اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان آئل ٽئنڪر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ٻارڙي فوت، والد سخت زخمي، خبر موجب ننگرپارڪر روڊ تي آئل ٽئنڪر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ورهين جي جينا ڀيل ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندن پيءُ بلو ڀيل سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي سرڪاري اسپتال آندو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻارڙي ۽ سندن والد ٽنڊوباگو کان ننگرپارڪر گهمڻ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، حادثي بعد ٽئنڪر ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس آئل ٽئنڪر تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي،