حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ تعليم کاتي کي حڪم ڏنو آهي ته ٽنڊو الهيار  سميت سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولي استادن جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي. گڏوگڏ تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري اسڪولن ۾ استاد مقرر ڪري 16 فيبروري تي پاڻ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي. ڳوٺ حاجي احمد لغاري جي رهواسي جهانزيب لغاري پنهنجي وڪيل عبدالمالڪ شيخ معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ سندس موقف آهي ته 2018ع دوران سندن ڳوٺ ۾ قائم پرائمري اسڪول جو استاد رٽائرڊ ٿيڻ بعد تعليم کاتي نئون استاد مقرر ڪرڻ بدران اسڪول کي ئي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري گذريل ٽن سالن کان 30 کان وڌيڪ ٻار تعليم کان محروم بڻيل آهن. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته تعجب جي ڳالهه آهي ته ميٽرڪ پاس نائب قاصد اسڪول ۾ ٻارن کي تعليم پيو ڏي جنهن بابت تعليم کاتي پاڻ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي. عدالت عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جي پنهنجي رپورٽن مطابق بند پيل اسڪولن جو سبب استادن جي کوٽ ڄاڻايو ويو آهي، پوءِ اوهان انهن اسڪولن کي هلائڻ لاءِ استاد ڇو نٿا مقرر ڪيو. عدالت تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته بند پيل اسڪولن لاءِ ڊويزنل سطح تي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا ڳوٺن ۾ بند پيل اسڪولن جي جائزي سان گڏ ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪري سموري صورتحال جو جائزو وٺي. عدالت تعليم کاتي کي حڪم ڏنو ته سمورا بند پيل اسڪول کولڻ سان گڏ استادن جي مقرري کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ۽ اها رپورٽ ايڊيشنل رجسٽرار معرفت ايندڙ ٻڌڻي تائين عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.