رضا رباني: آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري “انڌي قانونسازي” قرار

0
151

حڪومت آرمي ايڪٽ بابت ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، رضا رباني چيو ته آئون هن انڌي قانونسازي کي تسليم نٿو ڪريان،  ايوان مان واڪ آئون ٿو ڪريان

اڄ پارليامينٽ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي: رضا رباني

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري کي “انڌي قانونسازي” قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته رضا رباني ايوان مان واڪ آئوٽ به ڪري ويو

رضا رباني چيو ته اڄ پارليامينٽ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، آرمي ايڪٽ واري ترميمي بل ۾ تجويز ڪيل اسان جي ترميمن کي نظرانداز ڪيو ويو، اوچتي ۽ انڌي قانونسازي بابت اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو

هن چيو ته اسان کي اها خبر ئي نه آهي ته منظور ڪرايل بلن ۾ ڇا موجود آهي، اهڙي تڪراري قانونسازي خلاف احتجاج طور ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪيان ٿو

هي به پڙهندا

فوج خلاف ڳالهائڻ ڏوهه قرار: آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظور