ٻوڏ بعد تباھه ٿيل جوهي، واهي پانڌي جي روڊن جي مرمت ڪرايو!

                 ڪاڇي ۾ هڪ طرف ٻوڏ ته ٻئي تيز برسات وري نئين گاج جي تيز وهڪري سبب پوري ڪاڇي کي پاڻ سان گڏ ڳنڍيندڙ واهي پانڌي جوهي روڊ مڪمل تباهه آهي، 10 ڏينهن گذري ويا آهن دادو ضلعي انتظاميا غائب آهي، واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت جي لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا، واهي پانڌي ڳوٺ پريو جمالي سنڌ جو ڪو مري گورک هل اسٽيشن ٽنڊو رحيم خان گاجي شاھ ڊرگهه بالا، حاجي خان ڳوٺ، غلام محمد لاشاري ڳوٺ، صاحب خان لغاري سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، واهي پانڌي روڊ جي جلد مرمت ڪرائي وڃي، ڪاڇي واسي علائقي واسي رستو نه هئڻ ڪري پريشان آهن تڪ جا چونڊيل نمائندا هن ڏکي وقت ۾ غائب آهن باقي ڪاڇي ۾جيڪڏهن اليڪشن جي مند هجي ها ته تڪ جا چونڊيل نمائندا جلدي جلدي هر ڳوٺ ۾ويندا آهن هن وقت ڪاڇي واسين مٿان قدرتي طرفان ڏکيو وقت اچي ويو آهي هن وقت تڪ جي چونڊيل نمائندن کي ظاهر ٿيڻ کپي جلد کان جلد واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪرايو وڃي ڪاڇي واسي جي تڪليف ختم ڪئي وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

شھيد روبينا اڄڻ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪيو!‎‎

  سنڌ ۾ گذريل وڏي وقت کان نياڻين سان جيڪي ظلم ۽ ڪلور ٿي رھيا آھن، سچ ته ڪڏھن ڪڏھن انھن بابت سوچي به ڊپ ۽ غم ۾ دل ڪنبي ويندي آهي، ذھن سوچ ۾ پئجي ويندو آهي ته آخر انسانن کي ڇا ٿي ويو آهي، جو اُهي ماڻهن مان وحشي جانور بڻبا ٿا وڃن. ڀلا شهيد روبينه اڄڻ جو سانحو ئي ڏسو ڪهڙو شخص اهڙو ڪٺور دل رکندڙ هوندو جو شهيد روبينه اڄڻ سان ٿيل ظلم جو ٻڌي پنهنجي اکين مان نير  روڪي سگھيو ھوندو. سنڌ جي تاريخي شهر کهڙا سان واسطو رکندڙ شهيد روبينه اڄڻ جنهن کي وحشي جانور اغوا ڪري اجتماعي زيادتيءَ بعد ڏاڍي تذليل ڪري اُنَ کي قتل ڪيو. وڏي ڏکيائيءَ سان اُن جي لاش کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ پهچايو ويو پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته شهيد روبينه جا قاتل اڄ به بنا ڪنهن ڊپ جي آزاد گهمي رهيا آهن. تقريبن ساڍا چار مهينا گذري چڪا آھن لمس اسپتال ڄامشورو انتظاميه طرفان هن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ناهي ڪئي. شهيد روبينه اڄڻ جو مظلوم ڀاءُ ۽ امڙ جيڪي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ لاڳيتو احتجاج ڪري رھيا آھن پر هن وقت تائين ڪو اهڙو شخص اڳيان نه وڌيو آهي جيڪو هنن کي انصاف ڏياري سگهي. لمس اسپتال ڄامشورو انتظاميه کي گذارش آهي ته جلد کان جلد مقتول نياڻيءَ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وڃي جيئن قاتل قانون جي پڪڙ ۾ اچي سگهن.

مبين سنڌي/گمبٽ

سوشل ميڊيا جا فائدا!

