ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب ڪيچ ۾ سيڪيورٽي جي چيڪ پوسٽ تي حملو 25 ۽ 26 جنوري جي رات ٿيو، دهشتگردن جي حملي ۾ 10 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب ڪليئرنس آپريشن ۾ 3 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن، واقعي جي ذميوارن جي ڳولا جاري آهي.