کي وقت کان اڳ جاڳڻ کپي ته بهتر رهندو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته هن وقت ئي ايتري مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي جو ماڻهو خود ڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، بلاول ڪنڀر لکيو ته اٽو 2800 جو مڻ، کنڊ 110 رپيا ڪلو، آئل 380 رپيا ليٽر ٿي ويو آهي، غريب جي مزدوري 500 رپيا آهي، رفيق احمد، عادل الاهي بخش به سروي ۾ حصو ورتو، مدثر کهاوڙ لکيو ته پاڪستاني حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض وٺندي ته حڪم به ان جا حڪومت کي مڃڻا پوندا ان جي سڄي ذميوار وفاقي سرڪار آھي. سليم اختر لکيو ته وڌيڪ مهانگائي برداشت نٿي ڪري سگهجي، اسان وٽ اڳ ئي گيس نه هئڻ برابر آهي، خادم گهراڻو لکيو ته هتي روز هر شي مهانگي ٿئي ٿي ٽيڪس آءِ ايم ايف جي چوڻ تي وڌن ٿا هتي بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ 9ڪلاڪ گيس ڏني ويئي ته صنعتون بند ٿي وينديون گهرن ۾ رڌ پچاء جا مسئلا ٿيندا، رزاق عاصي لکيو ته اها به هڪ حقيقت آهي ته مهانگائي عالمي مسئلو آهي پر سموري دنيا جا حڪمران انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عوام کي ٻارڻ نٿا بڻائڻ جهڙي ريت پي ٽي آءِ حڪومت بڻائي رهي آهي. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته حڪومت مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿيو ته مُستقبل ۾ رڳو خودڪشي، لُٽ مار، قتل و غارت جهڙا واقعا وڌندا رهندا، عرفان جروار لکيو ته اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ھر شئي گيس تيل ڪوئلو موجوده آھي پر نااھل حڪمرانن کان صحيح پاليسي نٿي ٺھي، شنڪر باغي لکيو ته ذميوار وفاقي سرڪار آھي، غلام علي ٻجورو لکيو ته سڄي صورتحال جي ذميوار وفاقي حڪومت آھي. رياست مدينه جا خواب ڏيکاريندڙن عوام کان ماني جو گرھ به کسي ورتو آھي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ ٻين صوبن جي نسبت سنڌ ۾ وڌيڪ آهي سنڌ جي گيس پنجاب موڪلي اسان جي مٿي ۾ ايل اين جي هنئي وڃي پئي انهي جي ذميوار وفاقي سرڪار آهي، نورمحمد ڪنڀر لکيو ته مهانگائي جي ڪري عوام تمام گهڻو پريشان آهي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته بيروزگاري جي ڪري هر روز خودڪشين ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، وفاقي سرڪار ناڪام ٿي وئي آهي، طارق حسين راڄپر لکيو ته وفاقي حڪومت نااهل آهي ذميوار به وفاقي حڪومت آهي جنهن ڪري عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، رزاق مستوئي لکيو ته ڀلو ٿيندو ته وڻ پوکجن ڇانو به ٿيندي ٻارڻ جون ڪاٺيون به هونديون. ايم موسيٰ لغاري لکيو ته جيڪي پي، ٽي، آءِ جا ووٽرز سپورٽرز آهن اهي رضاڪارانه طور گيس استعمال نه ڪن ته جيئن گيس جي کوٽ نه ٿيئي، ڇو ته گيس جي کوٽ سبب سندن ليڊر جي بدنامي ٿيندي، عبدالقدير جوڻيجو لکيو ته وفاقي سرڪار جي بدترين فيصلن جي ڪري پاڪستان هن وقت ڏکي وقت مان گذري رهيو آهي، اشفاق پنهور لکيو ته حڪومت عوام کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اسان مهانگائي ۽ بيروزگاري جا عادي ٿي ويا آهيون، اعجاز بجير لکيو ته جيڪو دل ۾ اچي پيو اهو تي لکي نٿا سگهون هن حڪومت لاءِ، عرفان سيلرو لکيو ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ساگر علي رضا لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، علي گل ڏيٿو لکيو ته انهن سڀني کي حادثاتي طور وزارتون مليون آهن، سبحان علي سمون به سروي ۾ حصو ورتو، شيراز چانگ لکيو ته هن حڪومت مان ٻي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، اعجاز احمد لکيو ته گو نيازي گو، ايم يوسف لغاري لکيو ته هتي رڳو بحران ئي بحران آهن، حبيب الله عمراڻي لکيو ته مهانگائي ان ڏينهن کان وڌڻ شروع ٿي آهي جڏهن عمران خان وزيراعظم ٿيو آهي، حاجي خان پنهور لکيو ته اسان ٻھراڙي جان ماڻھو ڪاٺين تي گذارو ڪريون پيا، عامر حسين لکيو ته حڪومت جي نا اهلي آهي، واحد بخش لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، رياض سولنگي لکيو ته هر شيءِ مهانگي ڪئي وئي آهي، حسيب مري لکيو ته حڪومت زميوار آهي، نثار لغاري لکيو ته مهانگائي جي ڪري عوام خودڪشيون پيو ڪري، عيدل ڪنڀر لکيو ته حڪومت ذميوار آهي.