مغرب جي تصوف ڏانهن موٽ

0
282
مغرب جي تصوف ڏانهن موٽ

 اڄ جي مغربي دنيا ۾ماڻهن وٽ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ دولت سان گڏ زندگي جون ايتريون آسائشون موجود آهن، جيتريون پهرين نسلن کي ميسر نه هيون. پر ڇا اڄ جو مغربي ماڻهو پاڻ کان پهرين آيل انسانن جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوش آهي؟ ان جو جواب شايد ها ۾ نه هجي. جن مغربي ملڪن ۾ ڊاڪٽرن، فلسفين ۽ سائنسدانن کي سب کان وڌيڪ نوبل انعام مليا آهن، اهي ئي سڀ کان وڌيڪ جنگي جنون ۽ انساني حقن جي پائمالي جو سبب رهيا آهن. جرمني جهڙي مهذب قوم، جنهن دنيا کي سب کان وڌيڪ فلاسافر ڏنا آهن، تنهن ماضي ۾انسانيت جو جيڪو حشر ڪيو، تنهن ته شيطان کي به شرمائي ڇڏيو هو.

                 آمريڪا جيڪو پاڻ کي انساني حقن ۽ جمهوريت جو علمبردار باور ڪرائي ٿو، تنهن، بقول آمريڪي پروفيسر جيفري سيڪس جي ته، صرف گذريل ٽيهن سالن ۾ پاڻ کان ڪمزور ملڪن تي هڪ سئو حملا ڪيا آهن. هن جي تاريخ هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي بي سبب ايٽم بم ڪرائڻ سان داغدار آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪجهه ماڻهن جو اهو سوچڻ ته اسان کي قديم ڏاهپ لاءِ جاکوڙڻ گهرجي، سمجهه ۾ ايندڙ آهي. مغربي دنيا، خاص ڪري آمريڪا ۾ تصوف تي نئين توجهه آئي آهي، جتي ماڻهو پنهنجي نفسياتي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ تصوف جي تانگهه ۾آهن. انهن ۾ وڏو تعداد سيڪيولر ماڻهن جو آهي، جيڪي مغربي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سائنس، رياضي ۽ بزنس جا علم پڙهيل آهن، جيڪي هاڻي تصوف ۾ زندگي جي سچ کي ڳولي رهيا آهن. مغربي معاشري ۾ انفراديت تمام گهڻي آهي، جيڪا انهن کي تصوف ڏانهن متوجهه ڪري ٿي، جيڪو ڪنهن پادري، پنڊت جي بجاءِ مالڪ سان سڌي تعلق جي ڳالهه ڪري ٿو. تصوف اهو سيکاري ٿو ته واحد سان وصال جو مزو اڪيلائي ۾آهي، جنهن ۾ٻئي ڪنهن به ڪردار جي ضرورت نه آهي، جڏهن ته پادري چاهيندو آهي ته بندي جو مالڪ سان تعلق هن جي وسيلي ئي رهي. روشن خيالي جي لهر پادري جي ڪردار کي سخت ضرب لڳائي هئي ۽ اها انهن معاشرن ۾ تصوف جي مقبوليت جو سبب بڻجي ٿي. مغربي معاشري ۾ تصوف جي قبوليت جو ٻيو اهم سبب صوفين جو انتهاپسندي جي مخالفت ڪرڻ آهي. انتهاپسندي جا گهڻا پهلو آهن، جن ۾ سياسي ۽ مذهبي انتهاپسندي کان علاوه ماحولياتي انتهاپسندي به شامل آهي. اها انسانيت جي بدقسمتي آهي جو ترقي ۽ خوشحالي جي نالي ۾ مغربي معاشري ماحوليات ۽ قدرت جو جيڪو نقصان ڪيو آهي، تنهن هاڻي انسان جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي

تصوف جي شروعات

تصوف ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪئين آيو؟ ان جو جواب ڳولڻ آسان نه آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ان سوال جو جواب اسان کي شايد مڪمل طور ملي به نه سگهي. تصوف تاريخي عمل آهي، جيڪو اوائلي دور کان پنهنجي اندر وقت ۽ حالتن موجب تبديليون آڻي ان ۾ توسيع ڪري رهيو آهي. تصوف جي ڪجهه پهلوئن تي تنقيد به ٿيندي رهي آهي، خاص ڪري صوفين جا ايوانِ اقتدار سان لاڳاپا، جن تي پڻ بحث ٿيڻ گهرجي. تصوف ۾ مذهبي عنصر موجود آهي، ان کان آئون انڪاري نه آهيان پر ڇا تصوف کي انهيءَ ڪري نه پڙهجي؟ اسان پسند ڪريون يا نه پر مذهبي روايتون اسان جي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود رهن ٿيون، پوءِ ڀلي اسان ڪيڏا به ترقي پسند ڇو نه هجون. نيچا ته ترقي پسند جرمنن کي منافق سڏيو هو، جيڪي سڄو هفتو مذهب جي خلاف ڳالهائيندا هئا ۽ آچر تي وري چرچ ۾ گناھ معاف ڪرائندا هئا. ڪجهه مغربي مفڪرن دليل ڏنا آهن ته مارڪس ازم، قومپرستي ۽ ٻيا نظريا ۽ تحريڪون در حقيقت قديم مذهبن جون جديد شڪليون آهن. ڪارل مارڪس جو ڪميونسٽ انقلاب کي تاريخ جو خاتمو سمجهڻ، ڪجهه مفڪرن جي خيال ۾ جنت جي تعبير هئي.