  ميڊيا جي لاءِ توهان اڪثر اهو ٻڌو هوندو ته ميڊيا پوري دنيا کي پاڻ سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، پوري دنيا کان  سولائيءَ سان ماڻھو باخبر رهي سگهي ٿو پر جتي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پرنٽ ميڊيا جو ريڊيو هجي يا ٽيليويزن جي عروج هجڻ باوجود (سوشل ميڊيا) جو اڄ ڪلھ ايترو ته استعمال وڌي چڪو آھي جو توهان کي هر ماڻھو سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندي نظر ايندو ۽ ٿيڻ به گهرجي ڇو جو سوشل ميڊيا جو هن وقت معاشري ۾ ھڪ وڏو ڪردار آھي پر شرط اهو آھي ته سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال هجڻ تمام ضروري آھي. جتي ڪا خبر اوهان کي اليڪٽرانڪ يا پرنٽ ميڊيا جي وسيلي 24 ڪلاڪن اندر ملي اتي اھا خبر صرف چند منٽن ۾ اوهان جي اکين جي سامهون هوندي آھي. سوشل ميڊيا جي ڪري توهان پنهنجو موقف به سولائيءَ اعليٰ ايوانن تائين رسائي سگهو ٿا، توهان ڪنهن مظلوم جو آواز هجي يا اهڙو ڪو سنگين مسئلو هجي يا ڪنهن ظالم حڪمران وڏيري ۽ ڀوتار جي ڪا ناجائزي هجي توهان آرام سان سوشل ميڊيا وسيلي اڄ ڪلھ ٻين تائين رسائي سگهو ٿا. سوشل ميڊيا اڄ ڪلھ ظالم حڪمرانن وڏيرن ۽ ڀوتارن جي لڪل توڙي ظاھري ظلمن  کي عوام آڏو ايئن صاف ۽ چٽو ڪري ڇڏيو آھي جيئن ڪو آئينو هجي. مختلف وقتن تي اوهان ٻڌو هوندو ته ظالم ۽ جابر جي ڪنهن مسڪين تي ظلم ۽ جبر جي خبر جڏهن سوشل ميڊيا تي نشر ٿئي ٿي ۽ ان کان پوءِ گورنمينٽ ان تي تڪڙو نوٽيس وٺي ان مظلوم جي داد رسي ڪئي. اھڙا کوڙ ئي سوشل ميڊيا جا فائدا اوهان کي نظر ايندا ايئن کڻي چئجي ته سوشل ميڊيا مظلومن جي آواز ۾ اسان وٽ ھڪ اهڙو ھٿيار آھي جنهن سان هر ظالم کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهون ٿا ۽ هر مظلوم جي سولائيءَ حمايت ڪري سندس کي پنهنجو حق ڏياري سگهون ٿا.

بخشل خان خاصخيلي/ ڳوٺ ٿرڙي ھاشم، نصيرآباد

ضلعي ھيڊ ڪوارٽر کي M5 موٽروي جو انٽرچينج ڏيو!

  اڄ کان ڪجھ سال اڳ جڏھن وفاقي حڪومت ملتان-سکر موٽروي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته ضلعي گھوٽڪي جي عوام خوشي مان نه پئي ماپيو ۽ عوام ان پراجيڪٽ کي ضلعي گھوٽڪي جي عوام لاءِ لائيف چينجر پراجيڪٽ سمجھيو ھو، جنھن سان عوام کي ھڪ ته بھترين سفري سھولت ملندي ٻيو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا جنھن سان ضلعي جي عوام کي تمام گهڻو فائدو رسندو اھڙا خواب دل ۾ سانڀي رکيا ھئا، آھستي آھستي اھي خواب ان وقت ٽٽل نظر اچڻ لڳا جڏھن وفاقي حڪومت ملتان-سکر موٽروي جا 2 انٽرچينج اھڙي ھنڌ منظور ڪيا جتي ضلعي گھوٽڪي خاص طور تي ميرپور ماٿيلو ۽ ڏھرڪي تعلقن کي ڪو فائدو نه مليو، گڊو مريد شاخ انٽرچينج جو فائدو ڪشمور ضلعي کي مليو جڏھن ته گھوٽڪي انٽرچينج ھوندي به ڏھرڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته مريد شاخ انٽرچينج ميرپورماٿيلو ۽ ڏھرڪي کان ايترو پري آھي جو موٽروي تي سفر ڪرڻ لاءِ پنوعاقل جيترو سفر پوئتي ڪري ڊبل تڪليف کڻڻ کان پوءِ سفر ڪري سگھجي ٿو ۽ جڏھن ته گھوٽڪي انٽرچينج ميرپور ماٿيلو ۽ ڏھرڪي کان لڳ ڀڳ 41 ڪلوميٽر پري آھي، جڏھن ته پنو عاقل 60 ڪلوميٽر ان صورتحال کي ڏسندي ٻنھي تعلقن جي عوام موٽروي تي سفر ڪرڻ بجاءِ نيشنل ھاءِ وي جي سفر کي اوليت ڏني، جڏھن ته ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ميرپورماٿيلو ۽ ڏھرڪي تعلقو انڊسٽريل زون آھن جتي فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني، اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني، ماڙي پئٽروليم ڪمپنيءَ سميت مختلف صنعتون آهن ان باوجود به ميرپورماٿيلو کي انٽرچينج نه ڏيڻ تعلقي جي عوام سان زيادتي آهي، ان لاءِ اسين وفاقي حڪومت، وزيراعظم سميت سي پيڪ انتظاميا کي گذارش ڪنداسين ته ميرپورماٿيلو – باگو ڊهو انٽرچينج جي منظوري ڏيندا ته جيئن ڏھرڪي ۽ ميرپورماٿيلو جو عوام کي به فائدو ٿي سگھي.

