سنڌ ۾ ڪارنهن جو ڪاروبار ۽ ڪوٽن جون قيدياڻيون

0
139
سنڌ ۾ ڪارنهن جو ڪاروبار ۽ ڪوٽن جون قيدياڻيون

 آئون گهوٽڪي جي مانائتي مٽيءَ جو مرڪب آهيان، جنهن چمن جي چوڪيداري ڪندي شيرِ سنڌ چيڪي مٽي چکي دشمن کي چلتو ڪيو هو. سندس پيرائتي پچر ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لوڪ ادب تي لکيل ڪتاب “جنگناما” ۾ بيباڪ ۽ بهادر مائي بصران جي حوالي سان لکي ٿو ته، مير شير محمد ٽالپر دٻي واري جنگ واري دردناڪ دوکي مان دل برداشته ٿيڻ بعد دشمن کي ماٿيلي ۾ دسڻ لاءِ لميٽيڊ لشڪر وٺي شهدادپور جو سرو وٺي وڻراهه واچي رائلي واري راهه وٺي اچي ماٿيلي جي مهاڙ تي مورچابند ٿيو، ان دوران خوراڪ جي کوٽ ٿي پئي ته لالڻ لشڪر سميت لپ اٽي سان لپ چيڪي مٽي ملائي کائڻ بعد ماٿيلي قلعي تي ڪاهه ڪري دشمن کي دونالين جي دهڪاءُ ذريعي دسي گوڏن ڀر گسڪڻ تي مجبور ڪري قلعي تي قابض ٿي ديراجات جو دڳ ورتائين.

                 گهوٽڪي جو اصل نالو “صاحبن جي لوءِ” آهي، جتان جو سجاده نشين مير مشائخ سيد موسيٰ شاهه جيلاني مڻيادار موتي ٿي گذريو آهي، جنهن جو ڀٽ شاهه جو ڀلارو لالڻ لطيف لاجواب ۽ جگري دوست ٿي گذريو آهي، جيڪو ڪيترائي دفعا وٽس ويچار ونڊڻ ۽ سڪ سلوڪ کي ثابت قدم رکڻ لاءِ تشريف فرما ٿيندو رهيو آهي. سيد موسيٰ موقعي جو معياري مڙس هو، جيڪو خصوصي قدم کڻي خيرپور جي کهڙا شريف پهرين فرصت ۾ پهتو، جتي حضرت عبدالرحمان عيال ۽ احباب سميت هڪ لاچار عورت جي لڄ بچائيندي لهو لهان ٿي نور محمد ڪلهوڙي جي قهري ڪارروائي جو نشان بڻجي 222 افراد سميت شهيد ٿيو ته کين هڪ کوهه کوٽي اجتماعي قبر ۾ آسوده خاڪ بڻائي قل ڪانڌاڻا ڪري ڪيترو ئي عرصو تڏو وڇائي تعزيت وٺندو رهيو. اهو ئي نور محمد هو، جنهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي لحد ۾ لاهڻ لاءِ زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مگر ڀٽائي کيس موقعي تي معاف ڪري رقاصه گلان سان سندس رومانس تي ازدواجي رشتو قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏيئي کيس پٽ راڻي بڻائڻ جي پارت ڪري “گلان مان گل” پيدا ٿيڻ جي پيشنگوئي به ڪئي. نتيجي ۾ نور محمد ان مائي سان وهانءَ جا واجبات پورا ڪيا ته سندس بطن مان گوهر ناياب غلام شاهه پيدا ٿيو. جنهن گڊ گورننس سان گڏ ڀٽائي سان روحاني رغبت قائم ڪري ان راڻي جي مزار تي روضو ٺهرايو هو.