تصوف ۽ جوڳ

تصوف ۽ جوڳ ٻه الڳ طريقا چئي سگهن ٿا پر انهن جو مقصد ۽ منزل ساڳي آهي. انهن ٻنهي ۾ فرق سمجهائڻ لاءِ آئون ائين چوندس ته تصوف ۾ذهن. فڪر ۽ فلسفيانه ميٽافزڪس تي گهڻو زور هوندو آهي، جڏهن ته جوڳ ۾ وري قناعت،فزيڪل ۽ جسماني نظم ۽ ضبط تي زياده زور هوندو آهي. ان جو مطلب اهو نه آهي ته صوفي جسماني نظم ضبط نه رکندو آهي ۽ جوڳي، يوگي، مست، سامي وري روحانيت کي وساري ڇڏيندو، فرق صرف ليول جو آهي ته ڪير ڪنهن کي وڌيڪ اهم سمجهي ٿو. انسان لاءِ زندگي جو آسائشون ۽ لذتون ڇڏڻ آسان نه آهي ۽ هو اهي ڪنهن مقصد جي ڪري ئي ڇڏي سگهي ٿو. جوڳ ۽ تصوف جو مقصد ساڳيو آهي. ٻنهي ۾ عارفاڻي موسيقي گڏيل آهي. مست ۽ صوفي ٻئي پنهنجي پنهنجي مشاهدن سان وجدان جي ڪيفيت ۾ اچن ٿا

تصوف ڇا آهي؟

تصوف مختلف خيالن، طريقن، عملن، روايتن ۽ تجربن جو گڏيل گلدستو آهي، جنهن کي دنيا ۾ الڳ الڳ نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. اسلامي دنيا ۾ ان کي صوفي ازم سڏجي ٿو، عيسائي دنيا ان کي مِسٽس ازم جو نالو ڏي ٿي، يهودي ان کي قبالا سڏين ٿا. انهن سڀني جي اندر موجود خيالن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. مسٽس ازم ۽ قبالا جي اڀياس خاص ڪري ان جي اندر افلاطوني فلسفي کي پڙهي اسان تصوف جي مشڪل سوالن جو جواب ڳولي سگهون ٿا.

منهنجي خيال ۾ افلاطوني فلسفي ۽ تصوف جي وحدت الوجود جي فڪر ۾ ڪافي خيال ملندڙ جلندڙ آهن.تصوف افلاطون کان پهرين به موجود هو پر افلاطون ان جي مشڪل سوالن کي آساني سان سمجهايو آهي. افلاطون جي وڏي خدمت اها آهي ته هُن ان سڄي علم کي نه صرف نثر ۾ تحرير ڪيو پر هُن فلسفين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، بحث مباحثي، سوالن ۽ جوابن کي تمام آسان لفظن ۾ لکيو هو، جنهن کي پڙهڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ پرهندڙ ڪو نثر پڙهي رهيو آهي. هن پنهنجي فلسفي ۽ فنڪارانه صلاحيتن جو خوب ميلاپ ڪيو آهي.

اڄ تائين فلسفي ۽ تصوف کي ايتري سادگي سان ڪنهن نه لکيو آهي. اسان جي تصوف تي افلاطون جي فلسفي جو اثر ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته صوفي ابنِ عربي کي نئون افلاطون يا ابنِ افلاطون چيو ويندو آهي. ابن عربي پنهنجي ڪتاب فتوحاتِ مڪه ۾ افلاطون کي ”افلاطونِ الاهي“ جو لقب ڏي ٿو. هو لکي ٿو ته ”حق هميشه حق آهي. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته اهو ڪير ٿو چوي،” ابنِ رشد جي خيال ۾ ابنِ سينا تي ارسطو جي فلسفي جو اثر آهي. ارسطو افلاطون جو شاگرد هو ۽ باوجود ٻنهي جي راهن الڳ ڪرڻ جي افلاطون کي سمجهڻ کان سواءِ ارسطو کي سمجهڻ مشڪل آهي. ابنِ رشد پاڻ افلاطون جي ڪتاب ريپلڪ جو ترجمو ڪيو هو. افلاطون پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾هو اهو چوي ٿو ته فلسفو فقط ڪتابن وسيلي نه ٿو سمجهائي سگهجي، ڇو جو فلسفو زندگي جو طريقو آهي ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ وجدان ۽ مشاهدن مان فائدو پرائي سگهجي ٿو. اهي چند عمومي مثال آهن جيڪي افلاطوني فلسفي ۽ تصوف جي تعلق کي سمجهائن ٿا. ايندڙ ڪالمن ۾ افلاطون جي وحدت، وجود، انصاف، سونهن، رياست ۽ ٻئي فڪر تي ڪجهه خيالن تي ويچار ڪنداسين