ضمير حسين مھر/ميرپورماٿيلو

ڪورونا وبا سبب فوت ٿيل ڪونڌر!

  ڪورونا وبا جنھن ھر شيءِ کي نشاڻو بڻايو آهي، ادبي دنيا ۾ مھينو اڳ ڪورونا سبب فوت ٿيل محبوب شاعر ۽ ھر دل عزيز انسان غلام حسين رنگريز کسيو، سنڌي ثقافت جو اھجاڻ سيد علي محمد شاھ لڪياري، صحافي رحيم الله يوسفزئي، ٽنڊي الھيار پريس ڪلب جو بنياد وجھندڙ نصير نھڙيو سميت سوين ڏات ڌڻي کسيا آهن، جن جو خال نٿو ڀري سگھجي. ملڪ ۽ سنڌ ليول کي ڇڏي جيڪڏهن بئراج ۽ ٿر جي گيٽ وي واري شھر نئون ڪوٽ ۾ پڻ 20 کان مٿي موت ڪورونا وگھي ٿيا آهن جن جو مان ڪي موت ڪورونا ھجڻ باوجود نه ڄاڻايا ويا پر نئون ڪوٽ واسين کان ھن ڪورونا وبا جي آڙ نوابزده ٽالپر خاندان جو ھڪ بهترين انسان مير خان محمد ٽالپر جيڪو مھينو اڳ وفات ڪري ويو ھو، ھڪ صوفي منش انسان نه رڳو انسانن سان پر پکين ۽ جانورن سان به محبت ڪندو ھو، سندس ڪمھلو موت نئون ڪوٽ واسي ڪڏهن به وساري نٿا سگھن. بزرگ سماجي اڳواڻ مسڪين جھان خان کوسي جو تسلسل قائم رکندڙ رئيس رحيم خان نوتڪاڻي به ڪورونا وبا جو کاج بڻيو، جيڪو ھر سال ايل بي او ڊي جي تباھ ڪارين گھارن لڳڻ وقت ميڊيا کي گھرائي مٿان ايل بي او ڊي جي نقصان جا داستان ٻڌائيندي چوندو ھو ته اھا اسان مٿان لڙڪندڙ تلوار آهي، مھا آفت آهي، واڪا ڪرڻ جي حساب سان مرحوم رئيس رحيم خان نوتڪاڻي ڪڏهن وسان ڪو نه گھٽايو، واپاري ايسوئيشن نئون ڪوٽ جو نائب صدر سيٺ کجو مل ڪرماڻي به ھڙان وڙان عريب ماڻھن جي مدد ڪندو ھو، سائين تولا رام سوٽھڙ رٽائر استاد ھو، گوپال مالھي ڪورونا بعد اوچتا ھليا ويا، جن کي اڃا جيئڻ گھربو ھو سندن موت جو ٻڌي موت کي به پارائتو ڏيڻو ٿو پوي.