گهوٽڪيءَ جي نسبت سان سهائي سٿ جي ثابت قدم ان گلدستي کان گريز ڪرڻ گستاخي ٿيندي، جيڪو گذريل ڪيترن ئي ورهين کان وٺي ماين جي مسائل خلاف مهم ۾ مصروف عمل آهي. سندس مک مطالبو عورتن خلاف جبر جي غلاظت ۽ گدلاڻ کي ڏيهه نيڪالي ڏيئي عورت ذات جي عزت نفس، برابري ۽ آجپي کي اهميت ڏيئي عيان ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ هن دفعي مهندار ماين متفق ٿي عورت مارچ لاءِ گهوٽڪي جو ماڳ منتخب ڪيو، ڇاڪاڻ ته اتر سنڌ بالخصوص گهوٽڪي نسواني ناانصافين ۾ نمايان حيثيت ماڻي چڪو آهي. عورت جي ازدواجي حيثيت، وراثتي حق، سماجي رتبي، رهڻي ڪهڻي ۽ ديگر استحقاق لاءِ جدوجهد جا جهنڊا هاڻي روڊن رستن تي اچي چڪا آهن. مسلم معاشري ۾ عورت کي ماءُ جي حيثيت ۾ جنت سندس پيرن ۾ پسائي سندس پاڪيزه رتبي جو رواج وڌو آهي، بقول شاعر منور راڻا جي ته:

چلتي ڦرتي آنکون سي اذان ديکي هي

مين ني جنت تو نهين ديکي، مان ديکي هي

عورت جي سماجي رتبي کي عيان ڪندي ڪائنات جي ڪهڪشان قرار ڏيندي علامه اقبال ٻڌائي ٿو ته:

وجود زن سي هي تصوير ڪائنات مين رنگ

اسي ڪي ساز سي هي زندگي ڪا سوز درون

مگر هتي ته اسان جي معاشري ۾ مذڪوره اصولن جي انحراف ڪري عورت سان الٽو ورتاءُ ڪري ضرورت جي اشياءَ Essential Commodity کان وڌيڪ نٿو سمجهيو وڃي، بقول ساحر لڌيانوي جي ته:

