سنڌ ڪابينا سال 2022ع ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
406

سنڌ ڪابينا سال 2022ع ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سال 2012ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ 193 استاد کي مقرر ڪرڻ جي به منظوري، انٽرويو، آفر ۽ ميڊيڪل ليٽر جاري ٿيل اُميدوارن کي ڀرتي ڪريو ويندو، سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 2012ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اهڙن 104 اُميدوارن کي به ڀرتي ڪيو ويندو، جِن جو ميڊيڪل 4 هفتن کانپوءِ ٿيو هو، سنڌ ۾ پکين جي شڪار تي هڪ سال تائين پابندي لاڳو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ ۾ ڪيترائي پکي به مري ويا، پکين جي واڌ ويجهه لاءِ شڪار تي پابندي لڳائي اٿئون، ڪابينا سنڌ وائيلڊ لائيف پروٽيڪشن، پزيرويشن اينڊ مئنيجمينٽ رولز 2022ع جي به منظوري ڏئي ڇڏي