سنڌ سرڪار پاران لائيو اسٽاڪ کاتو من پسند آفيسرز حوالي

0
133

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران لائيو اسٽاڪ کاتو من پسند آفيسرز حوالي، سيڪريٽري ۽ وٽرنري ڊاڪٽرز ۾ اختلاف شروع، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ حفيظ سيال ۽ سندس پرائيوٽ سيڪريٽري آدم نبي کوسو تي وٽرنري ڊاڪٽرز پاران رشوت سميت ٻيا سنگين الزام هنيا ويا آهن

 سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪانفرنس ڪندڙ 4 ڊاڪٽر گھر ڀيڙا، هڪ ڊاڪٽر کي سزا طور ٿر اماڻيو ويو، وٽرنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر عبدالقدوس ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ميرپورخاص حاڪم جلباڻي کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

 بدين جي سينيئر وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر اويس ميمڻ ۽ سجاول جي سينيئر وٽرنري آفيسر علي حسن جت کي به انتقام طور رپورٽ ڪرايو ويو، سيڪريٽري خلاف ڪيل پريس ڪانفرنس تي ڪمينٽس ڪندڙ ٺٽي جي ڊاڪٽر منظور گراماڻي کي به سزا طور ٿر بدلي ڪيو ويو

 لائيواسٽاڪ کاتي ۾ چيف سيڪريٽري جي منظوري بِنا بدلين ۽ مقررين وارا آرڊر جاري ٿيڻ وارو اسڪينڊل به سامهون اچي چڪو، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ حفيظ سيال پاران چيف سيڪريٽري جا اختيار استعمال ڪرڻ واري معاملي جي جاچ به شروع نه ٿي

هي به پڙهندا

فوج خلاف ڳالهائڻ ڏوهه قرار: آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظور