ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي علائقي ملير مان اغوا ٿيل ٻن ميرپورخاص واسين آبادگار ذوالفقار عليم وساڻ ۽ محسن مري کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگھي. ان سلسلي ۾ سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ علي پلهه، محمد خان مري، مرتضيٰ اوٺو، فدا چوهاڻ ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آبادگارن ۽ ٻين ماڻهن جي اغوا جي انڊسٽري اڀري رهي آهي، پر ان کي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جون گهرو وزارتون ننڊ پيل آھن ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته پوليس ڪجهه اغوا جي ڪيسن کي معمولي ڪيس قرار ڏئي ڏوهارين جي همٿ افزائي ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته هڪ طرف ٻوڏن، ڪورونا صورتحال ۽ فصلن جا گهٽ اگهه ملڻ سبب آبادگار پريشان آهن ته ٻئي طرف کين اغوا ڪيو پيو وڃي. سنڌ پوليس چاهي ها ته جوابدارن تائين پوليس هڪ ڏينهن ۾ پهچي پئي سگهي، پر ائين نه پيو ڪيو وڃي، ھنن چيو ته ميرپورخاص جي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي ترجيحي بنيادن تي ان ڪيس کي ڏسڻ گهرجي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته اغوا ٿيلن ميرپورخاص واسين ٻن ڄڻن کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سارڪ پاران احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي ڌرڻا ھنيا ويندا.