سنڌ ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي گجگوڙ سان برسات، ڪاڇي ۾ تباھي

0
310
سنڌ ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي
سنڌ ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي گجگوڙ سان برسات، ڪاڇي ۾ تباھي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي گجگوڙ سان برسات جاري آھي، لاڙڪاڻو، نئون ديرو، رتوديرو، مديجي، ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وسڪارو پيو

شهدادڪوٽ، صالح پٽ، روهڙي ۽ ڪنڌرا ۾ گجگوڙ سان برسات جاري آھي، بدبن، ٺارو شاهه، ڪنڊيارو، محرابپور، خانواهڻ، ٽنڊو باگو ۽ ڀرپاسي ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوا سان برسات پئي

برسات بعد رستا ۽ گهٽيون پاڻي جي تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويا، برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، شھرين کي پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي

ٻئي پاسي ڪاڇي ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ نئين جي پاڻي تباهي ڪري ڇڏي آھي، ٽنڊو رحيم خان، ڇِنِي، ساوڙو ۽ ٻين يوسيز ۾ سوين ڳوٺن کي پاڻي جو گهيرو آھي

ڪاڇي جو شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿيڻ سبب ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ پريشاني، گهر ڊهڻ سبب متاثر ٿيل خاندان کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل، انتظاميا ريسڪيو ۽ رليف آپريشن شروع نه ڪيو

ھي به پڙھندا

سيوهڻ ڀرسان ڊلهه ڊيم ٽٽي پيو: ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ

سنڌ ۾ ڪئنالن، بندن، شاخن ۽ واهن کي گهارا