سرمد ساگر لاشاري/ نئون ڪوٽ، ميرپورخاص

رائيس ملز مزدورن جا مسئلا حل ڪريو!

  جيڪب آباد ضلعي ۾ رائيس ملن ۾ سوين مزدور ڪم ڪري رھيا آھن، جن کي سھولتن جي تمام گھڻي کوٽ آھي ته وري ٻئي طرف انھن جي اجرت به نه ھجڻ برابر آھي، جنھن ڪري ھنن کي ٻن ويلن جي ماني به نٿي ملي، جڏھن ته ھنن جي اجرت سارين ۽ چانورن جي اگھه سان گڏ ھر سال وڌائڻ کپندي ھئي پر افسوس ته مل مالڪن يونين اڳواڻن سان ملي ڀڳت ڪري مزدورن جي اجرت ناھن وڌائي، جنھن ڪري اڄ مزدور طبقو لنگھڻ ڪٽي رهيو آهي، رائيس ملن تي مزدورن کي سھولتن جي به تمام گھڻي کوٽ آھي، مٺي پاڻي ۽ ٿڌي پاڻي جي سھولت، ليٽرين، باٿروم ۽ گرمي ۾ ڇانوَ جھڙي سھولتن سميت ٻيون سھولتون موجود ناھن. رائيس ملن جا مالڪ يونين اڳواڻ سان ملي ڀڳت ڪري مزدورن جي اولڊ بينيفٽ فنڊ، ليبر ڊپارٽمينٽ پاران مزدورن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ جاري ڪيل ڪروڙين رپين جي فنڊن ۾ ٿيل گھوٻين ۽ ليبر ڪالونين جا ڪواٽر به مزدورن بجاءِ وڏيرن جي واٺن حوالي ٿيل آھن. مزدورن کي علاج معالجي لاءِ قائم ڪيل سوشل سيڪيورٽي اسپتال به بند پيل آھي، اسپتال ۾ ايندڙ ڪروڙن جي بجيٽ به ڪرپشن جي ور چڙھيل آھي. ايتري تائين جو مزدور پنھنجي زندگي ھڪ ئي رائيس مل ۾ ڪم ڪندي به ان کي بيماري يا وري مل ۾ ڪنھن حادثي ۾ معذور ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي مل مالڪ گھر جي خرچ کان وٺي اسپتال جي خرچ تائين ان کي ڪا رقم جاري ناھن ڪندا، ملن جا مالڪ مزدورن سان ھٿ ملائڻ کان وٺي ڳالھائڻ تائين عيب سمجھندا آھن. ملن تي ڪم ڪندڙ مزدور ڪافي ڏينھن کان ملن جي تالابندي ڪري پنھنجي حقن لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن، ھن سرمائيداري نظام ۾ ھن وقت تائين مزدورن جي احتجاج جو چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ حڪومت نوٽيس ناھي ورتو. ضلعي جيڪب آباد جي رائيس ملن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو مطالبو آھي ته اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي اسان جي اجرت وڌائي ڏني وڃي، ملن ۾ سھولتن جي کوٽ ختم ڪري کين سھولتون مھيا ڪيون وڃن ۽ مزدورن لاءِ اولڊ بينيفيٽ فنڊن سميت ٻيا ايندڙ فنڊ مھيا ڪيا وڃن.

محمد رمضان نوناري/ٺل

بلدياتي اليڪشن 120 ڏينهن جي اندر ڪرائڻ ضروري آهي!

