پاڙيسري نه ٿو چاهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان ترقي ڪري: وزيراعظم شهباز شريف

0
105
پاڙيسري نه ٿو چاهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان ترقي ڪري: وزيراعظم شهباز شريف
پاڙيسري نه ٿو چاهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان ترقي ڪري: وزيراعظم شهباز شريف

وزير اعظم شهباز شريف آرمي چيف سان گڏ بلوچستان جي دوري تي پهتل آهي، جتي هُن مختلف تقريبن کي خطاب دوران بلوچستان جي ترقي نه ڪرڻ جو ڪارڻ ڀارت ۽ ٻين کي قرار ڏنو

ڪوئيٽا: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جو اوڀر وارو پاڙيسري نه ٿو چاهي ته بلوچستان ۽ پاڪستان ترقي ڪري، پاڪستان ڊفالٽ جي خطري مان ٻاهر نڪري آيو آهي

هن چيو ته ڏکئي وقت ۾ جن دوست ملڪن مدد ڪئي انهن جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض آهي

گوادر ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومتي دور ۾ گوادر جا ترقياتي ڪم روڪيا ويا

هن چيو ته گوادر کي دنيا جو نمبر ون سي پورٽ بڻائينداسين، پرڏيهي سيڙپڪارن کي تحفظ فراهم نه ڪنداسين ته پاڪستان ۾ ڪو به سيڙپڪار نه ايندو