عورت جي جنم ديا مردون ڪو

مردون ني اسي بازار ديا

جب جي چاها مسلا ڪچلا

جب جي چاها ڌتڪار ديا

اتر سنڌ جي اڪثر اضلاع ۾ انڌير ته اهو آهي ته عورت کي “زر، زمين ۽ زن” جي اصطلاح طور استعمال ڪري مالي مفادات لاءِ ڍال يا اوزار طور استعمال ڪري اذيت جو نشانو بڻائي مردانگي جو ڳاٽ اوچو ڪيو وڃي ٿو. آئون پنهنجو مثال کڻي اوهان آڏو عرض رکان ٿو ته مون پنهنجي خاندان سميت هڪ زميندار کان زرعي زمين زرخريد ڪئي ته مون سميت خاندان جي ڇهه ڄڻن کي ڪارو قرار ڏيئي ڪثير رقم ڀرائي وئي ۽ ڪارنهن الزام جي زد ۾ آيل ماين جي جيڪا مارڪيٽنگ ٿي ۽ کين منڊي جو مال سمجهي وڪري وارو وکر بڻايو ويو. سو هڪ الڳ اذيتناڪ داستان آهي. منهنجي خلاف ڪارنهن الزام ۾ ڪليدي ڪردار ان وڏيري گهڻو ادا ڪيو، جنهن سندس گهر ۾ پيدا ٿيندڙ 9 نياڻين کي نڀاڳ جي نشاني سمجهي سندس زال ذريعي قتل ڪرائي ڇڏيو هو. منهنجو قصور اهو هو ته مون سندس ڪڌي ڪرتوت خلاف قلم کنيو هو. مون کي پهريائين ڪچو ڪارو قرار ڏنو ويو ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ ڪجهه پئسا وٺڻ بعد الزام واپس وٺي بي ڏوهي يا ڳاڙهو قرار ڏنو ويو. مگر مذڪوره وڏيري جي زور ڀرڻ بعد ڪچو ڪارو مان ڪنفرم ڪارو قرار ڏئي جرڳائي جيوري ذريعي ڏنڊ ڀرايو ويو. اهڙو ئي هڪ واقعو تازو اتر سنڌ ۾ هڪ ڪاروباري شخصيت سان پيش آيو آهي، جنهن کي ٽي دفعا ڪارو قرار ڏئي جرڳائي جٺيون ڪرڻ بعد سندس ڀائيٽي کي هڪ سردار گهرائي ڪارو قرار ڏئي سندس ڪاروباري مرڪزن ۽ متعدد پئٽرول پمپم تي قبضي ڪرڻ جي منصوبابندي ڪرڻ سبب هو تنگ ٿي سمورو ڪاروبار ترڪ ڪري ٽڪي ٽوڪري وڪرو ڪري خاندان جي چاليهه گهرن سميت پنجاب جي علائقي ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي. منهنجي ئي علائقي جي اها ملوڪ ماهه جبين ۽ موچاري مائي مور نٿي وسري، جنهن کي ڪارنهن الزام تحت قتل ڪرڻ بعد کيس ساڳي وقت ٽن مردن سان ڪارنهن الزام ڏئي اهو جڙتو جواز پيش ڪيو ويو ته مذڪوره مائي هڪ مرد سان ته هاڻ ڏوهه جي مرتڪب ٿي آهي ته سندس ان کانسواءِ ٻن ٻين مردن سان ماضي ۾ ناجائز ڏوهه ۾ منسلڪ رهي آهي، تنهن ڪري اهي ساڻس ناجائز ناتن سبب ڪارا آهن. اهڙي الزام ۾ سندن سردار جي سهمت ٿيڻ بعد جرڳائي جوڙجڪ ذريعي ٽنهي مردن کان ڪثير قيمت بطور ڏنڊ ورتي وئي. منهنجي ئي علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل عورتن کي مارڻ ۾ مهارت رکندڙ ڪارنهن قتل جو ڪاريگر به ٿي گذريو آهي، جيڪو جرڳائي ‘جي آءِ ٽي’ جي آرڊر تحت مايون ماريندو رهيو آهي. ڪجهه عرصو ٿيو آهي، جو اهو شخص گذاري ويو آهي، مون سندس گفتگو رڪارڊ ڪئي آهي، جنهن موجب هن 13 قتل ڪيا هئا، جن ۾ 3 مرد ۽ 10 عورتون شامل آهن، آخر ۾ پاڻ به هڪ عورت سان ڪارو ٿيو ۽ جرڳائي جهان ۾ ڏنڊ ڏيڻ تي مجبور ٿيو هو.

هن وقت ڪيتريون ئي مايون ڪوٽن جي ڪلتارن جا ڪلور سهڻ لاءِ ڪثير تعداد ۾ قيد آهن ۽ مانين پچائڻ تي معمور آهن. مون اهڙين متعدد مجبور ماين جون درد ڪٿائون سندن مقيد خاني يعني “مستور خاني جي مهتمم” ماسين معرفت حاصل ڪيون آهن، جيڪي ڪربناڪ ڪيفيت تي مشتمل آهن، جن کي ڪتابي شڪل ڏيان پيو.

ڪارين کانسواءِ ڪيتريون ئي ڪنواريون به ڪوٽن ۾ قيد آهن، جن ۾ اڪثر کي حج يا عمرو ڪرائڻ بعد حق بخشرائي سندن زندگي زهر بڻائي ويئي آهي. اهڙين ڪيترين ئي ڪنوارين جي ڪربناڪ ڪهاڻين جو آئون اکين ڏٺو شاهد بڻجي نيڻ نيچا ڪري چڪو آهيان. سبب ايترو ئي اوهان سان احوال اورڻ اهميت جو حامل سمجهان ٿو ته پوزي اڏي کان ٿورو پرڀرو ٻن ڪوٽن ۾ 7 ڪنواريون قيد آهن، جن مان ٽي ته اهڙيون به سڳيون ڀينرون آهن، جن هڪ شخص کي اها به آڇ ڪئي ته اسان کي ڪوٽ مان ڪڍائي ڪنهن ساڻ ڏٺي ڏيهه ۾ اهڙي هنڌ شادي ڪراءِ، جتي ازدواجي زندگي سان آراسته ڪرڻ بعد فقط ٻن ويلن جي ماني ملي سگهي!!