اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

0
333
اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 7 ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءٌ ۽ ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو هو، وارثن پوليس جي موقف کي رد ڪيو هو، جڏهن ته آءِ جي اڄ ڪاميٽي پڻ جوڙي آهي

ڪراچي: آءِ جي سنڌ ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ جي سربراهي ۾ 8 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ڪميٽي ۾ ايس ايس پي ڏکڻ اسد رضا، ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور، ايس ايس پي انويسٽيگيشن ابريز عباسي ۽ سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب شامل آهن

ڪميٽي ۾ ڊي ايس پي ڊفينس آغا اصغر، ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ ڊفينس به شامل آهن

جاچ ڪميٽي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ لاءِ ڪنهن به آفيسر کان مدد حاصل ڪري سگهندي

ڪميٽي واقعي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت روزاني بنياد تي آءِ جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندي

هن کي به پڙهندا

اڪرم ابڙو ۽ پٽ شهريار جي جيڪب آباد ۾ تدفين، سوڳ ۾ ڪاروبار بند

آءِ جي سنڌ کي بااختيار بڻائڻ جو حڪم