ڪراچي جي ٽن وڏين اسپتالن جا انتظام 25 سالن لاءِ سنڌ سرڪار کي ڏيڻ جو معاهدو منظور

0
276

ڪراچي جي ٽن وڏين اسپتالن جا انتظام 25 سالن لاءِ سنڌ سرڪار کي ڏيڻ جو معاهدو منظور، سنڌ ڪابينا وفاق سان طئه ٿيل معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

معاهدي تحت سنڌ حڪومت 25 سالن تائين جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ جو ڪاروهنوار هلائيندي، سنڌ سرڪار اسپتال هلائڻ، ملازمن جون پگهارون، دوائن جي خريداري ۽ انتظاميا مامرا هلائڻ جو خرچ ڀريندي

ڪابينا کي بريفنگ دوران چيو ويو ته آگسٽ 2022 ۾ وفاق ۽ سنڌ سرڪار معاهدي تي ڳالهيون ڪيون، ٻنهي حڪومتن 25 سالن جو معاهدو ڪيو آهي، منظور ٿيل معاهدو وفاقي ڪابينا ۾ منظوري لاءِ اُماڻيو ويندو

ڪابينا دوائن جي خريداري تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لاءِ 43 ڪروڙ 41 لک روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نواب شاهه ۾ بينظير انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽ قائم ڪرڻ وارو بل منظور، انسٽيٽيوٽ جي قيام لاءِ ايس آءِ يو ٽي طرفان فني مدد ڪئي ويندي…