لاڙڪاڻي جي اسڪول ۾ استاد ۽ فرنيچر ڏيو

0
173

لاڙڪاڻي ضلعي جي يوسي سامٽيا جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب آهي، جنهن ڪري ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائي پيش اچي رهي آهي جڏهن ته اسڪول جو استاد  هوٽل جي ڪرسي تي ويٺل نظر اچي رهيو آهي، ھن اسڪول ۾ صرف هيڊماستر مقرر ٿيل آهي جيڪو ٻارن کي تعليم ڏيندو آهي، اسين سنڌ حڪومت توڙي تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کي اھا اپيل ڪريون ٿا ته گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول سامٽيا جي اسڪول کي استادن سان گڏ فرنيچر ڏنو وڃي.

( مزمل حسين سومرو جو واٽس ايپ ميسيج)