ميهڙ مان چيئرمين جي چونڊ وڙهندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ گرفتار، شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻو

0
319

ميهڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) دادو پوليس پاران ميهڙ مان پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ چيئرمين ميونسپل ڪميٽي جي اميدوار نياز علي ٻرڙو جي گرفتاريءَ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، واپارين پاران شٽربند هڙتال، شهرين ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون

ميهڙ ۾ چيئرمين جي چونڊ وڙهندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو، ڪارڪنن پاران شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو، نيازعلي ٻرڙو جي گرفتاري بعد پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران ميهڙ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو

ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ جي چونڊيل ستن ڪائونسلرن جي به شرڪت، پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل رات دادو پوليس جي اٽالن نيازعلي ٻرڙو جي گهر تي چڙهائي ڪري  کيس گرفتار ڪري کڻي وئي آهي

جڏهن ته ميهڙ مان مبينا کنڀيل پي ٽي آءِ  اميدوار سميت 4 ڄڻن تي  دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، دادو ۽ ميهڙ پوليس فجر مهل پي ٽي آءِ  پاران چيئرمين جي چونڊ وڙهندڙ نياز ٻرڙو کي مبينا طور کنڀي کڻي وئي هئي

پ پ ايم پي اي فياض ٻٽ جي ڀاءُ  امتياز ٻٽ جي فرياد تي ميهڙ ٿاڻي تي  دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اميدوار نياز علي ٻرڙو، هاشم ٻرڙو، زبير سمون ۽ علي نامزد ڪيا ويا آهن

هي به پڙهندا

ميئر جي مقرري جماعت اسلامي ۽ ٻين جي مشاورت سان ڪنداسين: وڏو وزير