  قومي اسمبليءَ جي قانون ۽ انصاف واري قائمه ڪاميٽيءَ سفارش ڪئي آهي ته سموريون صوبائي حڪومتون جلد کان جلد مقامي حڪومتن جا اليڪشن ڪرائين. تنهن کان سواءِ مڪاني چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن حڪومت کان فنڊ گهري ورتا آهن، اسلام آباد ۽ چئني صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جو موقوف ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن پهرين مرحلي ۾ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ تنهن سان گڏ سڀني صوبن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مڪاني حڪومتون جمهوريت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪنديون آهن، جتان ماڻهو سياست ڪري صوبائي ۽ قومي سطح تي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا آهن. جي ان بنياد کي ئي ختم ڪري ڇڏجي ته هڪ مضبوط عمارت کي بيهارڻ ڏکي نه پر ناممڪن ٿي پوندو. وزير اعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان پهريان مقامي حڪومتن جي ذريعي عوام جا ڪم ڪاريون ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جو زبردست حامي هو. ترميمي بل آرٽيڪل 140-A تحت مقامي حڪومتون ختم يا تحليل هجڻ جي صورت ۾ 120 ڏينهن جي اندر اليڪشن ڪرائڻ لازمي هوندا آهن. جنهن لاءِ حڪومت کي فوري طور تي بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ڪو منصوبو جوڙڻ کپي. بلدياتي اليڪشن ذريعي چونڊيل چيئرمين ۽ ٻيا نمائندا مقامي سطح تي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ، ناجائز منافعي خورن لاءِ گهيرو تنگ ڪرڻ ۽ عوام کي رليف پهچائڻ جنهن لاءِ حڪومت کي پنهنجي ساک کي بهتر بڻائڻ لاءِ مقامي حڪومتن جا اليڪشن فوري طور ڪرائڻ کپن. تان جو جمهوري تسلسل برقرار رهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

سنڌ جي تعليم ۽ آءِ بي اي جو ظلم!

                 تازو ئي سنڌ جي ۾ خالي پين 46000 اسامين جي لاءِ استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي، جنھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ قابليت گريجوئشن سيڪنڊ ڪلاس پاس پلس 50 سيڪڙو مارڪون ھئڻ لازمي قرار ڏنو ويو، في درخواست جي فيس 700 رپيا ھئي، جن ۾ ڪافي اميدوار جن جي سيڪنڊ ڪلاس هو پر مارڪون 50 سيڪڙو نه ھيون، انھن به ان آسري تي اپلاءِ ڪيو ته شايد حڪومت ڪجھ نرمي ڪري پر ايئن نه ٿيو اھڙن ھزارين اميدوارن کان فيس ته ورتي وئي پر انھن جا فارم رد ڪيا ويا ۽ 46000 اسامين جي لاءِ 4 لک جي لڳ ڀڳ اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو ۽ آءِ بي اي وارن کي فيس جي وصولي ۾ تقريبن 28 ڪروڙ رپيا مليا، ٽيسٽ ھر ڊويزن جي ھيڊ ڪوارٽر ۾ ورتي وئي، جنھن ڪري پري پري کان ايندڙ اميدوار صبح جو 6 وڳي گھران نڪرڻ تي مجبور ٿيا ڇو جو ساڍا ست وڳي لازمي سينٽر تي پھچڻو ھو، ٽيسٽ پاس ڪرڻ لاءِ پھرين ھر سيڪشن پوءِ ھر سبجيڪٽ مان 45 سيڪڙو مارڪون ۽ اوور آل 55 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي قرار ڏنو ويو، جنھن تي ڪافي اميدوارن اعتراض به ڪيو پر آءِ بي اي ۽ سنڌ حڪومت پنھنجي پاليسي برقرار رکي. پھرين مرحلي ۾ JEST ٽي ٽيسٽ ورتي وئي جنھن ۾ آءِ بي اي جي معيار موجب صرف 0.8 سيڪڙو اميدوار ئي ڪامياب ٿي سگھيا، جڏھن ته PST ۾ ڪجھ ضلعن کي سولي ٽيسٽ ۽ لاڙ جي ضلعن خاص ڪري سجاول بدين ۽ ٺٽي وارن کي ڏکي ٽيسٽ پيپر ڏنو ويو، ان ھوندي به 10 ھزار جي لڳ ڀڳ اميدوارن جي پاس ٿيڻ جا اطلاع آھن ۽ جتي آءِ بي وارا پنھنجي پاڻ کي معتبر سمجھن ٿا اتي بار بار ڪنٽرول روم مان اميدوارن کي گھرائڻ جا اطلاع به ايندا رھيا، جنھن تي ڪافي دوستن غور ڪيو ۽ اعتراض به ڪيو ته جڏھن ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۽ ختم ٿيڻ تائين اميدوار کي پنھنجي جڳھ تان اٿڻ جي اجازت نه ھوندي تنھن ھوندي به ڪنٽرول روم ۾ گھرائڻ ۾ به ڪجھ گڙٻڙ نظر اچي ٿي ۽ ٻي ڳالھ ته سواءِ بدين، ٺٽي ۽ سجاول سميت لاڙ جي ضلعن ٻين ضلعن با پيپر به آئوٽ ٿيا، جيڪڏھن آءِ بي اي وارن جي سخت نگراني باوجود موبائل تي فوٽو نڪري سگھن ٿا ته آنسر ڪي به آئوٽ ٿي سگھي ٿي ۽ ان ٽيسٽ جي نتيجن کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جاري آھن، سوشل ميڊيا تي به پوسٽون ھلن پيون ته 45 سيڪڙو واري پاليسي ختم ڪئي وڃي ۽ پاسينگ ريشو 30 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو رکي ٽاپ ٽو باٽم يوسي پوءِ تعلقي پوءِ ضلعي ليول تي ڀرتي ڪئي وڃي ته جيئن خالي پيل سيٽون ڀرجي سگھن ۽ سنڌ جي تعليم جيڪا ڪافي سالن کان تباھ آھي ان ۾ ڪجھ سڌارو اچي سگھي ۽ جيئن آرمي ۽ پوليس ۾ ميڊيڪل ٽيسٽ ٽرينيگ ڏني ويندي آھي انھن ٽيچرز کي ٽرينيگ ڏئي قابل بڻائي پوءِ ئي اسڪول روانو ڪيو وڃي.

