سنڌ ۾ ڪئنالن، بندن، شاخن ۽ واهن کي گهارا

0
153
سنڌ ۾ ڪئنالن، بندن

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪئنالن، بندن، شاخن ۽ واهن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ سبب گهارا پوڻ جو سلسلو جاري آهي

ميرپور ٻرڙو ڀرسان جهاڳي واهه کي 15 فُٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي

ڪريم بخش کوسو لڳ ڳڙهي حسن ڊسٽري کي لڳل گهارو وڌي 60 فٽ ٿي ويو، گهاري جي پاڻي سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل ٻوڙي ڇڏيا

ھي به پڙھندا

ڪاڇي ۾ برسات بعد تباھي: ڪيترن ئي ڳوٺن جو جوھي ۽ دادو سان زميني رابطو ڪٽيل

اطلاع باوجود آبپاشي کاتي جا عملدار نه پهتا آهن، جنهن سبب ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن

بهرام ڀرسان وارهه ڪئنال مان نڪرندڙ ٺل شاخ کي 20 فُٽ گهارو پوڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته مبارڪپور لڳ الله آباد شاخ کي لڳل گهارو آبپاشي عملي جي لاپرواهي سبب 100 فُٽ ٿي ويو

ڳوٺاڻن موجب گهاري جو  پاڻي فصل ٻوڙڻ بعد ڳوٺن ڏانهن وڌي رهيو آهي، آگاهه ڪرڻ باوجود لاڳاپيل کاتي تحرڪ نه ورتو آهي

سجاول جوڻيجو لڳ مستوئي شاخ کي 5 فُٽ گهارو پوڻ سبب ساريالو فصل ٻُڏي ويو، ڪنهن به علائقي ۾ آبپاشي عملدار گهارو ٻڌڻ لاءِ حرڪت ۾ نه آيا

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي ھلڪي برسات جاري