اشو آف دي ڊي سراج دراني جي گرفتاري جون ڪوششون:سٺو يا خراب عمل؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
153

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سراج دراني جي ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو، اهڙي صورتحال کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به نئون بحث شروع ٿي ويو، ڪيترن ئي ماڻهن پاران اهڙيون پوسٽون شيئر ڪيون ويون، جيڪي سراج دراني خلاف ۽ حمايت ۾ هيون. ان سلسلي ۾ اشتياق سرڪي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آغا سراج دراني کي گرفتار ڪرڻ جون تياريون، نيب ٽيم آغا سراج جي گهر پهچي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سندس ضمانت رد ڪئي آهي، جنهن تي غلام سرور ۽ ميان وزير ابراهيم ڪلهوڙو زبردست لکيو، بلاول لاکو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري نيب ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت رد ٿي وئي، عدالت پاران گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي، عرفان گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري نيب ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت رد ڪندي عدالت پاران گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي. عرفان عالماڻي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي نادر عل، ماجد حيدري، مرتضيٰ دانيال، سجاد بهراڻي، وفا يامين لغاري، بلاول ڪنڀر، لکيو ته زبردست، ڀلو ڪم ٿيو،زاهد علي لکيو ته ڀلي جيل وڃي، نصرالله جمالي لکيو ته هاڻي روز سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو، فريد عزيز لکيو ته بهترين فيصلو ٿيو آهي، منٺار علي منٺار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ سندس پٽ جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.سندس زال ۽ ڌي جي ضمانت منظور ڪري ورتي. آغا سراج فيصلي دوران عدالت ۾ پيش نه ٿيو.آغا سراج دراني مٿان ھڪ ارب 27 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آھي. ضمانت رد ٿيڻ نيب جڏھن چاھي گرفتار ڪري سگھي ٿي.قاري قمرالدين لکيو ته پئسا واپس ڪري ڇڏي مسئلو کي ختم ٿي ويندو. مهدي حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  نيب اختيارين کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته آغا سراج دراني سدائين ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو آهي ۽ سرخرو ٿيو آهي توهان آغا سراج دراني کي جهڪائي نه ٿا سگهو، سراج دراني خلاف ڪا غير قانوني سازش ڪئي وئي ته اسان پاڪستانين پيپلز پارٽي جا ورڪر ۽ تعلقي ڳڙهي ياسين جو عوام ان سازش کي ناڪام بڻائيندو. عبدالحڪيم لاشاري لکيو ته نيب گردي نامنظور، محمد طاهر پنهور لکيو ته آغا سراج دراني ان ڪيس ۾ سرخرو ٿيندو،نويد ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سراج دراني جي ضمانت بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي ڇوته نيب پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.بشير احمد لکيو ته ڪوڙا ڪيس هجن ها ته گرفتار نه ٿين ها. رحمت الله ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ امڪاني طور نيب گرفتار ڪري ٿي ته وري سياسي بحث ڇڙي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ پ پ پ حڪومت خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آھي ۽ ان پس منظر ۾ ممڪن آهي جيئن بلوچستان حڪومت ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال جي صورتحال بيٺي آهي،ته اجهو ٿو وڃي، ڄاڻ ويو، وارو ميڊيا بحث جاري آهي، سنڌ ۾ به ڪو نئون سياسي ۽ حڪومتي بحث ڇڙي سگهي ٿو.