ڪولمبو ٽيسٽ: پاڪستان سريلنڪا کي تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي

0
196
ڪولمبو ٽيسٽ: پاڪستان سريلنڪا کي تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي
ڪولمبو ٽيسٽ: پاڪستان سريلنڪا کي تاريخي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم نعمان علي جي خطرناڪ بالنگ سبب سريلنڪا کي ڪولمبو ٽيسٽ ۾ اننگ ۽ 222 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

ٻن مئچن تي مشتمل سيريز جي ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ مئچ  ڪولمبو ۾ جاري هئي راند جي چوٿين ڏينهن قومي ٽيم پنهنجي پهرين اننگ 5 وڪيٽن تي  575 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي ۽ ميزبان ٽيم مٿان 410 رنسن جي برتري حاصل ڪئي

سريلنڪا پنهنجي ٻئين اننگ جي شروعات بهتر نموني ڪئي پر 66 رنسن تي پهرين وڪيٽ ڪرڻ بعد سنڀالي نه سگهي سمورا بيٽسمين نعمان علي جي بالنگ اڳيان بيوس بڻجي ويا اهڙي ريت پوري ٽيم 188 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي

نعمان علي شاندار بالنگ ڪندي 7 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته نسيم شاهه پڻ 3 رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو

واضح رهي ته پاڪستان جي پهرين اننگ ۾ اوپنر عبدالله شفيق شاندار ڊبل سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته سلمان علي آغا سينچري، سعود شڪيل ۽ محمد رضوان ففٽيز اسڪور ڪيون هيون

پاڪستان ان اڳ گال ٽيسٽ ۾ پڻ ڪاميابي ماڻي هئي انڪري ٻن مئچن واري سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي وائيٽ واش شڪست نصيب ٿي