سنڌ ڪابينا: سرڪاري ادارن کي ڏنل قرض معاف

0
153

سنڌ ڪابينا 80 واري ڏهاڪي کان 2013 تائين مختلف سرڪاري ادارن کي ڏنل قرض معاف ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، مختلف ادارن کي 7 ارب 2 ڪروڙ رپين جا قرض ڏنا ويا هئا

ڪراچي: سنڌ ڪابينا 80 واري ڏهاڪي کان 2013 تائين مختلف سرڪاري ادارن کي ڏنل قرض معاف ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مختلف ادارن کي 7 ارب 2 ڪروڙ رپين جا قرض ڏنا ويا هئا، قرض وٺندڙ ڪيترائي ادارا بند ٿي چڪا آهن، انهن ادارن کان قرضن جي اوڳاڙي ممڪن نه آهي

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۽ توانائي واري وزير جي ماتحت فنانس جي سب ڪميٽي قرض معاف ڪرڻ جي سفارش ڪئي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪي ڊي اي، ايڇ ڊي اي، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، واپڊا، ايس آر ٽي سي ۽ ٻين ادارن جا لون معاف ڪيا ويا آهن، سئي سدرن، سنڌ ڪوآپريٽو بينڪ، ٻيلي کاتي، سنڌ شوگر ڪارپوريشن، شاهه لطيف يونيورسٽي ۽ خوراڪ کاتي جا لون به معاف ڪيا ويا

هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا جي منظوري سان سيسي جي ملازمن کي پينشن ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو

شرجيل ميمڻ موجب ڪراچي ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل جي جاچ جاري آهي، هڪ شڪي جوابدار گرفتار به ٿيو آهي

هن کي به پڙهندا

سنڌ سرڪار پاران لائيو اسٽاڪ کاتو من پسند آفيسرز حوالي