عوام سان گڏ آھيان: مريم نواز پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

0
379
عوام سان گڏ آھيان: مريم نواز
عوام سان گڏ آھيان: مريم نواز

نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، مريم نواز ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته آئون عوام سان گڏ آهيان، حڪومتي فيصلي جي حمايت نٿي ڪري سگهان

ناڻي وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جو اگهه 6 رُپيا 72 پئسا واڌ بعد 233 رُپيا 91 پئسا في لِٽر ٿي ويو آھي

 هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 51 پئسا واڌ بعد 244 رُپيا 44 پئسا في لٽر مقرر ڪيو ويو

 گاسليٽ جو اگهه هڪ رُپيا 67 پئسا واڌ سان 199 رُپيا 44 پئسا في لِٽر ٿي ويو، ھڪ نوجوان پاران ٽوئٽ تي جواب ڏيندي مريم نواز چيو تھ ميان صاحب ھن فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي

ايتري تائين چئي ڇڏيو تھ مان ھڪ پئسي جو بھ بار عوام تي وجھي نٿو سگھان ۽ جيڪڏھن حڪومت جي ڪا مجبوري آھي تھ ان فيصلي ۾ مان شامل ناھيان ۽ ھو ميٽنگ ڇڏي ھليو ويو

ھي به پڙھندا

عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ باوجود وفاقي سرڪار عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو