چيف اليڪشن ڪمشنر سان پي ٽي آءِ وارا ڇو مليا؟

0
154
چيف اليڪشن ڪمشنر سان پي ٽي آءِ وارا ڇو مليا؟

مسلم  ليگ ن اندر نواز شريف جي واپسي جي حُالي سان ڳالهيون بحث هيٺ آهن. پارٽي جي اندر اهي ڳالهيون به آهن ته نواز شريف ٻن هفتن اندر ملڪ واپس ايندو. پارٽي جي اندر نواز شريف جي واپسي جا ڪيترائي سبب آهن. هڪڙا ته اهي سبب آهن جن سببن جي ڪري نواز شريف ملڪ کان ٻاهر ويو هو. پارٽي پهرين ڏينهن کان چئي رهي آهي ته نواز شريف کي جيئن ئي ڊاڪٽرن اجازت ڏني ته هو ملڪ واپس روانو ٿيندو. ان ڳالهه جي حقيقت پنهنجي جڳهه تي پر نواز شريف جي واپسي صحت کان وڌيڪ ملڪ اندر چونڊن سان مشروط آهي. نواز ليگ کي جيڪڏهن لڳو ته چونڊون سئو سيڪڙو ٿي رهيون آهن ته نواز شريف به سئو سيڪڙو ملڪ اندر هوندو.

                 اهو نواز شريف جي پارٽي ڪيترن ئي اجلاسن ۾ ذڪر ڪري چڪي آهي ته چونڊون ٿينديون ته نواز شريف جي چونڊ مهم سان ئي ٿينديون. ٻي صورت ۾ پارٽي کي وڏو سياسي نقصان پوندو. هاڻي ته شهباز شريف جي حڪومت جي نتيجي ۾ مهانگائي جو جيڪو طوفان آهي، جيڪو طوفان آءِ ايم ايف جي پروگرام سان اڃا به وڌيڪ عوام کي متاثر ڪندو، اهو مهانگائي جو طوفان نواز ليگ جي اميدوارن لاءِ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ ڏکيائيون به آنيندو. آصف زرداري به چئي ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ عمران خان جي مقبوليت ناهي پر مهانگائي آهي، جنهن جي ڪري عمران خان  جي مقبوليت نظر اچي ٿي. ان جو هڪڙو مقصد اهو ٿيو ته نواز شريف جا اتحادي به کيس چون ٿا ته مهانگائي جي ڪري اسان کي نقصان پئجي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ نواز شريف جو ملڪ واپس اچڻ نواز شريف پارٽي لاءِ وڏو رليف هوندو، پر اهڙي رليف کان پهريان پارٽي اندر اهو طئي ٿيڻو آهي ته ملڪ چونڊن ڏانهن وڃي پيو يا نه ان ڪري جو شهباز شريف سان مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري جي جيڪا ملاقات ٿي هئي، ان کانپوءِ مولانا فضل الرحمان جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي، ان مان لڳي رهيو هو ته پي ڊي ايم وارا چونڊن جي حق ۾ ناهن. هينئر تائين پنجاب جي چونڊن جي تاريخ اچي چڪي آهي پر ڪي پي جي گورنر کي اڃا تاريخ ڏيڻي آهي.

اها غير يقيني واري صورتحال برقرار آهي پر اليڪشن ڪميشن ۽ پي ڊي ايم جي سوچ پنهنجي آهي. ظاهر آهي ته پي ڊي ايم جي حڪومت آهي ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي به حڪومت جي ضرورت آهي. اليڪشن ڪميشن هينئر تائين جيڪي اجلاس ڪيا آهن انهن اجلاسن ۾ اليڪشن ڪميشن کي هينئر تائين چونڊن جي لاءِ گهربل مڪمل رقم ملڻ جو يقين ناهي ڏياريو ويو. ساڳئي وقت گهربل سيڪيورٽي جو هجڻ به ضروري آهي. اليڪشن ڪميشن جي راهه ۾ اهي وڏيون رنڊڪون آهن پر اليڪشن ڪميشن جا روز جي بنياد تي اجلاس ٻڌائي رهيا آهن ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي حوالي سان انتهائي سنجيده آهي. ان ڪري نواز شريف جي پارٽي به پارٽي اميدوارن کان درخواستون گهرائي ورتيون آهن، جڏهن ته ٽڪيٽون ڏيڻ جو عملي ڪم به نواز شريف جي مرضيءَ سان ٿيڻو آهي. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي سنجيدگي کانپوءِ هينئر ئي مريم نواز پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته اليڪشن ٿي رهي آهي،

ان ۾ حصو به وٺبو ڪاميابي به حاصل ڪبي. ان جو مقصد ته حڪومت کان ٻاهر واري نواز ليگ جي قيادت چونڊن لاءِ ذهني طور تيار ٿي چڪي آهي پر حڪومت وارا وزير مريم نواز جي انهيءَ بيانيي جو ذڪر به ڪن ٿا ته پهريون حساب برابر ٿيندو، پوءِ چونڊيون ٿينديون. قانون جو وفاقي وزير هجي يا وزيراعظم شهباز شريف پاڻ هجي، اهي هينئر تائين اهي سوال اٿاري رهيا آهن ته وفاق ۾ بنا نگران حڪومت جي چونڊ غير آئيني آهي، جڏهن ته سندس حڪومت جو وقت آڪٽوبر ۾ چونڊن جي اجازت ڏئي ٿو. مولانا فضل الرحمان وارن به چونڊ مهم شروع ناهي ڪئي. ڪي پي جو گورنر به صورتحال کي ڏسي رهيو آهي پر پي ٽي آءِ وارن کي اهو يقين ٿي هليو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ عملي تياري ڪري ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي رويي جي ڪري ئي پي ٽي آءِ وارا شاهه محمود قريشي، اسد عمر چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات لاءِ اليڪشن ڪميشن پهچي ويا.

پي ٽي آءِ وارا جيڪي توهين اليڪشن ڪميشن وارن ڪيسن سميت ڪنهن به ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڪجهه سمجهندا ئي نه هئا، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي لاءِ جيڪا ٻولي عمران خان وارا استعمال ڪندا آهن، اها سڄي جهان کي خبر آهي. هاڻي ته ڳالهه ته وڃي خاندانن تائين وڃي پهتي هئي، جنهن ڪري چوڌري فواد خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ان کي گرفتار به ڪرايو ويو پر هاڻي چوڌري فواد به مثبت ٽوئيٽ ڪري رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن لاءِ اهڙو رويو پي ٽي آءِ وارن جو پارٽي جي قيادت جي مرضيءَ سان تبديل ٿيو آهي. هاڻي عمران خان پنهنجن جلسن ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف شايد نه ڳالهائي.

اها خبر ناهي ته شاهه محمود قريشي وارا چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڪهڙي گارنٽي ڏئي آيا آهن پر جڏهن عمران خان ڳالهائيندو ته خبر پوندي. جيتوڻيڪ شاهه محمود قريشي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو سوال ئي پراڻو آهي، جڏهن اسان اليڪشن ڪميشن آيا آهيون ته ان جو مقصد ته اسان اها پل ڪراس ڪري آيا آهيون. اليڪشن ڪميشن ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ جيتوڻيڪ اها ملاقات ٿي چڪي آهي پر اليڪشن ڪميشن ۽ پي تي آءِ وچ ۾ لاهور جي سي سي پي او غلام محمود ڊوگر جي حوالي سان به مسئلو برقرار آهي.

اليڪشن ڪميشن ان کي هٽائي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ ان غلام محمود ڊوگر جي ڪيس ۾ نه رڳو ان کي واپس بحال ڪيو پر چونڊن جي حوالي سان پاڻ مرادو نوٽيس به ورتو. تحريڪ انصاف وارا انهن معاملن تي خوش آهن ته اليڪشن ڪميشڻ غلام محمود ڊوگر جي مسئلي تي ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي. هاڻي ڏسجي ته غلام محمود ڊوگر لاهور جو سي سي پي او رهي ٿو يا نه.

جيستائين مريم نواز پاران اهو مطالبو آهي ته چونڊن کان اڳ تارازي جا پڙ برابر ڪيا وڃن ته اهو ڪير ڪندو؟ هينئر ئي پريس ڪانفرنس ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ کان پڇيو ته توهان قانون جا وزير آهيو ان لاءِ قدم توهان کڻندو يا جج صاحبن کان مطالبو آهي؟ ته اعظم تارڙ جو جواب هو ته اهو خود احتساب جو عمل آهي اهو اسان جو معاملو ناهي.

ان کان اڳ راڻا ثناءُ الله به چونڊن جي حوالي سان ساڳيو موقف اختيار ڪيو هو جيڪو قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ جو آهي پر هاڻي رانا ثناءُ الله به مريم نواز جي جلسن ۾ شريڪ آهي

جنهن جو مقصد اهو ٿيو ته نواز شريف جي پارٽي هڪ ئي وقت چونڊون ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جي ڪيفيت مان گذري رهي آهي. راڻا ثناءُ الله کان جڏهن پڇيو ويو ته راڻا ثناءُ الله چيو ته چونڊن جي حوالي سان پي ڊي ايم جو اجلاس ٿي رهيو آهي، ان ۾ صورتحال واضح ٿيندي. حڪومت وارا اليڪشن ڪميشن آڏو ڪيترائي سبب بيان ڪن پر لڳي ايئن رهيو آهي ته اليڪشن ڪميشن حڪومت جي سمورن سببن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ حڪومت اڪيلي ٿي پوندي. ادارن کان عوام تائين دٻاءُ حڪومت تي ايندو ته اهي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن. ان ڪري حڪمران ڌر کي به چونڊن ۾ وڃڻو پونديو. جيڪڏهن حڪمران ڌر اهو واضح فيصلو ڪري ڇڏيو ته نواز شريف به ملڪ واپس پهچي ويندو.