سن ۾ فائرنگ واري واقعي خلاف ايس يو پي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن احتجاج

0
231
سن ۾ فائرنگ واري واقعي خلاف

ڪراچي (رپورٽر) سن ۾ فائرنگ واري واقعي خلاف ايس يو پي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، سن ۾ شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

لاڙڪاڻو، ڄامشورو، جوهي، ڀان سيد آباد، گاجي کهاوڙ، ڍورو نارو ۽ ٺارو شاهه ۾ به مظاهرا، مظاهرين پاران سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرا جي موقعي تي فائرنگ ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي وئي، گذريل ڏينهن پوليس جي فائرنگ ۾ 2 ڪارڪن زخمي ٿيا هئا

جڏهن ته وڏا ڇڇر ٿاڻي جي پوليس سن ۾ فائرنگ ۽ پوليس وين ساڙڻ واري واقعي جو 15 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ايف آءِ آر ۾ 3 سڃاتل ۽ 12 اڻڄاتل جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن

پوليس ٽن ڄڻن شبير جمالي، نياز منگي ۽ احسن ميمڻ جي گرفتاري به ظاهر ڪري ڇڏي، پوليس جو موقف آهي ته سن ۾ هڪ ڌڙي پاران ملڪ خلاف نعريبازي ڪرڻ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي، بندش پيل تنظيم جي ڪارڪنن پسٽل سان فائر ڪيو، جنهن بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي

هي به پڙهندا

ميهڙ مان چيئرمين جي چونڊ وڙهندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ گرفتار، شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻو