اسلام آباد: (م ڊ) يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف شيون مهانگيون ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. جڏهن  ته وفاقي ناڻي واري وزارت پهرين فيبروري تي تيل مهانگو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت کي يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه، آئل ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي صرف سميت ڪيتريون ئي ٻيون شيون مهانگيون ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. رپورٽ موجب يوٽيلٽي اسٽورز تي هڪ دفعو ٻيهر شين جون قيمتون وڌائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي. هن ڀيري حڪومت کي مختلف برانڊز جا گيهه، ڪوڪنگ آئل، ڪپڙن ڌوئڻ جو سرف ٽوٿ پيسٽ ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب قيمتن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟ ان تجويز کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. ٻئي طرف ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هينئر ئي چوان ٿو ته پهرين تاريخ تي تيل اگهن ۾ اضافو اڻٽر آهي، معاشي ترقي پنج يا 5.5 سيڪڙو سان ٿي رهي آهي.