ڪراچي(م ڊ) سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) صنعنن کي پندرنهن نومبر کان ايندڙ ٽن مهينن لاءِ گئس جي سپلاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايس ايس جي سي جو چوڻ آهي ته صنعتن کي پندرنهن نومبر کان 28 هين فيبروري تائين گئس فراهمي بند رهندي، گئس جي کوٽ سبب صنعتن کي گئس فراهم نٿا ڪري سگهون. ايس ايس جي سي وڌيڪ چيو ته پهرين ترجيح بلوچستان ۽ سنڌ جي گهريلو واهپيدار آهن، جڏهن ته فيصلو لوڊ مئنيجمينٽ تحت ڪيو ويو آهي.