پير وسڻ (ن پ ا) پير وسڻ ڀرسان مھراڻ نيشنل ھاءِ وي تي محمد شاھ اسٽاپ ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ مزدا وچ ۾ زوردار ٽڪر، پيرسن فوت، ڀائيٽو سخت زخمي. تفصيل موجب پير وسڻ ٿاڻي جي حد مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي محمد شاھ اسٽاپ وٽ تيز رفتار مزدا جو موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ ڳوٺ خدا بخش نوراڻيءَ جو رهواسي پيرسن 60 ورهين جو غلام شبير عرف شبن نوراڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀائٽيو جمشيد علي شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. پير وسڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مزدا کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو، جڏهن ته ڊرائيور حادثي واري هنڌ تان فرار ٿي وي. فوتي پيرسن جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.