محمد ٻارڻ ساحل/سجاول

علم زندگي کي روشني ڏيندڙ ڏيئي جيان آهي!‎‎

  علم جي لفظي معنيٰ آهي ڄاڻ يا آگاھ ٿيڻ، علم ھڪ اھڙو نور آهي جنھن سان جھالت جي اوندھ ختم ٿي شعور ۽ آگاھيءَ واري روشني پيدا ٿئي ٿي. علم انسان ۽ جاھل ۾ فرق ظاهر ڪري ٿو. ان کان سواءِ علم اھڙو ته قيمتي زيور آهي جيڪو ظاهر طور پاتل ته نظر نه ايندو آهي پر جنھن وٽ ھوندو آھي ان جي زندگي کي سولاين سان سينگاري ڇڏيندو آهي. علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا به عمر، وقت نه ھوندو آھي. جيئن اسان جي نبي حضرت محمد ﷺجن ارشاد فرمايو آهي ته “علم پرايو پينگھي کان قبر تائين” جيڪڏهن اسين علم حاصل ڪرڻ لاءِ عمر، وقت، حالتن ۽ سھولتن جو بندوبست نه ھئڻ کي ڏسنداسين ته اسين ڪڏهن به اڳيان وڌي نه سگھنداسين. جھڙي طرح چيو ويندو آهي ته “علم انسان جي ٽين اک آهي” ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته علم جي ھجڻ ذريعي انسان صحيح ۽ غلط جي پرک ڪرڻ سان گڏ ڏکين حالتن، منجھيل يا بگڙيل ڪمن جو سولائيءَ سان حل ڪڍي سگهي ٿو. علم حاصل ڪرڻ نه رڳو مرد پر عورت تي به فرض آهي ڇو جو ھڪ مرد پڙھيو ته ھڪ فرد پڙهيو پر ھڪ عورت پڙھي ته نسل پڙھي عورت مٿان نسل جون ذميداريون رکيل آھن، علم جي طاقت ذريعي اھا اولاد جي سٺي تربيت، پرورش، اٿڻ ويهڻ جو سلوڪ ۽ گھڻو ڪجھ جيڪي ان اولاد جي بھترين مستقبل کي سنوارڻ جي ذميدار آهي. جيڪا صرف علم جي ھجڻ ڪري ئي پنھنجي ذميداريون سھڻي نموني سان نڀائي سگھي ٿي. ان کان سواءِ علم ھڪ اھڙي وسيح دنيا آهي جيڪا ڪڏھن به ختم ٿيندڙ نه آهي. تنھن ڪري ھر انسان کي گھرجي ته پنھنجو قيمتي وقت فضول ڳالهين تي لڳائڻ بدران ھر وقت علم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رھن.

