ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، مختلف شهرن ۾ وڌيڪ 45 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي، زخمين ۾ ڪيترائي ٻارڙا شامل. خبر موجب لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن 28 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن ۾ عاليه، نويد، رخسانه، صنم، قدير ۽ اشرف علي شامل آهن. وارث ڏنو ماڇي جي ڳوٺ دريا خان بروهي ۾ رولو ڪتي هڪ ئي گهر جي 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، زخمين ۾ عبدالوهاب بروهي، علي جان، واحد بخش، وحيده، ميرزادي، ذڪيه ۽ علي خان شامل آهن. ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن هڪ ڏينهن ۾ نوجوان سميت 6 ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو، زخمين ۾ رياض، سميرا، انيتا، نصر الله، نصير احمد، گوهر ۽ الهه بخش شامل آهن. ٺٽي ۾ مڪلي ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 5 معصوم ٻارڙن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، زخمين ۾ عبدالجليل ميمڻ، ارسلان چانڊيو، حسنين جماري، عثمان جماري ۽ فيضان شامل آهن.