تانيه سليم/ قمبر علي خان

ماستري جي ٽيسٽ ۽ اويس سان ٿيل ڪچھري!

  اويس رياضي ۾ 20 مان 18 مارڪون کنيون آھن، ڪمپيوٽر جيڪا ھن کي ڪڏھن به اسڪول يا ڪاليج ۾ نه پڙھائي وئي پر ڪڏھن ڏيکاري به نه وئي ته اڳتي ھن مان به ڪا ٽيسٽ ورتي ويندي، ٽوٽل مارڪون 76 اٿس پر ڪمپيوٽر جي حصي مان ھڪ مارڪ تان فيل آھي ۽ يوسي ۾ ٽاپ مارڪون کڻي پوزيشن حاصل ڪئي اٿس ۽ ھن جي يوسي جو ٻيو اميدوار ھر سبجيڪٽ ۾ پاس آھي پر 55 مارڪون نه ھجڻ جي ڪري فيل آھي. ھاڻي اويس کي پنھنجي محنت تي يا قسمت تي روئڻ گھرجي يا ھن ھن ناڪارہ پاليسي خلاف ڪنھن کي دانھن ڏئي جتي لکن جي تعداد ۾ سنڌ جا ماڻھو سوشل ميڊيا تي دانھون ڪن پيا مختلف اخبارن ٽي وي چينلن تي احتجاج رڪارڊ پيا ڪرائين ڇا انھن جي دانھن جي ڪا داد فرياد ٿي سگھي ٿي يا انھن ماڻھن کي نااھل ۽ 90 جي آڱوٺي ڇاپ استادن جو ٺپو ھڻي ھنن جي آواز کي خاموش ڪرائي ڇڏيندا پر مان تعليم جي وزير کي عرض ٿو ڪيان ته اسان ھن 90 وارن استادن مان گھڻو ئي پڙھيا ۽ گھڻو ئي ھنن مان سکيا آھيون، ايئن پنھنجن ابتن پاليسين ۽ نااھلي کي لڪائڻ لاءِ استادن تي نااھلي جو ٺپو نه ھڻو ۽ پنھنجن غلطين کي به مڃڻ جي سگھ رکو، مڃون ٿا اوھان سياسي ماڻھو آھيو پر جنھن عھدي تي اوھان ھينئر ويٺا آھيو اتي اوھان کي سنڌ جي سڀني استادن، شاگردن، شاگردن جي والدين جي ڀلائي لاءِ اوھان کي ڪم ڪرڻو آھي اوھان ته ھن سماج ۾ سڀني کي ھيٺ ڪيو ويٺا آھيو استادن کان وٺي شاگردن تائين سڀ آڱوٺي ڇاپ ۽ نه اھل آھن ته پوءِ آخر اھل ڪير آھي ھن سنڌ ۾؟ اوھان ٻڌايو اوھان ڪھڙن استادن وٽ تعليم حاصل ڪئي آھي يا اوھان سان گڏ جيڪي اسيمبلي ميمبر جيڪي اوھان وانگر مختلف وزارتن تي ويٺل آھن ضرور انھن جا به ڪيترائي استاد 90ع واري ڏھاڪي جا آھن ڇا پوءِ اھي ميمبر به نااھل آھن جيڪڏھن اھي اھل آھن ته انھن کان به آءِ بي اي واري ٽيسٽ ورتي وڃي ۽ اھا ٽيسٽ اوھان به ڏجو ڏسون ٿا ته اسيمبلي ۾ ويٺل ميمبر اھل آھن يا سنڌ جي روڊن تي 94 ۽ 80 مارڪون کڻندڙ اھل آھن ان جو فيصلو اوھان کي ڪرڻو آھي. آخر ۾ اھو ئي عرض آھي ته آءِ بي اي جي ورتل ٽيسٽ ۾ 45 سيڪڙو وارو شرط ھٽائي اور آل 40 مارڪن تي اميدوارن کي پاس ڪري ماستري جا ليٽر ڏنا وڃن جيئن سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کوليا وڃن ۽ استادن جي کوٽ به ختم ڪئي وڃي سنڌ جي ماڻھن جون اوھان ۾ اميدون آھن اميد ته ھنن تي اوھان پورو لھندو.

ساجد اقبال کوسو/قاضي احمد